هڪ هاٿي تلاءَ ۾ ونهنجي رهيو هو ، ته ڪوئي ڪاوڙ مان چيس ٻاهر نڪري اچ ، هاٿي پڇيو خير ته آهي ؟ ڪوئي وراڻيو بس نڪري اچ ٻاهر جلدي نڪر ٻاهر ،هاٿيءَ جواب ڏنو مان وڏي مشڪل سان تلاءَ ۾ گهڙيو آهيان ، ڪوئي ڪاوڙ مان وراڻيو ٻاهر نڪرين ٿو ؟ يا ڀتر هڻڻ شروع ڪيان ؟ هاٿي مهل جي نزاڪت کي ڏسندي چنگهي چنگهي ٻاهر نڪتو پڇيائين ته ڇا مسئلو آهي ، ڪوئي بڇڙو منهن ڪري چيو ته ڀلي تلاءَ ۾ موٽي وڃ ۔ هاٿي کي ڪاوڙ لڳي مون کي ٻاهر ڪڍي وري هاڻي ٿو چئين ته واپس وڃ ؟ هي ڪهڙي مسخري آ ؟ ڪوئي چيو ته ڳاله هي آهي ته منهنجو انڊر ويئر گم ٿي ويو آهي ، مان اهو پيو ڏسڻ چاهيان ته ڪِٿي تون ته نه کڻي آيو آهين ؟