توانائي بحران جو حل ناممڪن ڇو؟

'مختلف موضوع' فورم ۾ عبدالجبار شاھ راشدي طرفان آندل موضوعَ ‏1 آگسٽ 2012۔

  1. عبدالجبار شاھ راشدي

    عبدالجبار شاھ راشدي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏20 مارچ 2012
    تحريرون:
    128
    ورتل پسنديدگيون:
    301
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    شاگرد
    ماڳ:
    پير جو ڳوٺ
    توانائي بحران جو حل ناممڪن ڇو؟
    بجلي جو بحران سڄي ملڪ جي لاءِ نه ڇٽندڙ فٽ بڻجي چڪو آهي، جنهن جو حل ممڪن هوندي به ناممڪن بڻايو ويو آهي. عوام سال جا ٻيا ته سڀ ڏينهن بجلي لوڊشيڊنگ جي آزار ۾ گذاري ٿو پر هن رحمتن واري ڀلاري مهيني ۾ به کين لوڊشيڊنگ سبب ڪيترن ئي مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. بجلي جي لوڊشيڊنگ جي خلاف سڄي ملڪ ۾ عوام شديد احتجاج ڪري رهيو آهي. جڏهن ته پنجاب جي عوام ته ڪافي عرصي کان ڀڃ ڊاهه ۽ پرتشدد وارو رويو اختيار ڪري ويٺو آهي پر بجلي بحران جي خاتمي وارو مسئلو حل نه ٿي رهيو آهي. حڪومت ڊهڻ ٺهڻ جا مسئلا ته سلجهندي دير به نٿا ٿين پر بجلي جي بحران تي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ حڪومت ناڪام رهي آهي.
    سينيٽ جي اجلاس ۾ سومر واري ڏينهن حڪومت جي اتحادي پارٽين ايم ڪيو ايم ۽ اي اين پي به بجلي بحران جو خاتمو نه ٿيڻ تي حڪومت کي سخت تنقيد جو نشانو بڻايو. جڏهن ته اجلاس دوران اي اين پي جا ميمبر واڪ آئوٽ ڪري هليا ويا ۽ متحده قومي موومينٽ حڪومت کي بجلي بحران جي خاتمي لاءِ ٻن ڏينهن جو الٽيميٽم ڏئي ڇڏيو آهي. ان دوران سينيٽ اجلاس ۾ ميمبرن جي سوالن جا جواب ڏيڻ لاءِ ڪو به وزير موجود نه هو، جنهن تي حڪومتي اتحادي ميمبر ڏمرجي پيا ۽ هنن چيو ته ملڪ ۾ بجلي پيدا ڪرڻ جي صلاحيت موجود آهي پر هتي بجلي بحران جو خاتمو ٿيڻ ناممڪن بڻايو ويو آهي. جڏهن ته متحده ميمبر اهو به الزام لڳايو ته حڪومت پاڻ ڀتاخوري ڪري رهي آهي. بجلي بحران تي ڪنٽرول ڪرڻ بدران احتجاج ڪندڙ عوام تي لٺيون وسايون پيون وڃن. ايوانن ۾ بجلي بحران تي گوڙ هي ڪو پهريون ڀيرو ناهي هن کان اڳ به اهڙا احتجاج ۽ واڪ آئوٽ ٿيندا رهيا آهن ۽ ان باري ۾ حڪومت ڪيترائي ڀيرا اعلان به ڪندي رهي آهي ته بس هاڻ جلد بجلي بحران تي ڪنٽرول ڪيو ويندو پر اُهي اعلان هر بار اعلان ئي رهجي وڃن ٿا. رمضان شريف جي ڀلاري مهيني کان اڳ حڪومت بجلي بحران تي ڪنٽرول ڪرڻ ۽ خاص ڪري رمضان ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ نه ڪرڻ بابت اجلاس گهرائي اهڙو فيصلو ڪيو هو ته ڀلاري مهيني ۾ روزيدارن کي بجلي جي آزارن کان بچايو ويندو ۽ لوڊشيڊنگ نه ڪئي ويندي پر ان تي ڪيترو عمل ٿيو اُهو سڀني جي سامهون آهي. اڄ ٻارهون روزو آهي پر حڪومت جي ان فيصلي تي عمل ٿيڻ جو ڪو نالو نشان ناهي. سڄي ملڪ ۾ ڏهه ڏهه ٻارنهن ٻارنهن ڪلاڪ بجلي غائب ٿيو وڃي. جنهن سبب نه رڳو روزيدارن کي مشڪلاتن جو منهن ڏسڻو ٿو پوي پر ان سان گڏ بجلي تي هلندڙ فيڪٽريون بند آهن جنهن ڪري هزارين پورهيتن جو روزگار جو ذريعو به بند پيل آهي. هي مسئلو ڪو نئون به ناهي. اڳوڻي حڪومت طرفان بجلي بحران جو تحفو ڏنل آهي پر موجوده حڪمرانن جي اقتداري واڳون سنڀالڻ کانپوءِ مسلسل راڳ ڳايو پيو وڃي ته جلد ڪنٽرول ڪيو ويندو پر بجلي جو بحران ختم ٿيڻ بدران ويرا وير وڌندو پيو وڃي. ٻيو ته ٺهيو پر جيڪڏهن هن ڀلاري مهيني ۾ لوڊشيڊنگ جي آزار مان عوام کي بچايو وڃي ته لک کٽيا.
    سينيٽ ۾ اتحادين جي شديد ردعمل کانپوءِ صدر آصف علي زرداري پاڻي ۽ بجلي واري وزير ۽ واپڊا عملدارن کي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي جنگي بنيادن تي بجلي بحران تي ڪنٽرول ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي جڏهن ته ان اعليٰ سطح اجلاس ۾ صدر آصف زرداري وفاقي وزير ۽ لاڳاپيل عملدارن کي ڇنڊ پٽيندي بجلي بحران تي ڪنٽرول نه ٿيڻ جي وضاحت طلب ڪئي جنهن تي پاڻي ۽ بجلي واري وزارت طرفان جواز پش ڪيو ويو ته مظفر ڳڙهه ۾ طوفان سبب ڪيترائي پول ڪري پيا آهن ۽ ٿر مل پاور هائوس بند آهي جنهن ڪري بجلي جي لوڊشيڊنگ وڌي آهي جڏهن ته بجلي ۽ پاڻي واري وزير وري به هڪ ڀيرو پڪ ڏني آهي ته ٻن ڏينهن اندر بجلي بحران تي ضابطو آڻي وٺنداسين. اُهي ٻه ڏينهن وارو واعدو اڄ پورو ٿيڻو آهي ۽ اتحادين جي به مهلت اڄ ختم ٿيندي. هاڻ ڏسجي ته واعدو وفا ٿئي ٿو يا ماضي جيان جيئن ٿيندو آيو آهي ائين ٿو ٿئي. پر هاڻ هن حڪومت جو پورو ٿيڻ وارو آهي. ان ڪري حڪومت کي ٻين مسئلن سان گڏ بجلي بحران جو مسئلو به ويندي ويندي حل ڪرڻ گهرجي ته جيئن عوام هن ناسور بڻجي ويل آزار مان بچي وڃي.

     
  2. جاويد حسين

    جاويد حسين
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 جولائي 2012
    تحريرون:
    225
    ورتل پسنديدگيون:
    546
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    303
    ڌنڌو:
    Manager I.T & Finance - Bawany Group Of Companies
    ماڳ:
    حيدرآباد
    توهان جي بلاگ تان سافٽويئر ته ڊائونلود ئي نه پيا ٿين.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو