رياضت ٻرڙوقرض آ مون کي لاهڻو(نالي واري شاعر زخمي چانڊيي جي شخصيت ۽ شاعري) سنڌ جي اديبن ۽ شاعرن ۾ قربائتو ۽ مانائتو شاعر، استاد، ادبي، سماجي ۽ سياسي ڪارڪن ۽ اڳواڻ زخمي چانڊيو هڪ اهم شخصيت هو، جنهن سان منهنجا پڻ دوستن وارا محبتي ناتا هئا. اهي ناتا جوڙڻ ۾ جنهن اداري بنيادي ڪردار ادا ڪيو، ان سان اسان سنڌي ادبي سنگت جي نالي هيٺ سلهاڙيل آهيون، جنهن لاءِ محبت جو ڀرپور اظهار زخمي چانڊيي هڪ غزل جي شعر ۾ هن ريت ڪيو آهي: * سنڌي قوم جي نيٺ سڃاڻپ، سـنــڌي ادبــي سنـگــت هــونـــدي.2010ع ۾ جيڪا سنڌي ادبي سنگت اسان کي نظر اچي ٿي، افسوس ته اها ادبي سنگت ناهي، جنهن لاءِ زخميءَ اڻ مَيون محبتون پنهنجي مَن اندر سمايون هيون ۽ اَڻ ڳڻيون محنتون ان کي سرگرم ڪرڻ لاءِ ڪيون هيون. زخميءَ جي واري سنڌي ادبي سنگت، سنڌ جي سڄاڻ اديبن جي سرواڻيءَ ۾ ڪم ڪري رهي هئي، پر اڄوڪي سنڌي ادبي سنگت، شاعرن جي هٿن ۾ ته آهي، پر ان جي سرواڻي اڳواڻيءَ جي عهدن ۾ وڃائجي وئي آهي. زخميءَ سان 1991-92ع ڌاري منهنجون پهريون ملاقاتون ادبي سنگت جي حوالي سان ٿيون هيون. مون کي اڄ به اُهو يادگار صبح چٽِيءَ ريت ياد آهي. زخمي سنڌي ادبي سنگت قنبر شاخ جي سالياني اليڪشن ۾ شريڪ ٿيو هو ۽ اليڪشن، جيڪا اصل ۾ محبتن جي ڪري سليڪشن هئي، جي ڪارگذاريءَ کان پوءِ زخمي چانڊيي سرڪش سنڌيءَ جو مشهور نظم ”ڪاوڙ ڇڏ تون ڪاوڙ ڇڏ، هيءَ ڪاوڙ مون کي ماريندي، پر هڪڙي مُرڪ جياريندي، تون ڪاوڙ ڇڏ، تون ڪاوڙ ڇڏ“ پنهنجي مٺڙي آواز ۾ ٻڌائي سڀني حاضرين کي موهي ۽ مَنڊي ڇڏيو هو. ان نظم سان سندس آواز جو ئي اثر هو جو ڪيترن ئي دوستن اهو نظم فوٽو ڪاپي ڪرايو هو. زخمي چانڊيو سنڌي ادبي سنگت جو سرگرم ڪارڪن ۽ اڳواڻ هو، پر هو دوستن ۽ سنگت لاءِ قرباني ڏيڻ به ڄاڻيندو هو. ان حوالي سان مون کي هڪڙو ٻيو واقعو به ٻڌائڻو آهي. 1996ع ۾ مرڪزي اليڪشن حيدرآباد ۾ ٿي رهي هئي، جنهن ۾ زخميءَ گھڻو ڪري ٻن عهدن جوائنٽ سيڪريٽريءَ ۽ خزانچيءَ تي فارم ڀرايا هئا. تنهن وقت پڻ زخمي ادبي سنگت جي حوالي سان تمام گھڻو سرگرم هو، خاص ڪري ضلعي شڪارپور جي رابطا سيڪريٽريءَ طور هن بهترين ڪم ڪيو هو. سندس تعلق پڻ گھڻو وسيع هو، پر ان سڀ ڪجھ هوندي به هُن دوستن جي فيصلي کي مانُ ڏيندي ٻنهي عهدن تان رضا خوشيءَ هٿ کنيو هو. مون کي پڪ آهي ته جيڪڏهن هُو مرڪزي عهدي تي چونڊيو وڃي ها ته نمايان سرگرميون ڪرائي ادبي سنگت جو نانءُ ۽ ڪارج نروار ڪري ڏيکاري ها. هڪڙي ٻِي ياد به اوهان سان اڄ سلڻ چاهيان ٿو. اسان قنبر ۾ ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جي ٽين ورسي 9-اپريل 2000ع تي منعقد ڪئي هئي، جنهن ۾ پنهنجي سموري قرب سميت زخمي چانڊيي اعزازي مهمان طور شرڪت ڪئي هئي. ان موقعي تي هن ان ڳالهه جو اظهار خاص طور ڪيو هو ته ماڻهوءَ کي جيئري مڃتا ملڻ گھرجي. زخميءَ جي شخصيت ۾ سنڌ ڌرتيءَ ۽ سنڌي ماڻهن سان بي پناهه محبت سمايل هئي ۽ انهن جا درد هن کي پنهنجا درد محسوس ٿيندا هئا. ان جو اظهار هن جي تخلص ”زخميءَ“ ۽ شاعريءَ مان تمام گھڻو ٿئي ٿو. * چيائين ڪڍِي نَنهن، ڪندين سنڌُ سنڌُ؟ چيم هائو ڏانئڻ! آهي سنڌُ جِندُ.ڏيئي شاڪ پاور جو چَيَئين: چئه ڙي سنڌُ،چيم گيدي ٻُڌندين، جيئي سنڌُ جيئي سنڌُ.زخميءَ کي خبر هئي ته هن تي سنڌي هئڻ ناتي وڏو قرض آهي جيڪو کيس پنهنجي وس آهر لاهڻو آهي، ان ڪري ئي هن گھڻ رُکي جدوجهد ڪئي پئي. ان حوالي سان هُو هڪ وائيءَ ۾ لکي ٿو: * پَوِتَر ڌرتيءَ جو،قرض آ مون کي لاهڻو.ان حوالي سان، وڏِي ڳالهه آهي ته هن کي پنهنجن وڏڙن جي غلطين جو به احساس هو. هُن انهن جي به تلافي ڪرڻ پئي چاهي: * منهنجي وڏڙن جي ڪيون، غلطيءَ غلطيءَ جو،قرض آ مون کي لاهڻو.مٿين شعر ۾ ”وڏڙن“ جو استعارو ڪيڏي نه پنهنجائپ رکي ٿو! ۽ ظاهر آهي ته پنهنجن جون ڪيل غلطيون پاڻ کي ئي ڀوڳڻيون پونديون آهن، ته انهن جو تدارڪ به پاڻ کي ئي ڪرڻو پوندو آهي. پر هُو غلطيءَ جو قرض سادگيءَ سان لاهڻ نه پيو چاهي. هن جي سوچن ۾ طوفان هيا جيڪي سمورن ڌرتيءَ جي دشمنن کي تباهه ۽ برباد ڪرڻ چاهن پيا. * جڏهن ڪا به اک ڪنهن جي ميري ڏِسين، اُٿي باغي بڻجي بغاوت ڪجان.متان چئين ته ”زخمي“ هُيو نانوَ جو، مان تلوار جي ڌارَ تي ٿو نچان.* ستم مان غير جو مُرڪي سهي سِر تي مري ويندس،مگر هن ديس تي آڱر سهڻ کان مون کي نفرت آ.هڪڙن شاعرن جي شاعريءَ ۾ وطن دوستيءَ، وطن جي تڙپ، ماروئڙن جا ڏک ڪِن هڪ ٻن شعرن ۾ مس هوندا آهن، ته به دعوى پيا ڪندا آهن ته هُو ئي وطن جا شاعر آهن، انهن شاعرن جي مجموعن مان ڳولڻ کان پوءِ به مڙئي خير هوندو آهي، پر زخميءَ چانڊيي جي شاعري اهڙن مثالن سان ڀري پئي آهي. هن وٽ صرف لفاظي ناهي، پر لفظن ۾ ساهه وڌل آهي، جيڪو سنڌ ۽ سنڌين لاءِ ڦٿڪندي محسوس ٿئي ٿو. * اوکي پنڌِ هِن پيرَ پِٿون ڪيا، ڇاتيءَ جي ڇڪتاڻ نه سمجھيئه.* هَليون گوليون، ڌُڏِي ڌرتي، اُٿيا شعلا، ٻُڌم چيخون، ڏٺو ٿَم ديس پنهنجي جو وڏو نقصان ٿي پيو آ.* ڀونءِ پنهنجيءَ تان ائين ڇو بي دخل، هاري ۽ مزدور ٿيندو ٿو وڃي.* جنهن کي حاصل آهي ڪرڻو سو ڪبو حاصل ضرور، ڇو نه ”زخميءَ“ کي اُتي ڪا سرڪشي ڪرڻي پوي.زخمي چانڊيو سنڌ جو اهو سپوت هو جيڪو عملي ميدان جو پڻ جوڌو هو. هن وٽ پنهنجي ديس واسطي ڪم ڪرڻ لاءِ وڏي دل هئي. هُو جيلن ۽ قيدخانن کان ڪو نه ڊنو. هن کي سختيون ۽ ڪشالا نوِڙائي ڪو نه سگھيا. هن جو ڪنڌ ويريءَ اڳيان ڪڏهن نه جھڪيو. هن جي دل ۾ ديس لاءِ دغا ڪو نه هئي. هُو ديس جي حب ۾ جيئن ٻاهر هو ايئن ئي اندر ۾ به هو. هن وٽ ٻه ٻوليون ڳالهائيندڙ زبانَ ڪو نه هئي. فرق هو ته صرف اهو هو ته هُو ڏِيل ۾ جانٺو جوان هو پر سندس دل زخمي ۽ ڌَڪيل هئي. دشمن هن جي ڏِيل کان به ڏڪيا پئي، ته زخمي دل کان به، ڇو ته ٻنهي ۾ اها سگھ هئي جيڪا ديس جي بي حساب محبت سببان وجود ۾ رچي ويندي آهي. * جُهڪڻ جو نه ڏي عيبُ ”زخميءَ“ کي قاتل! جَبين کي جُهڪائڻ اسان کان نه ٿيندو. * پڇيائين ته: جيلن ۾ عيدون ڪيئه؟ کِليس ۽ چيم: ڪو نه اُلڪو ڪيم. چيائين: ڪڍِي ڇڏبيون تنهنجيون اکيون، جيئي سنڌ نعري کي اوچو ڪيم. * وقت تنهنجو ڏوهي ناهي، ڏوهي آهين وقت جو، بخت تنهنجو ڏوهي ناهي، ڏوهي آهين بخت جو. دَور پنهنجي ۾ چڱائي تو ڪنهين سان ڪا نه ڪئي، تخت تنهنجو ڏوهي ناهي، ڏوهي آهين تخت جو. * ڪڏهن ڀي پنهنجي فطرت ۾ وڏائي ڪا نه هئي ليڪن،غلط جي حڪم ٿيا ”زخمي“ ته نافرمان ٿيڻو پيو.زخميءَ وٽ پياري پرينءَ لاءِ به جيءَ ۾ جذبا سمايل آهن. هُو محبتن جو حمايتي هو، ان ڪري محبتون ڏيڻ ۽ وٺڻ جو ڪوڏيو هو. ان حوالي سان آخر ۾ ڪجھ شعر پيش ڪرڻ چاهيان ٿو: * ايڏو ضد به چڱو ناهي،ڪنهن ٻي جي به ٻُڌبي آ.* تو ته دڙڪو به مُرڪي ڏنو هو، مان ته راتين جُون راتيون رنو هو،تو ته چرچو ڪيو پنهنجي پَر ۾، منهنجو ڳوڙهن سان دامن ڀنو هو.* خزان ۾ نه روليو،گلابن جي دنيا.* اسان تنهنجي خاطر ٿي ”زخمي“ پياسين،پرين! تنهنجو هاڻي ڇڏڻ ڪو چڱو آ؟زخميءَ کي ته پرين ڇڏي الائي ڪيڏانهن هليا ويا، پر زخمي اسان کي ڇڏي ضرور هليو ويو ۽ اسان کي زخمي ڪري ويو. زخميءَ جو اسان کي ڇڏي هليو وڃڻ ڪو چڱو نه هو، چڱو ڇا، صفا بُرو هو. پر هُو دشمنن جي اک ۾ ڪنڊو هو. هُو ان ڪنڊي جو سُور سهي نه سگھيا ۽ زخميءَ کي شهيد ڪري ڇڏيائون. * مرڻ ته ”زخمي“ نه آهي مِهڻو!مرِي به ڌاڪو ڄَمائي وڃبو. مهرباني.***(سنڌي ادبي سنگت شاخ ڊکڻ، ضلعي شڪارپور پاران 24-آڪٽوبر 2010ع تي، ليبر هال، لاڙڪاڻي ۾ منعقد ڪيل،نالي واري شاعر زخمي چانڊيي جي ”ڏهين سالياني ياد“ جي موقعي تي پڙهيل مضمون)
اسان تنهنجي خاطر ٿي ”زخمي“ پياسين، پرين! تنهنجو هاڻي ڇڏڻ ڪو چڱو آ؟ سنڌ جي ڀلوڙ شاعر کي سهڻي ڀيٽا، خوبصورت آرٽيڪل
ڪڏهن ڀي پنهنجي فطرت ۾ وڏائي ڪا نه هئي ليڪن،غلط جي حڪم ٿيا ”زخمي“ ته نافرمان ٿيڻو پيو.۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔پڇيائين ته: جيلن ۾ عيدون ڪيئه؟ کِليس ۽ چيم: ڪو نه اُلڪو ڪيم. چيائين: ڪڍِي ڇڏبيون تنهنجيون اکيون، جيئي سنڌ نعري کي اوچو ڪيم.سنڌ جي مزاحمتي شاعر زخمي چانڊيو جي شخصيت تي سهڻو ليک ، بهترين مقالو