TAHIR SINDHI
سينيئر رڪن
دوستو!
سائين جادوگر صاحب جن جي حڪم تي هي موضوع شروع ڪري رهيو آهيان، اميد اٿم ته ضرور ڪاميابي ملندي ان شاءَ الله۔
جيڪڏهن اوهان سمجهو ٿا ته اوهان جي ڪمپيوٽر کي وائرس مڪمل طور جڪڙي ورتو آهي جيئن منهنجي ليپ ٽاپ سان ٿيو، اهڙيءَ ريت جو آءُ ڪوبه سافٽ ويئر جيڪڏهن نيٽ تان ڊائونلوڊ ڪريان پيو ته وائرس فوري طور ان کي رن ڪرڻ شرط سسٽم مان ريموو پئي ڪري ڇڏي۔
سائين سمون صاحب جن جي مشوري سان سڀ کان پهرين مون پنهنجي قيمتي ڊيٽا يو ايس بي ۾ محفوظ ڪئي۔
ان کان پوءِ سڀ پارٽيشن ختم ڪري نئين سر ونڊوز ڪئي۔
ونڊوز ڪرڻ کان پوءِ اوهان ٻيو ڪجھ به نه ڪريو، نه پنهنجي ڪا يو ايس بي سسٽم ۾ لڳايو، نه وري سسٽم ڊرائيورز انسٽال ڪريو۔
هاڻي اسان سڀ کان پهرين پنهنجي 20 روپين واري ونڊوز کي اوريجنل يعني جينين ڪندا سين۔
ان لاءِ سڀ کان پهرين سائين سمون صاحب طرفان ڏنل هي هڪ ننڍڙي رجسٽري فائل هتان ڊائونلوڊ ڪري ان کي رن ڪرايو، (ياد رهي ته هي فائل اوهان پنهنجي ڊيسڪ ٽاپ تي سيو ڪري رن ڪجو)پهريون رن جو آپشن ڏيندو، پوءِ ييس ڪجو، ان کان پوءِ آخر ۾ اوڪي تي ڪلڪ ڪجو، ياد رهي ته هي ونڊوز ايڪس پي کي جينين ڪرڻ جي فائل آهي۔
ان کان پوءِ اوهان پنهنجو ڪمپيوٽر ري اسٽارٽ ڪريو۔
جاري آهي