عقلي ورثو

'مختلف موضوع' فورم ۾ رياضت ٻرڙو طرفان آندل موضوعَ ‏31 جولائي 2012۔

  1. رياضت ٻرڙو

    رياضت ٻرڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 جون 2012
    تحريرون:
    306
    ورتل پسنديدگيون:
    879
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ماڳ:
    لاڙڪاڻو
    تحرير: عبدالخالق ميڻو
    ذهني ورثو/عقلي ملڪيت

    ذهني ورثي/عقلي ملڪيت (Intellectual Property) جو مطلب آهي ته اهڙو اصلي (اوريجنل) تخليقي ڪَمُ/تخليق جنهن کي اقتصادي/معاشي اهميت هجي۽ اهو قانون تحت محفوظ ٿيل هجي. ذهني ورثي جا قانون (Intellectual Property Laws) اصلي تخليقي ڪم جي تخليقڪار کي سندس اجازت کان سواءِ ٻين کي ان جي ڪَمَ/تخليقَ کي نقل ڪرڻ، ادا ڪرڻ يا تقسيم/ڦهلائڻ کان روڪن ٿا. اِهي قانونَتخليقڪارن کي سماج لاءِ وڏا فائديمند سائنسي ۽ تخليقي ڪم پيش ڪرڻ جي عيوض مالياتي فائدا مهيا ڪن ٿا. ڪجهه ذهني ورثي جا قسمَ تخليق ٿيڻ جي وقت ئي خود بخود تحفظ ۾ ايندا آهن، ٻيا قسمَ سرڪار جي ڪنهن اداري کان تحفظ مهيا ڪرڻ جِي مخصوص گُهر ڪندا آهن. تقريباً سڀني ملڪن ۾ ذهني ورثيکي تحفظ ڏيڻ جا قانون آهن، تنهن هوندي به، ڪجهه ملڪ ذهني ورثيجا قانون اثرائتي انداز ۾ ڪو نه ٿا عمل ۾ آڻن ۽ڀڃڪڙي ڪرڻ جي ڪري پنهنجي لاءِ ۽ ٻين لاءِ وڏين ڏکيائين جو سبب بڻجن ٿا.
    ذهني ورثوٻين ملڪيتن کان مختلف آهي، ڇاڪاڻ ته اهو انساني دماغ جي تصورن، خيالن جي غير محسوس ٿيندڙ/اڻ ڇهجندڙ/غير طبعي پيداوار آهي. ذهني ورثي جي غير طبعي وغيره هجڻ ڪري ڪيترائي ماڻهو ان کي ساڳئي وقت بنا ڪنهن مسئلي جي استعمال ڪري سگهن ٿا. مثال طور فقط هڪ ئي شخص هڪ ڪار کي ساڳئي وقت هلائي سگهي ٿو، پر جيڪڏهن ڪو ناشر هڪ ڪتاب شايع ڪري ٿو ته ساڳئي وقت ڪيترائي ماڻهو ان ڪتاب کي ساڳئي وقت پڙهي سگهن ٿا. ذهني ورثيکي تخليق ڪرڻ کان نقل ڪرڻ تمام سولو آهي. ڪنهن ناول کي لکڻ يا ڪنهن ڪمپيوٽر پروگرام ٺاهڻ ۾ ڪيترائي مهينا لڳي وڃن ٿا، پر فوٽو ڪاپي مشين ۽ ڪمپيوٽر سان ٻيا ماڻهو ان کي ٿورن ئي منٽن ۾ نقل ڪري سگهن ٿا. ذهني ورثيجي تحفظ واري قانون جي نه هئڻ ڪري، اصلي تخليقڪارن کي ڪو به معاشي فائدو ڏيڻ کانسواءِ، ڪنهن به اصلي شَي کي نقل ڪرڻ ۽ ان کي تمام سستي اگهه ۾ کپائڻ تمام سولو ٿيندو. قانوني نظامان مسئلي کان نجات ڏياري ٿو يعني اصلي تخليقڪار جي اجازت کان سواءِ، ٻين کي سندس تخليق کي نقل ڪرڻ، ادا ڪرڻ يا ڦهلائڻ کان روڪي ٿو.
    ذهني ورثيجي تحفظ وارا ڪيترائي حقَ هڪ مخصوص مدي کان پوءِ ختم ٿي ويندا آهن. اهڙيءَ طرح، اصلي ڪم جي تخليقڪار کي مناسب معاوضو/انعام ڪمارائڻ کان پوءِ ئي، سماج ان جي ڪم مان فائدو وٺي سگهي ٿو. مثال طور، ڪنهن جي ايجاد جي حق ايجاد جي مدي ختم ٿيڻ کان پوءِ، ڪو به صنعتڪار سندس ايجاد کي سماج جي ڀلائي لاءِ، ان جي تخليقڪار کي بنا ڪنهن معاوضي ادا ڪرڻ جي تيار ڪري، مارڪيٽ ۾ پيش ڪري سگهي ٿو. ذهني ورثي جي حقن ۾ واپاري مارڪي/ڇاپ جي تحفظ واري قانون ۾ مدو مقرر نه هوندو آهي. واپاري مارڪي/ڇاپ وارو حق ڪڏهن به ختم نه ٿيندو آهي، ايستائين جو ان جو حق رکندڙ پنهنجي شَي لاءِ استعمال نه ٿو ڪري.
    اڄڪلهه،ذهني ورثيجي نظامَ ۽ قانون،ملڪ جي معاشيات کي هڪ نئون رخ ڏنو آهي. ان کي ملڪ جي ترقيءَ ۽ ناڻي گڏ ڪرڻ لاءِ هڪ طاقتور اوزار جيانڄاتو وڃي ٿو. اها؛ غير محسوس ٿيندڙ/اڻ ڇهجندڙ/غير طبعي شين جهڙوڪ ڄاڻ، معلومات ۽ اطلاعن جي مخصوص استعمال ۾ملوث آهي. غير طبعي هجڻ ڪري ان کي تڪڙو ڀاڱي ڀائيوار(Share) ڪريسگهجي ٿو ۽ ان کي معاشي ترقيءَ جي هڪ وڏي سبب/عامل (Driving Force) جيان ڄاتو وڃي ٿو. ذهني ورثيجو تعارف/سڃاڻپ 15 صديءَ کان آهي، ته اها ايجاد ۽ تخليق جي عيوض ان جي مالڪ کي معاشي انعامجي صورت ۾ همٿائي ٿي ۽ پوءِ اهي وڌيڪ ايجاد ۽ تخليق جي ڪمن کي تحرڪ ڏين ٿا،نتيجي ۾ ملڪ ۾ معاشي سگهه اچي ٿي. ڇاڪاڻ جو ذهني ورثوتحقيق ۽ ترقيءَ(Research & Development) تي اثر انداز ٿئي ٿو.
    اهو عام طور تي مڃيو وڃي ٿو ته ڄاڻ ۽ نواڻ/جدت دنيا جي موجوده معاشي ترقيءَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. ان جو خاص طور تي 1990ع واري ڏهاڪي ۾ ڪجهه ملڪن جي ڪيل ترقيءَ مان اندازو لڳائي سگهون ٿا. انهن ملڪن ۾، ڄاڻ ۽ معلومات جي تڪڙي تخليق ۽ نئين ٽيڪنالاجيءَ جي اوسر ۽ ظهور،ذهني ورثيواري پاليسين جي تبديلي ۽ نون اختيارن جو سبب بڻي، جن ترقيءَ کي زور وٺرايو.اهي ترقيءَ جا همٿائيندڙ نمونا،اها صلاح ڏين ٿا ته هڪ ٺيڪ ٺاڪ ذهني ورثيجو نظام ٻاهرين سيڙپڪاريءَ کي موهڻ لاءَ چاٻي مِثل آهي. برازيل ان سلسلي ۾ حقيقي مثال آهي، جتي 1996ع ۾ نوان ذهني ورثيجا قانون متعارف ڪرائڻ سان ٻاهرين سيڙپڪاريءَ ۾ حيرت انگيز ترقي ٿي.
    ڪمپنين کي پنهنجن ايجادن کي حق ايجاد(Patents) جي ذريعي تحفظ ڏيارڻ جو رجحان ساڳيءَ طرح پوريءَ دنيا ۾ وڌي ويو آهي. اهو خاص طور تي جپان، آمريڪا ۽ يورپي يونين ۾ ڏسي سگهجي ٿو. مثال طور: جپان سرڪار، مختلف ڪمپنين جا 10 لک حقِ ايجاد منظور ڪرڻ ۾ 95 سال لڳايا، جڏهن ته ٻيا10 لک حقِ ايجاد منظور ڪرڻ ۾ ان صرف 15 سال لڳايا. اهڙي قسم جو ساڳيو رجحان/لاڙو دنيا ٻين ڪيترن ئي ملڪن ۾ ملي ٿو.
    افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته اها حقيقت آهيته ذهني ورثيجي اصطلاح جو استعمال وڌي رهيو آهي، پر اڃاتائين ان بابت ٿورو ڄاتو وڃي ٿو. ڪيترن ئي ماڻهن لاءِ اهو اڻ واضح قانوني ويچار آهي جنهن جو ڏهاڙيءَ واري زندگيءَ سان تمام ٿورو واسطو آهي. ذهني ورثيلاءِ اهو پڻ غلط سمجهيو وڃي ٿو ته اهو بازاري/مارڪيٽي مقابليکي روڪڻ جو هڪ اوزار آهي. جڏهن ته اهو ملڪيتي حقن جو محافظ آهي۽ نامناسب استعمال کي روڪي ٿو.ذهني ورثوڪنهن به اداري کي پنهنجي بازاري/مارڪيٽي مقابلي جيمستقليءَ ۽ مستقبل جي ڪارڪردگي لاءِ پنهنجون پاڙون مضبوط ڪرڻجو موقعو فراهم ڪندو آهي،تنهنڪري ان کي سرڪاري توڙي نجي ادارن جي ڳجهي ملڪيت پڻ سڏيو وڃي ٿو.

    قانوني مسئلا
    ذهني ورثيکي هميشه قانون جي هڪ اڪيلي شعبي جيان نه ڄاتو ويو آهي. تاريخ مطابق ايجادن، حقِ تصنيف ۽ واپاري مارڪي/ڇاپ وارا شعبا انفرادي طور اڀريا. ويهين صدي جي آخر ۾، تنهن هوندي به، قانوني ماهرن اهو ڄاڻڻ شروع ڪيو ته انهن قانون جي مختلف شعبن کي پاڻ ۾ عام ۽ وڏو وهنوار آهي، ڇاڪاڻ جو اهي سڀ انساني دماغ جي اڻ ڇهجندڙ/غير طبعي پيداوارن سان واسطو رکن ٿا. ان جي هوندي به، هڪ قانوني وڪيل اڪثر ڪري ذهني ورثي جي ڪنهن به هڪ ئي شعبي ۾ مهارت رکندو. جهڙوڪ: حقِ ايجاد جي تحفظ وارو قانون ۽ ذهني ورثي جي قانون جي ٻين شاخن جا قانوني اصول تمام گهڻو مختلف آهن.
    ذهني ورثي جي سڀني شاخن ۾، قانوني نظام ٻن تقابلي ويچارن ۾ هڪ توازن قائم ڪرڻ گهري ٿو/ڳولي ٿو. هڪ طرف، تحفظ ايترو ڪافي مظبوط هئڻ گهرجي جو ليکڪن ۽ ايجادڪندڙن کي همٿائجي، ته جيئن گهربل ڪوشش ۾ نواڻ اچي. ٻئي پاسي تي، اهو پڻ ضروري آهي ته قانون؛ ٻين جي ذهني ورثيکي ڪجهه آزاديءَ ساناستعمال ڪرڻ جي اجازت ڏئي. اهو ان ڪري ته فنڪاراڻي، ٽيڪنيڪي ۽ واپاري ترقي هميشه ٻين جي ڪم تي تعمير گهرندي آهي. هن توازن کي ٽوڙڻ سان، ذهني ورثيجي قانون جون سڀ شاخونتخليقڪارن تيعام حق بخشين ٿيون پر کوڙساترين اجازتن سانانهن حقن تي هڪ حد پڻ مقرر ڪن ٿيون. مثال طور، حقِ ايجاد واري قانون ۾ هڪ سائنسدان تجربن لاءِ ٻين جي ايجاد کي استعمال ڪري سگهي ٿو. ساڳيءَ طرح حقِ تصنيف وارو قانون ڪنهن به تبصري ۾ هڪ ادبي تنقيد لاءِ ڪنهن ناول جو اختصار بيان ڪرڻ جي اجازت ڏئي ٿو‏. واپاري مارڪي/ڇاپ واري قانون تحت، هڪ ڪمپني پنهنجي تقابلي اشتهار ۾ مقابلي ڪندڙ جي ڇاپ استعمال ڪري سگهي ٿي. انهن سڀني رستن ۾، ذهني ورثيجا قانون تخليقڪارن جي ملڪيتي حقن کي تحفظ ڏيڻ لاءِ ايتروڪافي لچڪدار هئڻ جي ڪوشش ڪن ٿا، جو انهن تحفظ ٿيل ڪمن مان عوام کي فائدي وٺڻ لاءِ اجازت ڏين ٿا.
    آمريڪا ۽ ٻين ملڪن ۾ ذهني ورثيبين الاقوامي ٽيڪنالاجيءَ ۽ واپار ۾ زبردست تحفظ حاصل ڪيو آهي. تنهن هوندي به، ڪجهه ملڪ جعلي عقلي ملڪيت جي شين جو بنا کُٽڪي وڪرو ۽ واهپو ڪري رهيا آهن، جهڙوڪ:ڪمپيوٽر سافٽ ويئر/پروگرام، فلمون، ايستائين جوحقِايجاد يافته دوائون. ذهني ورثيجي حقن جي ڀڃڪڙي هر سال کربين رپين جو نقصان رسائي ٿي. اهو نقصان انهن جعلي شين جي ڪري مارڪيٽ ۾ کپت ۽ معاوضي تي غلبو رکي ٿو. اهڙي حالت جي ڪوشش ۾ دنيا جي اڪثر قومن سن 1994ع ۾ هڪ معاهدي ٽرپس (TRIPS،Trade Related Aspects of Intellectual Property Rights) تي صحيحون ڪيون. ٽرپس جو انتظام دنيا جي تجارتي اداري ڊبليو.ٽِي.او.(WTO) وٽ آهي ۽ هاڻ ان دنيا ۾ ذهني ورثيجي قانوني حقن جي تحفظ کي مضبوطي وٺرائي آهي. آمريڪا ٻين ملڪن سان سڌن معاهدن تي ڳالهيون ڪرڻ جي پڻ ڪوشش ڪئي آهي، جهڙوڪ چين، جتي جعلسازي خاص طور تي تمام گهڻي آهي.
    ڪمپيوٽر تي ٻڌل مواصلات ذهني ورثيوارن قانونن لاءِ هڪ غير معمولي للڪار (چيلينج) پيش ڪري ٿي. مثال طور، لکڻيون(Text)، موسيقي، ۽ تصويرون وڌيڪ آسانيءَ ۽ سستائپ سان نقل ڪري سگهجن ٿيون، جڏهن اهي انٽرنيٽ تي فراهم ڪيون وڃن ٿيون. آمريڪي سرڪار ان ڏس ۾ اهو فيصلو ڪرڻ لاءِ مطالعو ڪيو آهي ته ذهني ورثي جي نوَن نمونن لاءِ ڪهڙيون تبديليون ضروري هونديون.پر اهو طَي نه ٿي سگهيو آهي ته قانون ۾ ڪهڙيون تبديليون اختيار ڪيون وڃن.
    ذهني ورثيجي قانون جي تاريخ
    ڪجهه ذهني ورثي جا قسم، جهڙوڪ واپاري مارڪو/ڇاپ قديم دور کان موجود هئا، پر ان جي لاءِ جامع قانوني تحفظ 18 صديءَ تائين عام نه ٿيا. آمريڪي قبضي وارين رياستن ۾ سال 1775ع ۾ آمريڪي انقلاب اچڻ کان گهڻو اڳ حقِ ايجاد وارا قانون منظورٿيل هئا. انقلاب کان پوءِ جلد ئي، سڀني رياستن ۾ حقِ تصنيف جا قانون اختيار ڪيا ويا.
    جڏهن آمريڪا ۾، سال 1789ع ۾ آئين(Constitution) منظور ڪيو ويو ته ان ڪانگريس کي اها منظوري ڏني ته ليکڪن ۽ ايجاد ڪندڙن کي پنهنجين لکڻين ۽ ايجادن لاءِ هڪ مخصوص مدو ۽ نج حق ڏيندي، سائنسي ۽ ڪارآمد فنن جي ترقيءَ کي زور وٺرائي“. هن منظوري هيٺ، ڪانگريس سال 1970ع ۾ ٻَئِي حقِ ايجاد ۽ حقِ تصنيف قانون اختيار ڪيا. ڪانگريس ان کان پوءِ اڪثر ڪري ٽيڪنالاجي ۽ معاشيات جي تبديلن جي موٽ ۾ وقت به وقت ذهني ورثيجي قانونن ۾ ڦيرگير آندي آهي. ان لاءِ مقرر ٿيل ڪاميٽين جي ذميداري آهي ته اهي ذهني ورثيواري تحفظ جي قانونن کي وقت به وقت تازو رکن.
    19 صديءَ ۾ ذهني ورثيجي حقن لاءِ بين الاقوامي تحفظ وارا معاهدا قائم ڪيا ويا. مثال طور، سال 1886ع ۾ برين ڪنوينشن (Brene Convention) فنڪاراڻن ۽ ادبي ڪمن کي ميمبر ملڪن اندر تحفظ ڏنو. ان کان پوءِ، ذهني ورثيجي حقن لاءِ ڪيترائي بين الاقوامي تحفظ وارا معاهدا قائم ڪيا ويا. ويپو(WIPO،World Intellectual Property Organization) جنهن جو جنيوا، سوئٽزرلينڊ ۾ قيام آهي، ڪجهه اهڙن ئي قسمن جي معاهدن جو انتظام ڪري ٿو.
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو