• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

شوڪت علي ٻرڙو

رياضت ٻرڙو

سينيئر رڪن
تحرير: رياضت ٻرڙو
شوڪت علي ٻرڙو

”لاهوتي شوڪت علي“ جي نالي سان مشهور، شوڪت علي ”شوق“ ٻرڙو قنبر جو هڪ پورهيت شخص هو، جنهن دين ۽ علم سان گھڻي پنهنجي لڳاءَ سبب هڪ تفصيلي ڪتاب ”آزاد حقيقت“ لکيو، جيڪو قلمي صورت ۾ موجود آهي. هن ٿوري شاعري به ڪئي، جنهن ۾ تخلص ”شوق“ ڪتب آندو.
شوڪت علي ولد محمد عثمان ٻرڙو 1920ع ۾ قنبر جي نور شاهه محلي ۾ پيدا ٿيو. سندس والد مولوي محمد عثمان ٻرڙو پنهنجي دَور جي نمايان شخصيت هو. پنجن سالن جي عمر ۾ والد جي وفات ۽ غربت سبب شوڪت علي ابتدائي تعليم کان پوءِ ثانوي تعليم حاصل ڪري نه سگھيو ۽ پورهيو ڪري گذر سفر ڪرڻ لڳو. کيس لکڻ پڙهڻ جو بيحد شوق هو، جنهنڪري مطالعي سان پنهنجي دلچسپي برقرار رکيائين ۽ ڊاڪٽر محبت جي ورتل ڪتابن مان تاريخ ۽ مذهب سان واسطيدار انيڪ ڪتاب پڙهيائين. هن 29 نومبر 1963ع تي مٿي ڄاڻايل ڪتاب ”آزاد حقيقت“ لکڻ شروع ڪيو ۽ 11 فيبروري 1981ع تي لکي پورو ڪيو، جيڪو قلمي صورت ۾ فل اسڪيپ سائيز جي 940 عدد صفحن تي مشتمل آهي. ڪتاب جو موضوع مذهبي تاريخ آهي. ”آزاد حقيقت“ جي پيش لفظ ۾ هُو لکي ٿو: ”مان به گھڻي مدت کان پئي سوچيو ته ڪا ڳُوڙهي ڳالهه لکان. ان لاءِ دل جو ارادو بيٺو ته ’آزاد‘ هجي ۽ حق جي ’حقيقت‘.... جو مان ڪنهن به وقت ٻاهر ويندو هوس ته بيان ڪندو هوس حضرت آدم عليه سلام کان وٺي قيامت تائين ٻڌائي پار ٿيندو هوس، جو من ٻڌي ڪو نصيحت وٺي ۽ فائدو پِرائي.“ ان ڪتاب جو هڪ نقل، ڊاڪٽر محبت جي هٿ اکرن ۾ پڻ لکيل آهي.
هُو 1983ع ۾ ايم آر ڊي هلچل دوران، پنهنجي اولاد ڊاڪٽر محبت ٻرڙي ۽ صحبت ٻرڙي جي عيوضي ۾، ڪجھه وقت ضلعي جي مختلف ٿاڻن تي قيد پڻ رهيو.
شوڪت علي ٻرڙي کي اولاد ۾ پنج پٽ پيدا ٿيا: رستم علي ٻرڙو (تَـــرَ جو ناليرو فنڪار، بهترين اسٽيج اداڪار ۽ والي بال جو مشهور رانديگر آهي)، فتح علي ٻرڙو (بهترين ٽيلر ماسٽر آهي)، ڊاڪٽر محبت علي ٻرڙو (علمي، ادبي، سياسي ۽ سماجي شعبن ۾ مڃتا ماڻيائين)، صحبت علي ٻرڙو (سڄاڻ صحافي ۽ روزاني ”جاڳو“ ڪراچي جو ايڊيٽر رهيو آهي) ۽ رياضت علي ٻرڙو (ليکڪ).
شوڪت علي ٻرڙي جي وفات 1987ع ۾ قنبر ۾ ٿي، کيس عيد گاهه لڳ غريب آباد مُقام ۾ دفنايو ويو.
 
اوهان جي والد صاحب بابت ڄاڻ ڀريل ليک

سنڌ جي سڄاڻ شخصيت جنهن پنهنجي اولاد کي ان قابل بڻايو ۽ شاباس آهي اولاد کي جنهن پنهنجي پيء جي نالي کي روشن ڪيو آهي۔
 
Back
Top