رياضت ٻرڙو
سينيئر رڪن
قنبر شهر جون لائبريريون
تحرير: رياضت ٻرڙو ۽ عبدالخالق ميڻو
قنبر شهر جي ماڻهن جي علم ادب سان تمام سٺي دلچسپي رهي آهي، جنهن سبب هنن ڪتابن سان پيار ڪيو آهي ۽ پنهنجن گھرن ۾ ننڍيون توڙي وڏيون لائبريريون قائم ڪيون آهن. گڏوگڏ هتي تعليمي ۽ مذهبي ادارن ۽ سرڪاري توڙي پرائيويٽ ادارن ۾ لائبريرين سميت چار پبلڪ لائبريريون به رهيون آهن. هن مختصر مضمون ۾ اسان قنبر شهر جي پبلڪ لائبريرين بابت ڄاڻ ڏيون ٿا:
1. بولَس لائبريري قنبر
مسٽر بولس (Bolus) نالي 1923ع ۾ لاڙڪاڻي ضلعي جو ڪمشنر مقرر هو، جنهن جي نالي سان هيءَ لائبريري قنبر جي موجوده نيشنل بينڪ قنبر ۾ 1924ع ۾ قائم ٿي، جتي ڪتابن ۽ رسالن جو چڱو ذخيرو گڏ ڪيو ويو. 1950ع جي ڏهاڪي ۾ لائبريريءَ جي بلڊنگ ۾ ميونسپل هاءِ اسڪول جا ڪلاس شروع ڪيا ويا، ته بولس لائبريري ميونسپل ڪاميٽيءَ جي بلڊنگ مٿان ٺهيل ”خانبهادر حاجي علي حسن خان هڪڙو هال“ ۾ شفٽ ڪئي وئي، جتي سرڪاري آفيس هجڻ ڪري، ماڻهن جي آمد گھٽجي وئي ۽ نيٺ 1962ع ۾ بولس لائبريري بند ٿي وئي.
2. فتح حيات خان ميڪڻ ميموريل لائبريري قنبر
هيءَ لائبريري هڪ پنجابي سرڪاري ڪاموري فتح حيات خان ميڪڻ جي افتتاح ڪرڻ سبب سندس نالي سان منسوب ڪئي وئي، جيڪا سٽيزن ڪلب قنبر ڀرسان ميونسپل ڪاميٽي قنبر پاران واقع هئي، جنهن جو لائبريرين غوث بخش گوپانگ هو. لائبريري هڪ ڪمري تي مشتمل هئي، جيڪو بيحد زبون حالت ۾ هو ۽ جنهن جو فرش اکڙيل هو. ڪمري ۾ نه ئي بجليءَ جو ڪو انتظام هو ۽ نه ئي ٻي ڪا سهولت پڙهندڙن کي ميسر هئي. سياري ۾ پڙهندڙ ڪمري اندر رکيل ڪجھ ڪرسين تي ويهي ۽ اونهاري ۾ ڪمري ٻاهران ورانڊي ۾ گرميءَ ۾ ويهي پگھر ڳاڙيندي، ٻن چئن اخبارن جو مطالعو ڪندا هئا، جن جو تعداد سهولتون نه هجڻ ڪري تمام گھٽ هو. ڪجھ اخبارون ته هڪ ڏينهن گذرڻ کان پوءِ پڙهڻ لاءِ رکيون وينديون هيون. ”گھٽ بجيٽ“ جي ڪري نوان ڪتاب خريد ڪو نه ڪيا ويندا هئا. لائبريريءَ ۾ ڪُل 535 ڪتاب موجود هئا، جن مان ڪيترائي ڪتاب هڪ چوريءَ ۾ کڄي ويا ۽ ڪتابن جون الماڙيون زميني سيڪ جي ڪري ڳري ختم ٿي ويون هيون. لائبريريءَ جو وقت صبح جو 8 وڳي کان 12 وڳي تائين ۽ شام جو 3 وڳي کان 7 وڳي تائين هو، پر شام جو لائبريري بند رکي ويندي هئي. نيٺ 2001ع ۾ هيءَ لائبريريءَ بلڪل بند ٿي وئي.
3. علي انور گوپانگ ميموريل لائبريري قنبر
هيءَ لائبريري قنبر جي سڄاڻ شخصيت مرحوم علي انور گوپانگ جي نالي تي سندس پٽ ۽ زرعي بينڪ جي آفيسر خالد حسين گوپانگ فيبروري 1997ع ۾ نصيرآباد روڊ تي، کبڙي مڪان ڀرسان قائم ڪئي. لائبريريءَ جي عمارت جو افتتاح سردار محمد صلاح خان گوپانگ ڪيو. لائبريرين هڪ نوجوان لعل جان گوپانگ آهي، جيڪو اعزازي طور لائبريريءَ کي وقت ڏئي ٿو. لائبريريءَ جي عمارت هڪ ننڍي هال تي مشتمل آهي، جنهن ۾ هڪ وڏي ميز چوڌاري ڪرسيون رکيل آهن. هتي پڙهندڙ چڱي تعداد ۾ اچن ٿا. لائبريري صبح ۽ شام کولي وڃي ٿي. هتي هڪ الماڙيءَ ۽ هڪ ڪٻٽ ۾ ڪتاب رکيا ويا آهن، جن مان گھڻا مرحوم علي انور گوپانگ جا وڪالت سان واسطيدار آهن. هتي پڙهندڙن لاءِ اخبارن سان گڏ ڪجھ رسالا به موجود آهن. هن لائبريريءَ ۾ ڪجھ وقت ادبي سنگت قنبر جون گڏجاڻيون به منعقد ٿيون، جڏهن ته هتي ”سرواڻ سماجي ڀلائي سنگت“ جي آفيس به قائم آهي. لائبريري آهستي آهستي ترقي ڪري رهي آهي.
4. ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي لائبريري قنبر
نامور محقق، اديب ۽ سماجي اڳواڻ ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جي وفات تي اپريل 1997ع ۾ علي خان محلي ۾ ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي قائم ڪئي وئي، ته اتي هڪ لائبريريءَ جو بنياد به رکيو ويو، جنهن ۾ 1000 کن ڪتاب ۽ 1000 کن رسالا موجود هئا. لائبريري هڪ ڪمري تي مشتمل هئي، جتي پڙهندڙن لاءِ بينچون ۽ ڪرسيون موجود هيون. پهريائين ڪتاب پڙهندڙن کي گھر جاري ڪيا ويندا هئا، پر پوءِ ڪتابن جي نه موٽڻ سبب اهو سلسلو بند ڪيو ويو. ڪتاب ۽ رسالا ٻن ديواري ڪٻٽن ۽ هڪ ڪاٺ جي ڪٻٽ ۾ رکيا ويا هئا، پوءِ لوهي الماڙي به خريد ڪئي وئي. پڙهندڙن لاءِ اخبارون لائبريريءَ ۾ موجود ڪو نه هيون، جنهنڪري پڙهندڙن جي آمد گھٽ پئي رهي. البت ڪتابن ۽ رسالن جي سٺي سهولت ميسر هئي. لائبريرين خادم رند هو، جنهن ڪتابن ۽ رسالن جي جلدبنديءَ جو ڪم به پئي ڪيو. ڪجھ وقت عبدالخالق ميڻو به لائبريرين رهيو. هيءَ لائبريري 2006ع ۾ ”ڀائو درمحمد ٻرڙو ڊسٽرڪٽ پبلڪ لائبريريءَ“ ۾، سٽيزن ڪلب ڀرسان، شفٽ ڪئي وئي.
5. ڀائو درمحمد ٻرڙو ڊسٽرڪٽ پبلڪ لائبريري قنبر
هن لائبريريءَ جو بنياد 30 جُون 2005ع تي، قنبر جي سڄاڻ، سياسي، سماجي ۽ ادبي شخصيت ڀائو درمحمد ٻرڙي، سٽيزن ڪلب ڀرسان، پراڻي بند ٿي ويل ”فتح حيات خان ميڪڻ لائبريريءَ“ جي جڳهه تي رکيو، جتي ڪجھ وقت اڳ تائين يونين ڪائونسل-1 جي آفيس قائم هئي. لائبريريءَ ۾ 5 لوهي الماڙيون، 2 ٽيبلون، 10 ڪرسيون ۽ 6 بينچون رکيل آهن. بجليءَ، ٽيوب لائيٽن ۽ ٻن پکن جو پڻ انتظام ڪيل آهي. هتي لڳ ڀڳ سڀني سنڌي ۽ اردو اخبارن سميت انگريزي اخبار ”ڊان“ موجود آهي. اخبارن جو تعداد 14 آهي. رسالن جو پڻ چڱو تعداد مسلسل موجود رکيو وڃي ٿو. لائبريريءَ ۾ 1500 کن ڪتاب ۽ 500 کن رسالا موجود آهن، جن جو رڪارڊ ٻن رجسٽرن تي عصمت اللھ ميمڻ رکيو آهي. هن لائبريريءَ ۾ پڙهندڙن جو سٺو تعداد اچي ٿو. لائبريري صبح ۽ شام کولي وڃي ٿي. هن لائبريريءَ کي قنبر-شهدادڪوٽ ضلعي جي عوام لاءِ هڪ بهترين لائبريري ڪرڻ لاءِ ڀائو درمحمد ٻرڙو پاڻ پتوڙي رهيو آهي. لائبريريءَ لاءِ سنڌ جي وڏي وزير ڊاڪٽر ارباب غلام رحيم پنج لکن جي خطير رقم پڻ منظور ڪئي آهي، جڏهن ته مختلف سڄاڻ شهرين پڻ سٺي امداد ڪئي آهي.