تحرير: محبوب علي جوکيو گلاب جو گل گلاب جو گل سڀني گلن جو سردار آهي. خوشبوءِ، حسن يا طبي فائدن جي لحاظ کان هي گل پنهنجو مٽ پاڻ آهي. هي گل نه صرف ڏسڻ جو ڏيل ۽ سينگار جو سامان آهي، پر حڪيمن هن جا ڪيترائي فائدا پڻ بيان ڪيا آهن ۽ هن جا، ڪيترن ئي قسمن جا مرڪب بڻائي، اهي صحت جهڙي انمول نعمت حاصل ڪرڻ لاءِ ڪتب آندا آهن. اسان جي ملڪ ۾ هن گل جو ايترو قدر نه آهي ۽ ان جا مخصوص باغ ڪو نه ٿا رکيا وڃن. ايران، رومانيا، هنگري، ترڪي وغيره ملڪن ۾ گلاب جا خاص باغيچا رکيا وڃن ٿا. بناوت هونءَ ته گل ڪيترن ئي قسمن جا آهن ۽ شڪل ۽ صورت جي لحاظ کان انهن ۾ ڪافي فرق آهي، پر بناوت جي لحاظ کان اهي هڪ ٻئي سان ڪجھ مشابهت رکندڙ آهن. گلاب جي گل جي بناوت ۽ ان جا مختلف ڀاڱا هيٺينءَ ريت آهن: (1) ڏانڊي (پيڊيسل، Pedicel): هيءُ گل جو ٿــڙ هوندو آهي جنهن جو رنگ سائو ۽ چَوطرف سنها سنها ڪنڊا هوندا اٿس. هيءَ ڏانڊي گھڻو ڪري هڪ قسم جي پن (بريڪٽ، Bract) جي ڪڇ مان نڪرندي آهي. هن جو مٿيون حصو ڪجھ اڀريل هوندو آهي، جنهن کي گل جو خانو (ٿلامس، Thalamus) چئبو آهي. (2) پنکڙيون (ڪلائڪس، Calyx): هي اهي ساوا پن آهن جيڪي گل کي مکڙيءَ جي حالت ۾ چئني پاسن کان وڪوڙيل هوندا آهن. هي پن گل جي اندرين ڀاڱن جي حفاظت ڪندا آهن. هن تي به ٻاهرئين پاسي کان سنها ڪنڊا ٿيندا آهن. سائي هئڻ سبب، اهي کاڌي ۾ به مدد ڪندا آهن. جڏهن گل ڦٽڻ تي هوندو آهي، يعني مکڙيءَ مان نڪري گل ٿيڻ تي هوندو آهي ته هي پنکڙيون جدا ٿي گل جي اندرئين ڀاڱي کي ظاهر ڪنديون آهن. (3) گل جو منهن (ڪارولا، Corolla): هي حصو ئي آهي جنهن کي گل چيو ويندو آهي. هن حصي ۾ گلابي رنگ جا سنها پن (پيٽلس، Patals) ٿيندا آهن. گلاب جي گل جي سونهن ۽ خوشبوءِ انهن پنن ۾ آهي. اهي پن ئي آهن جيڪي گلاب جي گل جو ’روح‘ هوندا آهن ۽ انهن مان ڪيتريون ئي مختلف شيون ٺهن ٿيون. (4) نر عضوا (ائنڊروئشيم، Androecium): هن حصي ۾ ڪجھ تاندورا ٿيندا آهن، جن جون چوٽيون اڀريل ٿينديون آهن. هي گل جو وچيون ٻُور وارو حصو (اينٿر، Anther) آهي. هن مان ئي نر داڻا يا نر عضوا نڪرندا آهن. (5) مادي عضوا (جنيوئشيم، Gynoecium): هي گل جو اهو حصو آهي، جيڪو گھگھيءَ جي شڪل وانگر ٿيندو آهي. هي به گل جي ٻُور واري حصي ۾ هوندا آهن ۽ گل جي لڳ يا نسل جي واڌ لاءِ نهايت ضروري آهن. گلاب جي گل جا قسم گلاب جي گل جي قسمن جو صحيح تخمينو لڳائڻ ته ناممڪن آهي ڇو ته ڏينهون ڏينهن وڃن ٿيون نيون نيون جنسون پيدا ٿينديون. چون ٿا ته هن وقت دنيا ۾ گلاب جي گل جون 792 جنسون آهن، انهن مان اٽڪل هڪ سَو جنسون اهڙيون آهن جي کي سڄيءَ دنيا ۾ شهرت حاصل آهي. سهولت خاطر انهن کي ٻن خاندانن ۾ تقسيم ڪيون ٿا: 1. يورپ ۽ اُلهندي ايشيا وارو خاندان: هن جون سڀ جنسون فقط اپريل ۽ مئي ڌاري گل جھلين ٿيون تنهنڪري انهن کي موسمي گلاب چئبو آهي. 2. اڀرندي ايشيا وارو خاندان: هن جا ٻوٽا گھڻو ڪري سڄو سال گل جھلين ٿا، انهن کي سدا گلاب چئبو آهي. هنن گلن ۾ خوشبوءِ يا سونهن ”موسمي گلاب“ جي نسبت ۾ گھٽ ٿيندي آهي. زراعت جي ماهرن انهن ٻنهي خاندانن جون جنسون پاڻ ۾ ملائي نيون نيون جنسون پيدا ڪيون آهن. اهڙين جنسن کي گڊو (هئبرڊ) ڪوٺبو آهي. ٻنهي خاندانن جون ڪجھ جنسون هيٺ بيان ڪجن ٿيون. موسمي گلاب جون جنسون (1) گلنٽائين يا سويٽ براير: هن جا گل سهڻي پيازي رنگ جا ٿيندا آهن. هنن جا قلم ڪو نه لڳندا آهن، پر هنن جو نسل فقط پيوند، اوڌ يا اکين وسيلي پيدا ڪري سگھجي ٿو. ان جو ٻج 12 کان 18 مهينا ڦٽڻ ۾ وٺندو آهي. (2) بانڪيشن روز: هيءُ گل ول جي صورت ۾ وڌندو آهي. گلَ وڏا ۽ جدا جدا رنگن جا جھليندو آهي. ڪن ٻوٽن ۾ ته ڪنڊو به ڪو نه ٿيندو آهي. هيءُ گل اصل چين کان آيل آهي. (3) مشقي گلاب: هن جنس ۾ بصرائي يا ايراني گلاب به اچي وڃن ٿا. پاڪستان ۾ موسمي گلاب هن کي ئي سڏيو وڃي ٿو. ان جا گل ڳاڙها يا اڇا ٿيندا آهن ۽ خوشبوءِ ۾ سرس هوندا آهن. مارچ ڌاري گلَ جھليندو آهي ۽ هن جا پن جلد ئي ڇڻي ويندا آهن. (4) گل صد برگ: هن گل ۾ تمام گھڻيون پنکڙيون ٿينديون آهن، تنهنڪري ان نالي سان سڏيو ويندو آهي. هن قسم ۾ گوبي گلاب ۽ سينور گلاب به اچي وڃن ٿا. (5) پِيلو ايراني گلاب: هن جا گل تمام وڏا، سونهري پِيلا ٿيندا آهن ۽ نهايت خوبصورت ٿيندو آهي. سدا گلاب جون جنسون (1) بورني گلاب: هي گلاب تمام خوشبودار ٿيندو آهي ۽ ڪافي جٽاءُ ڪندو آهي. هن جنس مان ايڊورڊ ۽ ڪُئينِ (Edward & Queen) نهايت مشهور گلَ آهن. (2) چيني گلاب: هن گل جا ٻوٽا قد ۾ ننڍا ٿيندا آهن ۽ هنن جو رنگ نهايت سفيد ٿيندو آهي. هن ٻوٽي ۾ گل تمام گھڻي انداز ۾ ٿيندا آهن. هن جنس جو فيئري ڪُئينِ (Fairy Queen) گل نهايت مشهور آهي. (3) دمشقي مدامي گلاب: هن قسم جو ٻوٽو ڪوتاه قد ٿئي ٿو ۽ وڏا پيالي جهڙا گل جھلي ٿو. هنن جي خوشبوءِ به خاصي ٿئي ٿي. (4) گڊو مدامي: هيءَ جنس ٻاهرين ملڪن کان اچي ٿي ۽ هن جا به ڪيترائي قسم آهن. هنن گلن جي قسمن جا نالا گھڻو ڪري اتي جي وڏن ماڻهن جي نالن پٺيان آهن. هي گلَ قد، رنگ، خوشبوءِ ۽ نزاڪت ۾ سڀني گلن کان سرس آهن. حقيقت ۾، گلاب جي بهترين جنس اها ئي آهي. (5) مشڪي گلاب: هن جي خوشبوءِ مشڪ سان ملي ٿي، جنهنڪري مٿس اهو نالو پيو آهي. هيءَ جھنگلي گلاب جي جنس آهي. هن جو ٻوٽو ڊگھو ٿئي ٿو. وقتي هي ٻوٽو ٽيهَن فوٽن جو به ڏٺو ويو آهي. هي گلَ ميرانجھڙي اڇي رنگ جا ٿيندا آهن. (6) نائزيٽ يا اصلي گڊو: هيءُ ٻوٽو هونءَ ته سڄو سال گلَ جھليندو آهي، پر فيبروريءَ ۾ گلن سان جھنجھجي ويندو آهي ۽ ڏاڍو سهڻو لڳندو آهي. سندس گل ننڍا پر ڳتيل نظر ايندا آهن. هي گل ڪيترن ئي رنگن جا ٿيندا آهن، جن مان هڪ قسم جي گل جي خوشبوءِ چانهه جهڙي ٿيندي آهي. هن گل جو ٻوٽو ول وانگر ٿيندو آهي. (7) چانهي خوشبوءِ وارا گل: هن قسم جا ٻوٽا قد ۾ بندرا ٿيندا آهن پر گل تمام گھڻا جھليندا آهن. گلن جا رنگ به مختلف ٿين ٿا. هن جي خوشبوءِ ڪي قدر چانهه جهڙي ٿيندي آهي. هنن گلن کان سواءِ گل رعنا، گل بي فرمان، گل دو رنگ وغيره ۽ ٻيا ڪيئي قسم ٿين ٿا. فائدا گلاب جو گل نه صرف مٺي سڳنڌ سان راحت ڏئي ٿو ۽ سهڻيءَ صورت سان اکين کي فرحت بخشي ٿو، پر هن مان ڪيتريون ئي ڪم جون شيون ٺهن ٿيون، جيڪي ڪيترين بيمارين جو علاج پڻ آهن. 1. عرق گلاب: گلاب جو عرق ٿڌو ۽ مفرح آهي. هن مان ٺهيل شربت اونهاري جي بهترين سوکڙي آهي. 1000 گلاب جي گلن جون پنکڙيون روڙي، انهن ۾ 8 شيشا صاف سٿري پاڻيءَ جا وجھي، ڪرنڦل ۾ چاڙهي، انهن جو عرق ڪڍبو ته 4 شيشا عرق جا ٺهندا. گلاب جو عرق خاڪن ۽ سهڪن ۾ به استعمال ٿيندو آهي. 2. گل روغن: هن جو تاثير ٿڌو آهي، جنهنڪري مُدي جي بخار يا رواجي بخار ۾ گل روغن جا پها دماغ تي رکبا آهن. ننڊ نه اچي يا دماغ خالي محسوس ڪجي ته گل روغن جي مالش نهايت مفيد آهي. اڌ مٿي ۾ سُور هجي، ته هن ۾ ٿورو آفيم گهي، نڪ ۾ سڻڪڻ سان فرحت اچي ٿي. ڪَن جي سور لاءِ به گل روغن نهايت فائديمند آهي. گلاب جي گلن جي پنن جو هڪ سيرُ تِرن جي تيل سان ملائي، ڪنهن چيني يا ڪاشي يا پٿر جي ڪنگر ۾ وجھي، ڍڪُ مضبوطيءَ سان بند ڪري، 40 ڏينهن اُس ۾ رکجي، ته گل روغن تيار ٿي پوندو. 3. گل قند (گلقند): گلقند پيٽ جي سور، وائيءَ، باديءَ وغيره لاءِ نهايت مفيد آهي. گلقند جي ٿاڌل پيئڻ سان جگر جي گرمي هٽي وڃي ٿي. نيراني گلقند کائڻ سان معدي جون بيماريون ختم ٿي وڃن ٿيون. گلاب جي گلن جا پن هڪ سير ۽ کنڊ اڍائي سير ڏنڊي ڪونڊي ۾ گھوٽي، چينيءَ جي ٿانوَ ۾ وجھي، ڍڪُ ڏئي، 40 ڏينهن اُس ۾ رکڻ سان گلقند تيار ٿي وڃي ٿو. 4. گلاب جو عطر: هن عطر جو درجو ٻين کان اُتم آهي. هن جي خوشبوءِ فرحت ۽ تراوت ڏيندڙ آهي. زمين گلاب جو ٻوٽو هر قسم جي زمين ۾ پوکي سگھجي ٿو، پر تنهن هوندي به ٻوٽي جي قد، گلن جي خوشبوءِ، نزاڪت، رنگ وغيره لاءِ زمين جو وڙ اهميت رکي ٿو. گلاب لاءِ سيڪ واري زمين خواهه تمام خشڪ زمين چڱي نه آهي. زمين جو ماڳ پاڙُن جي حد تائين زرخيز هئڻ گھرجي. زمين هيٺ مٿاهين هجي ته بهتر آهي، جو اهڙيءَ زمين ۾ گلاب جا ٻوٽا هميشه پاڻيءَ ۾ نه رهندا. گلاب جي ٻوٽن لاءِ چيڪي لٽاشي (ڪلي لوم، Clay Loam)، وارياسي لٽاشي (Sandy Loam) ۽ لٽاشي (Loam) ڪارگر زمينون آهن. ڪلراٺي زمين گلاب لاءِ بيڪار آهي. موسم ۽ آبهوا گلاب جي ٻوٽن لاءِ سخت سردي يا سخت گرمي ٻئي چڱيون نه آهن. سخت سرديءَ ۾ گلاب جي ٻوٽن جا پن ۽ شاخون خشڪ ٿي وڃن ٿيون. ڊسمبر ۽ جنوريءَ جي مهينن ۾ هن ٻوٽي جا پن زرد ٿي ڇڻي پوندا آهن، پر بهار ۾ وري سرسبز ٿيندا آهن. گلاب جا ٻوٽا آڪٽوبر ۽ نومبر ڌاري قلمن ذريعي رکبا آهن ۽ فيبروريءَ ۾ ٻج ذريعي کڻبا آهن. پوکڻ جا طريقا (الف) قلمن ذريعي: قلمن لڳائڻ کان اڳ زمين کي چڱيءَ طرح هر ڏيئي کيڙجي، ۽ ڀتر وغيره ڀڃي، ڀاڻ ملائي، پاڻي ڏيئي ڇڏجي، پوءِ ان زمين ۾ اٺن کان ڏهن انچن تائين اونهي کڏ کوٽجي ۽ ننڍا ننڍا ٻارا تيار ڪجن. انهن ٻارن ۾ مصنوعي مٽي وجھجي يعني ٻه حصا وارياسي مٽي، هڪ حصو اڱرن جو چُورو، هڪ حصو سڪل سڙيل پن گڏي وجھجي، پوءِ انهن ٻارن کي سڌو (مسطح) ڪجي ۽ منجھن سڌين قطارن ۾ پوريءَ وڇوٽيءَ تي گلاب جا قلم هڻجن. قلمن حاصل ڪرڻ جو طريقو اهو آهي ته گلاب جي ٻوٽي جون ٽاريون، جڏهن گل ڇاڻي ڇڏين، تڏهن انهن مان ڇهن کان نوَن انچن جا ٽڪر ڪپي رکجن. ڪپڻ وقت اهو خيال رکڻ ضروري آهي ته قلم اک جي هيٺان ڪپيو وڃي. قلمن جا مٿيان پن ڀل نه ڪپجن. قلمن هڻڻ جو وقت آهي نومبر جو مهينو. قلم هڪ ٻئي کان ڇهن انچن جي فاصلي تي ٿورو پاسيرا ڪري هڻجن ۽ انهن جون چوٽيون اتر طرف مائل هئڻ گھرجن. قلمن جون چوٽيون زمين کان مٿي صرف ٻه آڱر هئڻ گھرجن ۽ انهن جي مٿان ڳائو ڇيڻو يا مٽي مِلائي ڇڏجي. انهن کي ٽئين ڏينهن ٿورو پاڻي ڏجي. جيڪڏهن ڀرپاسي ۾ گاهه پيدا ٿئي ته اهو ڪڍي ڇڏجي. (ب) ٻجن ذريعي: ڪي گلاب جا ٻوٽا ٻج پڻ جھلين ٿا ۽ اهڙا ٻوٽا ٻج جي ذريعي پوکي سگھبا آهن. اهو طريقو اهڙو ڪامياب نه آهي. اهي ٻوٽا يا ته پيدا ٿين ئي ڪو نه ٿا، پر جيڪڏهن ٿيندا، تڏهن به اٽڪل هڪ سال کان پوءِ. (ٻ) ٻيا طريقا: موجوده سڌريل دَور ۾، گلاب جي پيدائش، واڌ ۽ نسل جي سڌاري لاءِ پيوَند، اوڌ ۽ ڪي ٻيا طريقا اختيار ڪيا وڃن ٿا. انهن طريقن مان فائدو اهو آهي جو گلاب جا ڪيترائي نوان قسم وجود ۾ اچن ٿا. پاڻي ڏيڻ گلاب کي خشڪ موسم ۾ گھڻي پاڻيءَ جي ضرورت ٿيندي آهي. ڇانگ کان پوءِ به پاڻي ڏنو ويندو آهي. خاص ڪري، موسمي گلاب جي ٻوٽن کي خبرداريءَ سان پاڻي ڏيڻ گھرجي، نه ته گلَ ٿورا جھليندو يا ڇاڻي ڇڏيندو. نومبر ۾ پاڙن کوٽڻ کان پوءِ پاڻي ڏيڻ بند ڪجي. جنوريءَ ۾، جڏهن گلاب جا ٻوٽا مُکڙيون جھلين، تڏهن پاڻي ڏيڻ شروع ڪجي. گلاب جي هڪ ٻوٽي کي روزانو اٽڪل 4 سير پاڻي ڏجي. انهيءَ حساب سان، پاڻي هر روز ڏجي يا هفتي ۾ گڏي ڏجي. مارچ ۾ گلاب کي گھڻي پاڻيءَ جي ضرورت ٿيندي آهي، پر گھڻي پاڻيءَ ڪري پاڙن وٽ سينوَر پيدا ٿيندو آهي. ان جو خيال رکڻ گھرجي. پاڻي ڏيڻ کان پوءِ جڏهن زمين وٽ ۾ اچي، ته ڪجھ گُڏ به ڪري ڇڏجي. ڇانگ بهار جي موسم شروع ٿئي ته گلاب جي ٻوٽن جي ڇانگ ڪرڻ شروع ڪجي. شروعات ۾ ٻوٽن مان سڪيون ڪاٺيون ڪپي وٺجن، پوءِ باقي ڪاٺين کي به ضرورت مطابق ڇانگي ڇڏجي. هيءَ ڳالهه ياد رکڻ گھرجي ته ڇانگ جيتري گھڻي ڪبي، اوترو اهو ٻوٽو گلَ گھڻا جهليندو. ڪچين ٽارين کي وڌيڪ ڇانگجي ۽ پڪين يا مضبوط ٽارين کي گھٽ. نوَن ۽ تازن ٻوٽن جي جيتري گھڻي ڇانگ ڪبِي اوترو بهتر. ڀاڻ نومبر مهيني ۾ گلاب جي ٻوٽن جون پاڙون کوٽي اگھاڙيون ڪري ڇڏجن، ته کين سج جي روشني ۽ هوا جام ملي. ايئن ڪرڻ سان پاڙن ۾ جيڪي جيت ۽ ڪِيڙا ماڪوڙا هوندا، سي به مري ناس ٿي ويندا. ڊسمبر ۾ ڳائو يا ٻاڪرو ڀاڻ ۽ باغ جي مٽي اڌو اڌ ڪري، ملائي، ان سان ٻوٽن جون اگھاڙيون پاڙون ڍڪي ڇڏجن. ٻوٽن جي چوڌاري هڪ فوٽ کن دڙي ٺاهي ڇڏجي ۽ کڏي جي باقي حصن ۾ تازي ڳائي ڀاڻ جو ڪونڊو کن وجھي ڇڏجي ۽ ان ۾ ايترو پاڻي ملائجي جو اهو پٽڙو ڀاڻ ٿي پوي. اهڙي قسم جو ڀاڻ ٻوٽن کي تمام گھڻي طاقت ڏيندو. گلاب جي ٻوٽي لاءِ ٻيا به ڪيترائي هٿرادو ڀاڻ تيار ڪيا وڃن ٿا، جن مان ڪجھ هيٺ ڏجن ٿا: (الف) ٺڪر جي وڏي ڪونر ۾ 10 سير ٻڪرين جون ڦولهڙيون وجھي، ان جي مٿان هڪ دٻو گرم پاڻيءَ جو وجھجي، پوءِ ان کي خوب گھمائجي، تان جو ڦولهڙو نرم ٿئي. پوءِ ان ۾ هڪ سير کن صابڻ جو ٻُورو وجھي، ان ٿانوَ کي پاڻيءَ سان ڀرجي، ۽ سڄي رات ڇڏي ڏجيس. صبح جو اهو آٺريل پاڻي کڻي، هر هڪ ٻوٽي کي هڪ بوتل ان پاڻيءَ جي ڏجي. (ب) رات جو ڪنهن ٿانوَ ۾ پکين جون وِٺيون، ڦولهڙيون يا ڇيڻا، ڪوس جو ڪچرو، رت ۽ ڇيڇڙا ۽ سوڍا کار وغيره وجھي ٿڌي پاڻيءَ سان ڀري، ڪاٺيءَ سان خوب گھمائجي. پوءِ ان کي آٺرائي، اهو پاڻي استعمال ڪجي. (ٻ) ڇيڻي جي رک، ڪارو لوڻ، صابڻ جو چُورو، سرنهن يا ڄانڀي جي ڪُٽيل کڙ ۽ حقي جو پاڻي گڏي، ڪنهن ٿانوَ ۾ وجھي، ان کي پاڻيءَ سان ڀري، سڄي رات رکجي ۽ صبح جو آٺريل پاڻي ڪم آڻجي. بيماريون ۽ علاج گلاب جي ٻوٽي لاءِ زياده خطرناڪ بيماري آهي ڪارو چٽو (Black Spot). هيءُ اهڙو مرض آهي جنهن ۾ ٻوٽي جي پنن تي ڪارا داغ ٿي پوندا آهن. هن مرض سبب ٻوٽو سُڪي تباهه ٿي ويندو آهي. ٻيو مرض آهي ”مائيلڊيو“ (Mildew)، جنهن ۾ مُکڙي ٽڙڻ کان اڳ ئي مُنجھي پوندي آهي. جيڪڏهن ٽڙندي به آهي ته گل ننڍڙو ۽ بي ڊولو نظر ايندو آهي. انهن مرضن کان سواءِ ڪيترا ڪيڙا ماڪوڙا گلاب جي گل جا دشمن آهن ۽ انهن جون سهڻيون پنکڙيون ڪتري کائي ويندا آهن. انهن سڀني مرضن جو علاج اهو آهي ته ڪاپر امونيم (Copper Amonium) ڪنهن جيوِڙن مار دوا سان ملائي، ٻوٽن مٿان وقت بوقت ڇڙڪبو رهجي.
گلاب بابت قيمتي ليک آهي۔ مونکي ياد آهي ته اڳي جڏهن بسين ۾ سفر ڪندا هئاسين ۽ اهي به بغير اي سي جي هونديون هيون ته مٽياري ۽ حيدرآباد جي وچ تي گلاب جي گلن جا باع هوندا هئا، ۽ صبح جي وقت خوشبو جي هٻڪار هوندي هئي۔ اهڙو ئي منظر ۽ هٻڪار ملندي هئي جڏهن صبح جو سوير خيرپور جي ناز هاء اسڪول اڳيان پيدل گهمندا هئاسين۔ محبوب جکويو جو سهڻو ليک ۽ اوهان جي به مهرباني۔