اسحاق انصاري جي ناول خالي بينچ جي مهورتي تقريب

'مختلف موضوع' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏29 جولائي 2012۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي

    اداس وڻ هيٺان پيل خالي بينچ جو مهورت
    رپورٽ : ڪامريڊ سجاد ظهير
    تصويرون : محمد سليمان وساڻ

    دنيا جي اندر جن ناولن طويل عرصو پنهنجا اثر ڇڏيا اهي تمام ٿوري تعداد ۾ ملن ٿا. ڪجهه ناولن کي هٿ وٺي پٽڪا پڻ ٻڌرايا ويندا آهن .جيڪي ناول عام ماڻهون جي جذبن جي نمائندگي ڪن انهن جي کوٽ اڄ به محسوس ڪئي وڃي ٿي ، هڪ ناول جيڪو نامياري ادبي حلقي ۾ نمايان حيثيت رکندڙ انصاري گهراڻي جي چشم چراغ اسحاق انصاريءَ جي قلم منجهان اڄ کان ڏهاڪو سال اڳ سرجي پڙهندڙن جي هٿن ۾ پهتو هيو جنهن جو اڄ ٻيو ڇاپو پڙهندڙن جي هٿن ۾ آهي ناول جي فن جي حيثيت جي خبر سنڌ رائيٽرس ڪلب پاران ڪرايل ”مهورتي تقريب“ ۾ مختلف مڪتب فڪر جي نظرين سان تعلق رکندڙ شخصيتن جي شرڪت سان پئي .

    تقريب ۾ سنڌ جي ڪيترن ئي قلم ڌڻين شرڪت ڪئي. اسٽيج تي هڪ تمام وڏو پينافليڪس لڳايو ويو هيو جنهن تي ليکڪ جي ڪتاب جا ٻئي ايڊيشن پينٽ ٿيل هئا وڏن اکرن ۾ ڪتاب جو نال ”خالي بينچ “ لکيل هيو بينر ۾ ٻنهي ڪتابن جي ٽائيٽل تي خالي بينچ پڻ ڏيکاريل هئي جيڪا هر ان ڪردار جي نشاندهي ڪري رهي هئي جيڪي هميشه ان خالي بئنچ تي پنهنجي منزل جو انتظار ڪندا رهن ٿا پر اها خالي بئنچ خالي رهجي وڃي ٿي .
    سنڌ جي راڄ ڌاني ڪراچيءَ جي قديم علائقي ”سچل ڳوٺ “ جي روشن تارا سڪول ۾ منعقد ڪيل تقريب کوڙ سارن ڏات ڌڻين کي ننڊ مان جاڳائي ڇڏيو هيو اڪثريتي راءِ هئي ته اهڙيون ادبي گڏجاڻيون ٿيڻ گهرجن . تقريب جي ڪاروائي نامياري شاعر رکيل مورائي شروع ڪئي. سمورن مهمانن کي اسٽيج تي ويهڻ لاءِ دعوت ڏني وئي .هن پر وقار تقريب جي رونق ان وقت اڃان به وڌي جڏهن سنڌ جي نالي واري شاعر امداد حسيني کي صدارتي ۽ ڀٽ شاهه جي سجاده نشين جي ولي عهد سائين اعجاز شاهه کي خاص مهمان جي ڪرسي تي ويهاريو ويو . اسٽيج تي ڪتاب جي ليکڪ اسحاق انصاري ،مدد علي سنڌي ،عبدالغفار تبسم ، بيدل مسرور ،قربان منگي کي اعزازي مهمانن جي سٿ ۾ شامل ڪيو ويو . سڀ کان پهريائين ضياء ابڙي آيل مهمانن جي آجيان ڪئي ۽ اهو به ٻڌايو ته سچل ڳوٺ ۾ هن پروگرام ڪرڻ جو مقصد پنهنجن ماڻهن سان جڙڻ آهي. ناول نگار ۽ صحافي جاويد سومري ليکڪ سان گذاريل گھڙين ۽ انهن جو ڪتاب ۾ اچڻ جي باري ۾ ٻڌايو. جڏهن ته ڊاڪٽر ايوب شيخ، ناول جي اهميت تي ڳالهائيندي چيو ته ناول لکڻ کپن ۽ ضرور لکڻ کپن. آمنه سومري جو خيال هو ته ڪتاب تي راءِ ڏيڻ وقت ڪتاب کي نظر ۾ رکيو وڃي نه ڪي ليکڪ جي شخصيت کي بحث هيٺ آندو وڃي. ڊاڪٽڙ عابد مظهر ڪتاب ۽ اسحاق انصاريءَ جي خاندان بابت مضمون پڙهيو. پير عبيد راشدي، پروفائيل نما تاثر ۾ اها ڳالهه ڪئي ته اسحاق انصاريءَ جي زندگيءَ ۾ خالي بينچ ڪٿي آهي؟ ماهين هيسباڻي خالي بينچ تي پنهنجن خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته هن ۾ ليکڪ جذبن جي تمام سهڻي نموني اپٽار ڪئي آهي. محقق ۽ لکيڪ جي وڏي ڀاءُ اشتياق انصاري ٻڌايو ته هن ناول ۾ الائي ڪيترا اهڙا جملا آهن جيڪي ڪوٽيشن طور تي استعمال ڪري سگھجن ٿا. ڪتاب جي ٻئي ڇاپي جي پبلشر، ليکڪ سان پنهنجي دوستيءَ ۽ قربٽ جي باري ۾ ٻڌايو ۽ هن اهو به چيو ته جيئن ته هن ڪتاب جو پهريون ڇاپو ڪجھه ئي مهينن ۾ ختم ٿي ويو هو انڪري ٻئي ڇاپي جي تمام گهڻي ضرورت هئي.

    سائين اعجاز شاهه چيو ته آئون ڪو اديب ته ناهيان پر آئون پنهنجي محسن ضياء ابڙي جو ٿورائتو آهيان جنهن مون کي هيءُ اعزاز بخشو اهڙي قسم جا پروگرام ضرور ٿيڻ کپن. اسان کي پنهنجي ڪلچر جو نماءُ پينٽ شرٽ جي بجاءِ اصلوڪين روايتن سان ڪرڻ کپي.آئون ڀٽائي جي درگاهه تان اوهان ۽ ادب جي ترقي لاءِ دعائون کڻي آيو آهيان .تقريب ۾ ڪتاب جي فن تي ڳالهائيندي نالي واري اديب ڪهاڻيڪار مدد علي سنڌي چيو ته هيءُ تمام شاهڪار ناول آهي جنهن جو بنياد يونيورسٽي آهي هن چيو ته ڪتاب جو ٻيهر ڇپجڻ ڪتاب جي اهميت ۾ واڌارو آڻي ٿو .هن چيو ته اهڙين محفلن جي کوٽ آهي سنڌ رائٽرس ڪلب جي ساٿين کي جس هجي جن ايڏو وڏو پروگرام ڪيو آهي . نالي واري راڳي ۽ ناول نگار بيدل مسرور چيو ته ڪتاب لکڻ تمام ڏکيو عمل آهي اهڙي ماحول ۾ جيڪي ليکڪ لکن ٿا اهي تمام وڏو تخليقي ڪردار ادا ڪن ٿا .ادب جي دنيا ۾ ڪتاب جي وڪري وارو عمل تمام وڏو ڏکيو ڪم آهي. جيستائين پڙهڻ ۽ پڙهائڻ واري شعبي ۾ مضبوط نه ٿا ٿيون ايستائين ترقي نه ڪنداسين . صاحبِ ڪتاب اسحاق انصاري ڳالهايندي چيو ته مون کي اندر جي آنڌ مانڌ ۽ ولوڙ لکرائيندي آهي .هن چيو ته انسان کي ڏک جي شدت لکڻ تي مجبور ڪندي آهي هن چيو ته لکڻ جو ماحول اکيون کولڻ سان مليو بابا سائين جي صحبت ۾ اخبارن ۽ ڪتابن جا انبار اديبن جو ڪچهريون منهنجي لکڻ جو بنياد بڻيون ۽ اردو ادب سان ڏيٺ ننڍپڻ کان ٿي .هنن چيو ته منهنجي ناول جو پس منظر 17 سال پراڻين ياد گيرين تي ٻڌل آهي .

    صدارتي خطاب ڪندي نامياري شاعر امداد حسيني چيو ته اسان وٽ ناول گهٽ تعداد ۾ لکيا ويا آهن سنڌ جي جي اندر نون موضوعن تي لکڻ جي ضرورت آهي هن چيو ته اسان وت ادبي ادارن ۽ خود اديبن ۽ شاعرن ۾ گروپ بنديون لڳيون پيو آهن اهڙي عمل تباهي پيدا ڪئي آهي ناول هڪ نئين شيءِ کي جنم ڏئي ٿو . هن چيو ته اسحاق انصاري جو هيءُ ناول پيار جي موضوع تي لکيل آهي جنهن ۾ يونيورسٽي جي ماحول کي فوڪس ڪيو ويو آهي هن چيو ته انسان اڃان لکڻ پڙهڻ ئي نه سکيو هيو تڏهن کان پيار جو جذبو ۽ خيال موجود آهي هن چيو ته پيار ئي اڳتي هلي دنيا جي سماجي تبديلي جو سبب بڻيو هن چيو ته ڪو به تنقيد ٻڌڻ لاءِ تيار نه آهي. تقريب ۾ نامياري شاعرن،اديبن ۽ دانشورن هر هڪ امان الله شيخ ، سحر امداد، شاه بيبي، اخلاق انصاري، گل حسن ڪلمتي، شاداب واسطي، ذوالفقار بهڻ، نصير سومري، ڊاڪٽر سليمان سولنگي، مختيارملڪ، احمد سولنگي ، ڏاتر شر ، صالح شر ، سليمان آگري ،محمد خان سولنگي ، اياز جاني، تاج محمد وساڻ ، امر ابڙي ، ايدوڪيٽ نادر، سليمان وساڻ ،اڪبر لغاري ، شفقت نوناري ، حميد جوئي ۽ ٻين پڻ شرڪت ڪئي .

    [​IMG]
    [​IMG]
    [​IMG]
    [​IMG]
    [​IMG]

    [​IMG]
    [​IMG]
    [​IMG]
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    هت ڪلڪ ڪري اوهان اسحاق انصاري جي ناول خالي بينچ کي آنلائين پڙهڻ سان گڏ ڊائونلوڊ به ڪري سگهو ٿا۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. شاهجهان سُميل

    شاهجهان سُميل
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 جولائي 2011
    تحريرون:
    96
    ورتل پسنديدگيون:
    306
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    253
    ڌنڌو:
    سرڪاري نوڪري
    ماڳ:
    بدين، سنڌ
    تمام بهترين ادا سليمان ۔۔۔ بلڪل سائين جو ناول پڙهبو۔۔۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو