اڪثر ماڻهو اها ڳالهه ڪندا آهن ته هڪ شاگرد جڏهن سڀ مضمون (subjects) پڙهي سگهي ٿو ته هڪ استاد سڀ مضمون (subjects) ڇو نه ٿو پڙهائي سگھي. جڏهن ته ماضي ۾ ائين ئي ٿيندو هو ته هڪ استاد سڀئي مضمون (subjects) پڙهائيندو هو ته اڄ ڇو نه؟ ايڏي وڏي تعليمي تبديلي ڇو؟ هيء ان وقت جي ڳالهه آهي جڏهن تعليم، استاد مرڪز (Teacher centered) هوندي هئي. تعليمي ميدان ۾، اڇو ڪارو ڪرڻ، استاد جي ئي وس ۾ هوندو هو. تعليم جا مقصد (Aims and objectives of education) مقرر ڪرڻ، سليبس ترتيب ڏيڻ، تدريسي طريقا (Teaching methodology) وضع ڪرڻ ۽ جائزو (Evaluation) وٺڻ استاد جي ئي رحم ڪرم تي هوندو هو. ان دور ۾ استاد، ظالم حاڪمن (Dictators) جيان ڏنڊي جي زور تي طوطي وانگر سڀني شاگردن کي ساڳئي شئي جو ورد ڪرائي سبق ياد ڪرائيندو رهندو هو. کيس اها خبر به نه هوندي هئي ته I.Q به ڪا شئي آهي ۽ ٻار ضرورتن، خيالن، سوچ، سمجھ، رجحان ۽ احساس جي حساب سان مختلف به ٿي سگھن ٿا. هن جي نظر ۾ سڀ ٻار هڪ جھڙا هوندا هئا ۽ سڀني لاءِ هن وٽ تعليم جو طريقو ۽ نصاب به ساڳيو ئي هوندو هو. هن وٽ ٻارن جي حيثيت صدقي جي ٻڪري کان وڌيڪ نه هئي. اهڙو استاد سڀني شاگردن کي هڪ ئي تعليمي سانچي ۾ رکي پوپٽيون پڙهائيندو هو ۽ هر وقت ڏنڊو هٿ ۾ کڻي، ڏند ڪرٽيندو ۽ ڇوهه ڇنڊيندو رهندو هو. سندس مڃڻ هو ته، ”سونٽو هجي ساڻ ته گڏهه گوئي نه ڪري.“ هن جي نظر ۾ ٻار گڏهن جيان نادان ۽ نا سمجه هوندا آهن، جن کي صرف مار سان ئي سنواري سگھجي ٿو. هو هر وقت هٽلر جيئان ٻارن تي تمام گھڻو جسماني ۽ ذهني تشدد ڪندو رهندو هو، جنهن جو مثال اڄ به اسان جي مدرسن ۾ اڪثر ملي ٿو. هو هميشه چوندو هو ته، ”ٻار آهي مڇ جو وار، جيڏانهن ورائينس تيڏاهن ورندو.“ استاد ايندو هو ته ٻارن جون وايون بتال ٿي وينديون هيون. سڀئي ٻار خوف وچان خاموشيء ۾ تريون مهٽيندا رهندا هئا. مجال آهي جو ڪو ٻار استاد آڏو ڪجه پڇي. اهڙا اسڪول ڪنهن ٽارچر سيل کان گھٽ نه هوندا هئا. اسان جي اڪثر درسگاهن ۾ اڄ به اهائي روايت برقرار آهي. اهڙن درسگاهن لاءِ مختلف مفڪرن جو رايو ڪجه مثبت نه رهيو آهي. هن سلسلي ۾ روسو (Rousseau) چوي ٿو ته: “School is worse than jail. In jail criminals are punished while in school innocents” جون اپڊائيڪ (John Updike) مڃي ٿو ته: “The Founding fathers in their wisdom decided that children were an unnatural strain on parents. So they provided jails called schools, equipped with tortures called an education” ) وڊي ايلنWoody Allenجو چوڻ آهي ته: ( “I had a terrible education. I attended a school for emotionally disturbed teachers”. گارڊنر (Gardner) ٻڌائي ٿو ته: “I am entirely certain that twenty years from now we will look back at education as it is practiced in the most schools today and wonder that we could have tolerated anything so primitive”. اهڙن مفڪرن ۽ فلاسافرن جي ڪوششن ۽ نظرين جي نتيجي ۾ اڳتي هلي تعليم ۾ انقلابي تبديلي آئي ۽ دنيا ۾ تعليم، استاد بجاءِ، ٻار مرڪز (Child Centered) ڪئي وئي. تعليم ۾ ٻار کي مرڪزي حيثيت ڏني وئي، جيڪا اسان وٽ اٽي ۾ لوڻ برابر به ناهي.اها تبديلي اسان وٽ ڪڏهن ايندي؟ اسان وٽ اسڪول اڄ به جيل کان بدتر آهن. اڄ به اسانجي ٻارن لاءِ اسڪول ستي بلا تي پير ڏيڻ برابر آهي. اسان جا ٻار آخر ڪيسيتائين زهر جا ڍڪ ڀريندا؟ ڇا اسان جي ٻارن مان اسڪول جو خوف ڪڏهن به ختم نه ٿيندو؟؟ تحقيق ذريعي هڪ مفڪر پستالوزي (Pestalozzi) اهو ثابت ڪيو آهي ته هر ٻار جي حيثيت الڳ الڳ هوندي آهي. هر ٻار جي جسماني جوڙجڪ، ذهن، سوچ ويچار، گھرج، ضرورت، رجحان ۽ پسند نا پسند ٻين کان مختلف هوندي آهي. ٻارن ۾ جسماني، ذهني ۽ جذباتي فرق (Individual difference)، اڪثر وراثت، ماحول، اقتصادي حالتن ۽ تعليمي توجه جي اڻ برابري ڪري جنم وٺي ٿو. اڄ، سڄي دنيا ۾، ٻارن کي تعليمي ميدان ۾ مرڪزي حيثيت (Child centered education) ڏيندي، اهو واضع ڪيو ويو آهي ته ٻارن کي اهو ئي پڙهايو وڃي جنهن طرف هنن جو لاڙو آهي. هاڻي سوال اهو اڀري ٿو ته ٻارن جي جسماني، ذهني ۽ جذباتي فرق ۽ رجحان جي خبر ڪيئن پوي؟ ڪير بڌائيندو ته ٻارن جو لاڙو ڪهڙي طرف آهي؟ هاڻي شروع ٿئي ٿو استاد جو ڪردار. هتي استاد جو ڪردار تمام اهم هوندو آهي. استاد ئي اهو واحد شخص آهي جيڪو هڪ فلاسافر ۽ ماهر نفسيات بنجي ٻارن جي پسند، ناپسند، سوچڻ، سمجھڻ، رجحان، رويي، حساسيت ۽ ڪاوڙ وغيره جو تحقيقي مطالعو ڪري سگھي ٿو. هو هر روز هر ٻار جي ڊائري ٺاهي، ٻار جي ڪردار جي هر پهلوء کي پڙهي سگھي ٿو. ڪنهن مفڪر چيو آهي ته: “ٻار هڪ ڪتاب وانگر هوندو آهي ۽ استاد جيسين هر پني جو احتياط سان مطالعو نه ڪندو تيسين پڙهائي نه سگھندو”. ڇا اسان وٽ به ٻارن کي ڪتاب سمجھيو وڃي ٿو. ڇا اسان وٽ به استاد ٻار جي زندگيءَ جي هر پني جو غور سان مطالعو ڪري ٿو؟ ڇا اسان جو استاد ايترو قابل، سچار ۽ مخلص آهي؟ جديد دور ۾ استاد جي اهميت اها ناهي رهي جيڪا ماضي ۾ هوندي هئي. ماضيءِ ۾ استاد جي عزت ۽ اهميت تمام گھڻي هوندي هئي. کيس عقيدت ۽ احترام وچان ديوتا سمجھي پوڄيو ويندو هو.ماضيءَ ۾ تعليم جو مقصد به استاد ئي مقرر ڪندو هو پر موجوده دور ۾ تعليم جو مقصد مقرر ڪرڻ رياست جو ڪم آهي، جنهن تحت تعليم جو مقصد صرف ٻار جي ڪردار جي تعمير آهي، جيڪا تڏهن ممڪن ٿيندي، جڏهن ٻار جي صلاحيتن کي سمجھيو ويندو ۽ اسڪول، نصاب، تدريسي طريقن ۽ جائزي کي ٻارن جي حساب سان بڻايو ويندو. سقراط (Socrates)، افلاطون (Plato) ، ارسطو (Aristotle) ، روسو (Rousseau) ، ڊيوي(Dewey) ، فروبيل (Frobel) ۽ مانٽيسوري (Montessori) وغيره انهي ڳالهه تي تمام گھڻو زور ڏنو آهي ته تعليم ٻار جي وندر هئڻ گھرجي. تعليم کي بار بڻائي ٻارن تي هرگز مسلط نه ڪيو وڃي. هنن تحقيق ذريعي اهو ثابت ڪيو آهي ته جيڪي ٻار تعليم کي وندر سمجھي پرائيندا آهن، اهي هر ميدان ۾ پنهنجي صلاحيتن جو مظاهرو ٻين ٻارن کان بهتر ڪندا آهن. اهڙن ٻارن ۾ خود اعتمادي، خود شناسي، بهادري، ذهني سڪون، تخليقي رجحان، شهري سوچ ۽ سمجھ هر جاءِ ملي ٿي. انهي جي برعڪس جيڪي ٻار تعليم کي ٻار سمجھي پرائين ٿا، سي هميشه مايوس، ڊنل، سماج کان باغي ۽ احساس ڪمتري(Inferiority complex) جو شڪار رهن ٿا. اهڙا ٻار صحيح ۽ غلط، سٺي ۽ خراب ۽ گناهه ۽ ثواب ۾ فرق سمجھي ناهن سگھندا. هو هر وقت تعليم کي ڪڙو زهر سمجھي پيئندا آهن ۽ نتيجي ۾ هڪ ڏيهن اهائي تعليم زهر بڻجي هنن جي ڪيريئر کي ختم ڪري ڇڏيندي آهي. ڪنهن مفڪر جو چوڻ آهي ته: “Fear is the enemy of talent” اهو خوف اسان جي اسڪولن مان ڪڏهن ختم ٿيندو؟ ڪڏهن اسان جا ٻار تعليم کي وندر سمجھي پرائيندا؟ اسانجي تعليمي نظام ۾ ٻار کي مرڪزي حيثيت(Central position) ڪڏهن حاصل ٿيندي؟ ڇا اسان جي ٻارن جو اهيو خواب ڪڏهن به پورو نه ٿيندو؟ ٻارن، نوجوانن ۽ بالغن جي معيار، سوچ ۽ سمجھ ۾ وڏو فرق هوندو آهي. وڏن جي نسبت ٻار تمام نازڪ هوندا آهن، پر هنن ۾ سکڻ جي صلاحيت وڏن کان ڪافي تيز هوندي آهي. هن سلسلي ۾ مارگريٽ ميڊ (Margaret Mead) جو چوڻ آهي ته: “Children must be taught how to think, not what to think.” مختلف مفڪرن تحقيق ذريعي ثابت ڪيو آهي ته ٻارن جي 80 سيڪڙو علميت، قابليت، سکيا، اوسر، ترقي ۽ واڌارو پهرين ڏهن ٻارهن سالن جي عمر ۾ ٿئي ٿو. بعد ۾ ٻار اهيو ئي ٿيندو آهي جنهن جي پيڙه هنن ابتدائي سالن ۾ رکي وئي هوندي. اها به حقيقت آهي ته جيتري پيڙهه مضبوط هوندي، عمارت به اوتري ئي پائيدار ٿيندي. ڇا اسان جي ماحول ۽ اسڪولن ۾ ٻارن جي پيڙهه تي ايتري محنت ڪئي وڃي ٿي؟ ٻار نازڪ گلن جيان هوندا آهن. ٻارن تي زور، زبردستي، جسماني ۽ ذهني تڪليف سان ڀريل تعليم ڪنهن به صورت ۾ ڪابل برداشت نه هوندي آهي. شروعاتي عمر ۾ فلاسافي ۽ نفسياتي طريقن تي جڙيل تعليم ئي ٻارن جي شخصيت جي بنيادن کي مضبوط ڪري سگھي ٿي. ڇا اسان وٽ فلاسافي ۽ نفسياتي طريقن تي ٻڌل تعليم ڏني وڃي ٿي؟ هر دور ۾ راندين کي وڏي اهميت حاصل رهي آهي. راند شروعات کان وٺي فطري خوشي مهيا ڪندي آئي آهي ۽ ٻار هميشه راندين ڏانهن وڌيڪ لاڙو رکندا آيا آهن. ٻارن جي اهڙي رجحان کي نظر ۾ رکندي، تعليمدانن راندين ذريعي تعليمي نظام جو بنياد رکيو، جيڪو اڳتي هلي تمام گھڻو مفيد، دائمي ۽ دلچسپ ثابت ٿيو. اهڙي طرح دنيا جي تعليمي نظام ۾ ڪي. جي(K.G) ۽ مانٽيسوري (Montessori) جهڙي تعليمي طريقن انقلاب آڻي ڇڏيو. اهو انقلاب اسان وٽ ڪڏهن ايندو؟ ڪڏهن اسان جا شاگرد راندين ذريعي تعليم پرائيندا؟ جان ڊيوي تحقيقي نظريي (Learning by doing theory) ذريعي اهو ثابت ڪيو آهي ته ٻار، جيڪا تعليم مختلف سرگرمين (Activities) ذريعي پرائين ٿا، اها هنن جي ڪردار جي اوسر ۽ ترقيء ۾ تمام اهم هوندي آهي. اها تعليم ٻارن سان هميشه ٻانهن ٻيلي ٿي، عملي زندگيء ۾ تمام گھڻو ڪارمد ثابت ٿيندي آهي.هن سلسلي ۾ ڪنهن فلاسافر جو چوڻ آهي ته: “Tell me I will forget, show me I may forget, involve me I will never forget” اها تعليم جيڪا ٻارن کي مشغولين، ڦُڙتاين، چالاڪين ذريعي ڏني وڃي ٿي سا ٻار، سڄي عمر ساڻ کڻي هلندا آهن. اسان وٽ سرگرمين ذريعي سکڻ جي نظريي (Learning by doing) تي ڪڏهن عمل ٿيندو، ڪڏهن اسان وٽ تعليمي معيار تبديل ٿيندا ۽ ڪڏهن اسان جو نوجوان نسل سک جو ساه کڻندو؟
اها حقيقت آهي ته اسان جي تعليمي نظام ۾ خاص ڪري گورنمينٽ اسڪولن ۾ تبديلي جي ضرورت آهي۔ اتي جي استاد کي جديد ٽريننڱ جي سخت ضرورت آهي۔ ٻهراڙين جي گورنمينٽ اسڪولن ۾ استاد ساگئي پراڻي طريقي سان ٻارڙن کي پڙهائنٿا۔ ڪا واضح تبديلي نه آئي آهي۔