پيرن ڦقيرن، ٻنن کرن پندڙن جي، سنڌڙي سونهاري! جوکيو شفيق

'کِل ڀوڳ' فورم ۾ جوکيو شفيق احمد طرفان آندل موضوعَ ‏30 جولائي 2012۔

  1. جوکيو شفيق احمد

    جوکيو شفيق احمد
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏11 جنوري 2010
    تحريرون:
    113
    ورتل پسنديدگيون:
    223
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    استاد
    ماڳ:
    ڪراچي،سنڌ
    پيرن ڦقيرن، ٻنن کرن پنڻ وارن جي، سنڌڙي سونهاري!​
    شاهن مکدومن صوفين ملن موالين جي، سنڌڙي سونهاري!​
    پورهيو ڪري نه، پر پني مڱي کائڻ وارن جي، سنڌڙي سونهاري!​
    الڪاسب حبيب الله جي، منڪرن جي، سنڌڙي سونهاري!​
    انجنئرنگ، ٽيڪنالاجي سائنٽيفڪ علم جي منڪرن جي، سنڌڙي سونهاري!​
    ميڊيڪل طب جراحت سرجري جي منڪرن جي، سنڌڙي سونهاري!​
    ايگريڪلچرل ايريگيشن ششٽم جي منڪرن جي سنڌڙي سونهاري!​
    جنگي حربي فن کان انڪار ڪري گلام ٿي رهندڙ موڳن جي، سنڌڙي سونهاري!​
    چرس ڀنگ آڦيم جا سوٽا سلڦيء ۾ ڇڪيندڙن جي، سنڌڙي سونهاري​
    (پارسي ايراني اڦگاني عراقي علافين ڪوفين) چورن جي، سنڌڙي سونهاري!​
    مائرن ڀينرن نياڻين جوين زالن عورتن کان پاڻي ڀرائڻ وارن جي، سنڌڙي سونهاري !​
    ۽ پاڻ وري هوٽل تي ويهي مڇون شهپر وٽڻ وارن جي، سنڌڙي سونهاري!​
    مائرن ڀينرن نياڻين جوين جي چوري ڪري؛​
    ميڙا گهمڻ وارن جي، سنڌڙي سونهاري!​
    رڇ ڪتا مرون ڪڪڙ ويڙهائڻ وارن جي، سنڌڙي سونهاري!​
    پنهنجن پيارن سنڌي سماٽن کي؛​
    ڪوري ڌوٻي کٽي چاڪي واڍو راڱي ڪنڀر دايو پڃارو اوستو رازو؛​
    چئي ذليل ڪرڻ وارن جي سنڌڙي سونهاري!​
    ڌارين ڀاڄوڪڙن رهزنن کي خان سردار ڀوتار نواب؛​
    سڏڻ وارن جي، سنڌڙي سونهاري!​
    ڀوتارن عياشن مُڇن مڇڙن شهپريلن جي، سنڌڙي سونهاري!​
    جوکيا ڪر توبه ته لڳئي نه ڪا، ڪنڌ ۾ ڪاتي تکي تيز ڪهاڙي!​
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    سائين مطلب ته سڀئي خاميون هڪ جاءِ تي گڏ ڪري اسان سنڌين جون اکيون کولڻ جي ڪوشش ڪئي اٿو، لک لائق، الله اسان کي سمجھ ڏئي۔۔
     
  3. رضوان علي جمالي

    رضوان علي جمالي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مئي 2011
    تحريرون:
    1,712
    ورتل پسنديدگيون:
    3,919
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    سرڪاري نوڪر
    ماڳ:
    سنڌ ڌرتي جو ٻچڙو آهيان
    برابر سائين سچ ٿا چئو
    جتي مولبي ساهب ڌرتي کي ڏٻي ڏاند جي سڱ تي بيٺل هئڻ جو وعظ ڪندا اتي اهڙي مهول جي اميد رکبي !!! ان ڳاله تي ڪوبينش ڪونهي
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    بس سائين پاڻ ڄاڻو ۔۔۔۔ ڳالهيون سڀ سچيون

    پر مان اهو چوندس ته اچو ته سٺائي، چڱائي ۽ بهتري جي پرچارڪ ڪيون ۔۔۔۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو