• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

رمضان جو مهينو ۽ پاڻ

نثارابڙو

نائب منتظم
165908_10151055438813948_291221354_n.jpg

سنڌ سلامت جي اوطاق تي ايندڙ دوستو! رمضان جو مهينو، عبادتن ۽ نفس کي قبضي ۾ ڪرڻ جو مهينو، مٿان وري خرچ ايترا وڌي ٿا وڃن جو ڪم ڪرڻ، بلڪ معمول کان وڌيڪ ڪمائڻ جو به اونو رهي ٿو ...

کاڌي جي خرچ ۾ اضافو
ٻارن ٻچن جي لٽن ڪپڙن جو اونو
خير و خيرات ڪرڻ جو خيال
غريب، مٽ مائٽ جي مدد ڪرڻ جو فڪر
گهر جي ٻين ضروري شين جي پورائي جو حساب

مطلب ته شريف ۽ مسڪين ماڻهون ڪم ڪندي ائين ٿي پوي ٿو جيئن آءُ اجهو اچي ڪرسيءَ تي ٿوري دير لاءِ ڪريو آهيان ...

وڏڙا صحي چئي ويا هيا ته؛

”اتم کيتي، وڌم واپار، نيچ نوڪري“

پوءِ به الله جا شڪر آهن جو هُنَ عزت ڏني آهي ۽ صحت ڏني آهي جو هِنَ گرميءَ ۾ به رمضان جي روزن جي سگهه رکونٿا ... الحمد الله رب العالمين.
 
پهريان ته اوهان کي ڳاڙهي جهنڊي جي مبارڪ۔ فيسبوڪ تي مون سمجهيو ته اوهان جو اڪئونٽ ڪنهن هيڪ ته ناهي ڪيو۔

بلڪل سائين ڳالهيون صحي آهن. پر هتي چاچي ڪريم وٽ قصوئي ابتو آهي، سڄي ملڪ جا فقير هن جي گهر تي۽ هو وري اسان جي گهر تي.

شڪر ڪيو جو اوهان اتي عزت سان ته ويٺا آهيو.
 
سڪرين تي سجايل سنڌ سلامت ڀلي لڳي۔۔۔ پر توهان جي ٿڪايل انداز ٻڌائي ڇڏيو ته واقعي توهان وٽ اڄ ڪلهه سنڌ سلامت تي لکڻ لاءِ گهٽ وقت آهي۔۔۔
خير عنقريب توهان سنڌ ۾ هوندو۔۔۔ سنڌ ۾ اسان سان ڪيڏو نه ويجهو ۽ سنڌ سلامت کان ڪيڏو نه پري۔۔۔
خير سدا سکيا رهيو۔۔۔ ڏکيائن کان پوءِ تڪڙيون سکايون به ملنديون۔۔
 
جيتوڻيڪ سنڌ سلامت رڳن ۾ سمايل آهي ۔۔۔ ڇاڪاڻ ته سنڌ جو خون رڳن ۾ سمايل آهي ۔۔۔ اوهان دوستن جون محبتون آهن، جو پنهنجو ساٿ ٽٽڻ کان مٿي چڙهي ويو آهي ۔۔۔ خئير هڪ اک بند هڪ اک کليل سان سنڌ سلامت تي ايندڙ ويندڙ دوستن کي ڏسڻ ضروري آهي، سو ڪم جاري آهي ۔۔۔

سموري سنگت سان ٻيو ڪو حوال نه سجهيو ته سلام ڪرڻ ضروري سمجهيم ۔۔۔

لک قرب
 
پهريان ته اوهان کي ڳاڙهي جهنڊي جي مبارڪ۔ فيسبوڪ تي مون سمجهيو ته اوهان جو اڪئونٽ ڪنهن هيڪ ته ناهي ڪيو۔

بلڪل سائين ڳالهيون صحي آهن. پر هتي چاچي ڪريم وٽ قصوئي ابتو آهي، سڄي ملڪ جا فقير هن جي گهر تي۽ هو وري اسان جي گهر تي.

شڪر ڪيو جو اوهان اتي عزت سان ته ويٺا آهيو.

سهڻا سائين لک قرب ۔۔۔۔ ڪجهه ساوا جهنڊا نظر مان گذريا ته ڳاڙهو جهنڊو ياد آيو ۔۔۔ ڇاڪاڻ سائو جهنڊو سنڌ جي غلامي آهي ۽ ڳاڙهو جهنڊو سنڌ جي بچاوَ جو نشان ۔۔۔ ڇاڪاڻ ڌاريا يا سنڌ دشمن جڏهن هي جهنڊو ڏسندا آهن ته سندن جسم ۾ خارش ٿيندي آهي ۔۔۔

باقي پاڻ مسڪين ماڻهون، اسانجو اڪائونٽ ڪير هيڪ ڪري ڇا ڪندو؟؟؟؟ چاچي ڪريم سان سر لڳي ۔۔۔

سنگت کي سلام
 
سائين منهنجي حق ۾ بيت الله شريف ۾ دعائون ضرور گهرجو۔۔ لک لائق
رب العالمين اوهانکي ۽ اوهانجي سموري ساٿ کي پنهنجي امان ۾ رکي ۔۔۔ آمين

حاضر !!! حرم پاڪ ۾ اوهان ۽ سموري سنگت لا ۽ سنڌ لا خاص دعاڳو ٿبو ۔۔۔

سدا جڙيا هجو
 
[quote هڪ اک بند هڪ اک کليل سان سنڌ سلامت تي ايندڙ ويندڙ دوستن کي ڏسڻ ضروري آهي، سو ڪم جاري آهي ۔۔۔

سموري سنگت سان ٻيو ڪو حوال نه سجهيو ته سلام ڪرڻ ضروري سمجهيم ۔۔۔

لک قرب
سائين وعليڪم السلام ورحمت الله وبرڪاته
 
Back
Top