جڏهن اهو چئبو ته سنڌ ۾ پيپلزپارٽيءَ جو متبادل ڪونهي ۽ ايندڙ چونڊن ۾ به پيپلزپارٽي ئي کٽي ايندي ته پوءِ سڀ کان پهريون الزام اهو لڳندو ته اهڙي ڳالهه ڪندڙ پيپلزپارٽي جا ايجنٽ آهن يا پ پ جي پروپئگنڊا جو شڪار آهن ۽ ٻي اها ڳالهه ڪبي ته سائين پيپلزپارٽيءَ پنج سالن ۾ ڪيو ڇا آهي؟ سوال ڪندڙ دوست خود ئي جواب به ڏين ٿا ته سائين ڪرپشن، اقرباپروري، نوڪريون کپائڻ، سنڌ جو سودو ڪرڻ، ٻوڏ جي ستايلن جا پئسا کائڻ وغيره وغيره. جيتوڻيڪ پيپلزپارٽي سرڪار جي ساڍن چئن سالن جي ڪارڪردگي ڳڻائڻ سرڪار جو ڪم آهي. سرڪار ڇا ڪيو ڇا نه ڪيو ان بابت سرڪار جا ڪارناما اشتهارن جي صورت ۾ ميڊيا ۾ اچي رهيا آهن. جيتوڻيڪ هن سرڪار جي ميڊيا پهرين ڏينهن کان وٺي هڪ ته ڪمزور رهي ۽ ٻيو ته ميڊيا صرف هڪ پارٽيءَ کي نشانو بڻايو. تاريخ ۾ اهڙو مثال نه ٿو ملي. ٿورو ماضيءَ ۾ ٿا هلون ته 1997ع ۾ ايندڙ نواز شريف سرڪار هڪ وڏي اخبار گروپ کي نشانو بڻايو هو ته محترمه بينظير ڀٽو سميت سموريون ڌريون ۽ صحافي تنظيمون ان اخبار سان گڏ هيون. ان اخباري گروپ نواز شريف خلاف لکيو ته نواز شريف مٿس به ائين ئي حملو ڪرايو هو، جيئن سپريم ڪورٽ مٿان حملو ڪرايو ويو هو. مون ان دوران اڄوڪي سڀ کان وڏي ميڊيا گروپ جي مالڪ کي ڪراچي پريس ڪلب جي آڳنڌ تي روئيندي ۽ ڳوڙها ڳاڙيندي ڏٺو هو. سندس لفظ هن ريت هئا ”يه ميري بچون (اخبارن) ڪو ختم ڪرانا چاهتي هين. آج مين هاٿ جوڙ ڪر آپ ڪي (صحافيون) عدالت ۾ آيا هون.“ پوءِ صحافي تنظيمن سندس ساٿ ڏنو. چوڻ جو مطلب آهي ته جيترو ڪجهه گذريل ساڍن چئن سالن ۾ ميڊيا پيپلزپارٽيءَ سان ڪيو ايترو ٻيو ڪير شايد برداشت ڪري سگهي. ڪمزور ميڊيا ٽيم هوندي به پيپلزپارٽيءَ مقابلو ڪيو. سرڪار جي ڪارڪردگيءَ جي باري ۾ ڳالهائيندي ڪجهه ڳالهيون ٿلهي ليکي ڪبيون. جيتوڻيڪ مون وٽ درست انگ اکر موجود ناهن. سرڪار تي سنڌ ۾ سياسي حوالي سان اها تنقيد آهي ته ان اتحادي ڌر جي مرضيءَ تي سنڌ جي شهرن مان هٿ پٽي ڇڏيا. سنڌ ۾ ڪمشنري نظام ختم ڪري صوبي اندر ٻن الڳ الڳ نظامن جو اعلان ڪرڻ سندس غلطي هئي جنهن جي خلاف سنڌ ۾ تاريخي هڙتال ٿي هُئي ۽ سرڪار کي پنهنجو نوٽيفڪيشن واپس وٺڻو پيو. سنڌ جي شهرن ۾ سنڌي ماڻهن سان سرڪاري ۽ قانوني سطح تي شروع ٿيل ناانصافين کي پيپلزپارٽي سرڪار جاري رکيو. جهڙو ڪراچي جي يونيورسٽين ۾ سنڌي شاگردن جي داخلا تي بندش برقرار رهي. ان جي دور ۾ لياري ۾ ميڊيڪل يونيورسٽي قائم ڪئي وئي پر ان فيصلي تي پيپلزپارٽي سرڪار جو رويو سنڌ جي فائدي ۾ نه رهيو. ڪراچي شهر ۾ دهشتگردي سڄو عرصو جاري رهي، هزارين بيگناهه ماڻهو ماريا ويا، جنهن ۾ خود پيپلزپارٽيءَ جا سوين ڪارڪن ۽ اڳواڻ شامل آهن. عملي طور ڪراچي ۽ حيدرآباد جو ڪنٽرول اتحادي ڌر وٽ ئي رهيو. لياري ۾ آپريشن ٿيڻ ۽ پيپلزپارٽيءَ جي غلط حڪمت عمليءَ سبب سندس پنهجي ئي ڳڙهه ۾ ڪارڪنن جي ناراضگيءَ کي منهن ڏيڻو پيو پر جيڪڏهن اچون ٿا ڪارڪردگيءَ ڏانهن ته ڪجهه تمام وڏا سياسي ڪارناما آهن ۽ ڪجهه عوامي سطح جا اهم فيصلا آهن جيڪي تاريخ ۾ آهن ۽ ڪير به اڄ تائين نه ڪري سگهيو. مثال طور سنڌ ۾ مختلف سرڪاري ادارن مان ڪڍيل هڪ لک جي لڳ ڀڳ سرڪاري ملازمن کي بحال ڪرايو ويو جيڪا ننڍي ڳالهه ناهي. اين ايف سي ايوارڊ ڏيارڻ، ارڙهين ترميم تحت ڪنڪريٽ لسٽ ختم ڪري 15 وزارتن جو ڪنٽرول صوبن جي حوالي ڪرڻ، ڪالا باغ ڊيم بابت واضح طور موقف اختيار ڪرڻ، سنڌ ۾ لاڳيتو ٻه سال آيل هاڃيڪار ٻوڏن کي منهن ڏيڻ ۽ لکين دربدر ماڻهن جي واهر ڪرڻ، وطن ڪارڊ، پاڪستان ڪارڊ ذريعي ان کي شفاف بڻائڻ. بينظير ڀٽو انڪم سپورٽ پروگرام ذريعي غريبن جي مدد ڪرڻ، سنڌ ۾ عورتن ۾ زمينون ورهائڻ، ڪراچي ۾ ٻهراڙين جي سوين ڳوٺن کي پڪو ڪرائڻ، سنڌ اندر ثقافتي سرگرمين کي زور وٺائڻ سميت اهڙا ڪيترائي ڪارناما هوندا جيڪي تفصيل سان ڳڻائي سگهجن ٿا. هر سرڪاري کاتي وٽ ان جا تفصيل هوندا ۽ تفصيلي رپورٽون به هونديون پر ٿلهي ليکي گذريل ساڍن چار سالن ۾ گهڻو ڪجهه ٿيندو رهيو. بدعنوانين، ڪرپشن ۽ اقربا پرورين باوجود هزارين ماڻهن کي روزگار مليو آهي. فرض ڪريو جيڪڏهن پيپلزپارٽيءَ پنج سالن ۾ ڪجهه نه ڪيو هوندو کيس ٻيهر عوام جي آڏو وڃڻو آهي، ووٽ گهُرڻو آهي. جيڪڏهن سنڌ جي عوام کي ڪجهه نه مليو ته عوام پاڻ ئي سندس حساب ڪتاب برابر ڪندو. پر سندس مقابلي ۾ جيڪي ماڻهو ور کڻي رهيا آهن اُهي به سڀ جو سڀ آزمايل آهن. ميان نواز شريف جون گذريل ٻه حڪومون ۽ جنرل مشرف جون ٻه سرڪارون به رڪارڊ تي آهن. هي سڀ جو سڀ آزمايل ماڻهو انهن حڪومتن ۾ رهي چُڪا آهن. اهو ڪم ته سرڪار جو آهي ته انهن حڪومتن جي رڪارڊ ۽ پنهنجي ڪارنامن کي کڻي عوام جي سامهون پيش ڪري. غربت ۽ مهانگائي جي شرح وڌندي رهي آهي. اڃا به وڌي رهي آهي ۽ ايندڙ حڪومت جنهن جي به ايندي اُها غربت ۽ مهانگائي جي طوفان کي روڪي نه سگهندي، ان ڪري ٿلهي ليکي پيپلزپارٽيءَ جي ڪارڪردگي ايڏي خراب ناهي جو صرف ڪارڪردگيءَ کي بنياد بڻائي سندس مخالف ڪو چونڊ کٽي سگهن ٿا. سنڌ اندر سياسي تبديليءَ لاءِ ڪو مضبوط متبادل ڪنهن نئين سياسي پروگرام سان عوام وٽ اچي ها ته ٻي ڳالهه آهي. سچ اهو آهي ته سنڌي قومپرست بهرحال سنڌ ۾ پيپلزپارٽيءَ جو متبادل ناهن. نه وٽن ايڏا وسيلا آهن نه ڪو ايڏو وڏو پئسو، جڏهن قومي اسيمبليءَ جي هڪ سيٽ کٽڻ لاءِ ڪروڙين روپيا خرچ ڪرڻا پون. پيپلزپارٽيءَ جهڙي وڏي پارٽي ئي مڊل ڪلاس کي پارليامينٽ ۾ موڪلي سگهي ٿي، جيئن تازو سينيٽ ۾ پيپلزپارٽيءَ جي عاجز ڌامراهه، ڪريم خواجه ۽ سعيد غني جهڙن مڊل ڪلاس جي ماڻهن کي سينيٽر بڻايو آهي جيڪي پارٽيءَ جا نج ڪارڪن آهن يا عورتن جي خاص سيٽن تي اڪثر مڊل ڪلاس جون عورتون ايم پي ايز بڻجي ويون جيڪي عام طور تي نه ٿيون بڻجي سگهن. پر ياد رکڻ گهرجي ته پيپلزپارٽي گهڻ طبقاتي جماعت آهي اُها پاڻ کي لبرل ڊيموڪريٽڪ ڌر سمجهي ٿي پر ان ۾ پورهيت ۽ مڊل ڪلاس سان گڏ سيٺ، سرمائيدار، جاگيردار، وڏيرا، ڪامورا، ريٽائرڊ جرنيل سڀ جو سڀ موجود آهن. ان ڪري سندس پنج سالن جي ڪارڪردگي ان بنياد تي ڳڻي ويندي. وٽس رحمان ملڪ، ڊاڪٽر عاصم ۽ اسلام الدين شيخ به سنڌ ۾ آهن. سنڌ جو عوام هر اليڪشن ۾ پنهنجو حساب چُڪتو ڪندو آهي ان ڪري عوام دوست ڌرين کي پريشان ٿيڻ جي ضرورت ناهي. ملڪ ۾ تبديليءَ جو اڃا تائين واحد رستو ”ووٽ“ آهي يعني پارلياماني تبديلي، انقلاب جو ڪو به رستو نظر نه ٿو اچي. سماجي تبديليءَ جو ڪو به پروگرام اڃا تائين اثرانداز نه ٿي سگهيو. نه سوشلزم، نه سوشل ڊيموڪريسي، نه چيني قسم جو انقلاب نه ڪي اسلامي طرز جي رياست، نه سنڌوديش نه فلاحي رياست. صرف هڪڙو ئي رستو آهي پارلياماني سرشتو ۽ جمهوري انداز ۾ تبديلي. هڪ چونڊيل سرڪار پنهنجو وقت پورو ڪرڻ سان گڏ ئي چونڊون ڪرائي اقتدار نئين چونڊيل ڌر کي منتقل ڪري. جمهوريت ئي هڪ بهترين رستو آهي جيڪڏهن ان ۾ ڪنهن به ڌر رڪاوٽ وڌي ڪو مسئلو ڪيو ته رستا آمريت ۽ مارشل لا ڏانهن کلندا. سرڪار، مخالف ڌر، سپريم ڪورٽ ۽ سڀ جمهوريت پسند ان ڳالهه کي نظر ۾ رکن ته آمريت جا رستا هميشه لاءِ بند ڪرڻ گهرجن.