• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

اکيون

رضوان علي جمالي

سينيئر رڪن
اکيون ايئن چون ته پسون روز پرين کي
ويچاريون وس پنهنجي اصلئون نه آهن
طالب مولا طلب ۾ رويو روز روئن
سائين سبب ڪندن ته روئڻ ويندن رڪجي
مخدوم طالب المولا
 
اکيون به آهن اکيون، پر پيرن سان نه پڄن،
هو رُئن ٿيون رت ڦڙا، هي ڦٽجيو ٿا ڦٽجن،
هو بيوس آهن برهه ۾، هي هيجئون اٿيو هلن،
هو نهارين نجيب کي، هي تر نه ٿا ترسن،
هو اٻاڻڪيون عجيب لئه، هي رندن منجهه رُلن،
احسان ڪيا اکين تي، پرت منجهان پيرن،
طالب موليٰ طلب ۾، چميو چميو چمجن،
جهلئي نٿا جهلجن، هلندي پنهنجي حبيب ڏي.
 
جي اکيون پير هجن، ته پتو پوين، پنڌ جو،
ته اُگهاڙا عشق ۾، ڪيئن ٿا سور سهن،
ڪيئن ٿا ڦٽ فراق جا، چڪيو ۽ چڪن،
رت ٿين جي راهه ۾، ته به هيجئون پيا هلن،
ڪنجهن ڪرڪن ڪينڪي، توڙي پٿون ٿيو پون،
پهچن جڏهن پريئن وٽ، ته به ڏوراپا نه ڏين،
طالب موليٰ طلب ۾، پڻ اها صحت سندن،
ڪڏهن ڏٺو ڪينڪي، هن ڏي حبيبن،
سنڀرن ڪڏهن ڪونه ڪو، ته ڪا پٽي ٻڌين پرين،
ته به رڙهيو رڙهيو رڙهن، حبيب جي حضور ڏي.
 
Back
Top