اليڪشني سياست

'مختلف موضوع' فورم ۾ اسلم ڀٽي طرفان آندل موضوعَ ‏1 آگسٽ 2012۔

  1. اسلم ڀٽي

    اسلم ڀٽي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آگسٽ 2012
    تحريرون:
    5
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    [​IMG]

    اگر اسانجي ملڪ ۾ حڪومت چواڻي عام چونڊون مقرره وقت تي ٿيون ته اهي مارچ 2013ع ۾ ٿينديون، يعني اڃا ان ۾ 8 مهينا باقي آهن. اگر مختلف سياسي پنڊتن ۽ تجزيا نگارن جي ٻڌون ته اهي چون ٿا ته عام چونڊون هلندڙ سال نومبر يا ڊسمبر ۾ يعني 4 يا 5 مهينن بعد ٿينديون پر اگر اقتداري مارڪيٽ ۾ ٻيهر شروع ٿيل سُرٻاٽن ڏي ڌيان ڏيون ته عيد کانپوءِ، يعني مهيني کن ۾ هر ڪنهن جي موڪل ٿيڻ واريون خبرون ٻڌجن پيون. سو اگر هر ڪو گهر ويو ته پوءِ ڇا جون چونڊون ۽ ڪٿان جون چونڊون؟ پر اگر ماضيءَ جيان اهي سرٻاٽ آمريڪي داٻي ۾ دٻجي ويا ته پوءِ ظاهر آهي ته عام چونڊون ئي ٿيڻيون آهن، پوءِ اهي پنجن مهينن ۾ ٿين ٿيون يا اٺن مهينن ۾ ۽ انهن چونڊن بابت مٿاڇري قسم جي تجزيا نگاري ۽ خبرون هاڻ کان ئي ميڊيا ۽ سياسي ڪچهرين ۾ شروع ٿي ويون آهن ۽ ظاهر آهي ته انهن ڪچهرين ۾ ڇڙيل بحثن ۾ اصل نقطو اهو هجي ٿو ته ڪهڙي پارٽي عوام ۾ گهڻي مقبول آهي ۽ ڪنهن جو ووٽ بينڪ وڌيو يا گهٽيو آهي. ان بحث جي حوالي سان پي پي ۽ نواز ليگ جو گهڻو ذڪر فڪر ٿيڻ کانپوءِ ذڪر تحريڪ انصاف جو به اچي ٿو پر تحريڪ انصاف جو ماضي ۾ ڪو خاطر جوڳو ووٽ بينڪ ناهي رهيو، تنهن ڪري ان کي پاڻ سرپرائيز Element طور آڏو رکي پيا سگهون ته متان اها پنجاب ۽ خيبر پختونخوا ۾ ڪو لوڏو آڻي ڇڏي يا لوڏو نه به ته صرف هڪ Spoiler (کاريندڙ/ خراب ڪندڙ) وارو ڪردار ادا ڪري سگهي پر سڄي ملڪ ۾ ماضي ۾ وڏي انگ ۾ ووٽ بينڪ رکندڙ طور مڃتا رکندڙ صرف ٻه پارٽيون پي پي ۽ نواز ليگ آهن پر اها به هڪ دلچسپ حقيقت آهي ته انهن ٻنهي پارٽين جي ووٽ بينڪ يا ڪيڊرز ۾ پنهنجين پارٽين ڏانهن اهو رومانس وارو رشتو اهڙو ناهي رهيو، جهڙو ڪنهن وقت ۾ نظر ايندو هو. سو هن ڀيري ڪنهن نعري يا جذباتي نقطي تي چونڊن جو ماحول جڙندي نظر نٿو اچي، بلڪه چونڊون بنهه مڪينيڪل انداز جون ٿينديون، جنهن ۾ سڄو زور جوڙ توڙ، پئسي ۽ لٺ جو زور بار وغيره هوندو. اهو سڀ ڪجهه اڳ به هوندو هو پر پاپولر ووٽ نه جوڙ توڙ ۽ نه ئي ڪنهن پئسي يا لٺ سان چرندو هو، بلڪه شخصيت، جذباتي نعري ۽ ڪو المناڪ حادثو پاپولر ووٽ کي ڇڪي پولنگ اسٽيشنن تائين آڻيندو هو پر هن ڀيري ٻنهي وڏين پارٽين پي پي ۽ نواز ليگ وٽ سردست اهڙو ڪوبه جذباتي نعرو نظر نٿو اچي، جيڪو پاپولر ووٽ کي چونڊن واري ڏينهن گهران ڪڍي سگهي. اچو ان ڳالهه جو جائزو وٺون ته جذباتي نعري جي عدم موجودگي هوندي ٻيا ڪهڙا فيڪٽرز ٿي پيا سگهن، جيڪي پاپولر ووٽ کي Move (متحرڪ) ڪري پيا سگهن. منهنجي خيال ۾ ٽي ٻيا فيڪٽرز ٿي پيا سگهن: (1) قومپرستي (2) ڪاڪردگي (3) چونڊ وڙهندڙ ڌرين ۾ شديد قسم جي ڇڪتاڻ، جنهن ۾ عام ماڻهو متاثر ٿيو هجي. انهن ٽنهي فيڪٽرز مان قومپرستي وارو فيڪٽر نواز ليگ کي پنجاب جي حد تائين ٿورو گهڻو لاڀ ڏئي پيو سگهي، جو 1999ع کانپوءِ ڪو پنجابي ڳالهائيندڙ وزير اعظم نه ٿيو آهي (چوڌري شجاعت مهيني ٻن لاءِ نگران وزير اعظم هو) ۽ 13 سالن کان لاهور سڌي ريت اسلام آباد جي اقتدار کان ڌار رهيو آهي. سو اگر اهڙي ڪا لهر هلي ته ان جو فائدو نواز ليگ کي ٿي پيو سگهي پر وري پنجاب جي ئي سرائيڪي پٽيءَ ۾ سرائيڪي صوبي جو نعرو سرائيڪي قومپرستي جي صورت ۾ پي پي کي فائدو ڏئي پيو سگهي. سنڌ ۾ ٻنهي پارٽين وٽ قومپرستي جي حوالي سان اهڙو ڪجهه ناهي، جيڪو پاپولر ووٽ کي موبلائيز ڪري سگهي. ڪارڪردگي واري فيڪٽر کي ڪنهن حد تائين نواز ليگ پنجاب جي حد تائين اليڪشن مهم جو حصو بڻائي پئي سگهي، باقي جيستائين معاملو ٻن ڌرين ۾ شديد ڇڪتاڻ وارر هجڻ جو تعلق آهي، ته اهڙو ڪو معاملو پي پي ۽ نواز ليگ منجهه نظر نٿو اچي، جو ٻئي ڌريون اعلانيل ۽ اڻ اعلانيل مفاهمت ۾ رهيون آهن. سو اتي معاملو ماضي جي اسلامي جمهوري اتحاد ۽ پيپلز پارٽي منجهه ڇڪتاڻ جهڙو بلڪل به ناهي. تنهنڪري ٿلهي ليکي ڳالهه اها سمجهه ۾ اچي ٿي ته هن ڀيري عام چونڊن ۾ پاپولر ووٽ، جنهن کي پاڻ ائين به چئي پيا سگهون ته اهو ووٽر، جيڪو ڪنهن جي داٻي يا اثر ۾ نٿو هجي، بلڪه آزاد هجي ٿو ۽ جيڪو پنهنجي پسند موجب ووٽ ڏئي ٿو، اُن ووٽر جو هن ڀيري ٽرن آئوٽ گهٽ ٿيڻ جو امڪان آهي، جنهن جو نواز ليگ کي پنجاب ۾ ۽ پي پي کي سنڌ ۾ نقصان پهچڻ جو خدشو آهي، ڇاڪاڻ ته عام چونڊن ۾ انهن ٻنهي پارٽين جي اميدوارن کي پنجاهه سيڪڙي کان وڌيڪ اهڙا ووٽر ووٽ ڏيندا آيا آهن، جن کي اهي اميدوار سڃاڻن به ڪونه. سو اگر ان پاپولر ووٽر جو ٽرن آئوٽ گهٽ ٿيو ته انهن پارٽين جي اميدوارن آڏو بيهندڙ روايتي پارٽيون يا آزاد اميدوار سگهارا ٿي پوندا، ڇاڪاڻ ته انهن کي پاپولر ووٽ نه ملندو آهي، بلڪه هو خالص مڪينيڪل انداز ۾ پنهنجن سمورن ووٽرن بابت آڱرين تي حساب رکندا آهن. نظر ائين اچي ٿو ته نه صرف پاپولر ووٽ گهٽ پوڻ سبب مجموعي طرح چونڊن ۾ ووٽرن جو ٽرن آئوٽ گهٽ ٿيندو، بلڪه ووٽر لسٽون ڪمپيوٽرائيز ٿيڻ سبب پڻ جعلي ووٽ تمام گهٽ انگ ۾ پوندو، جنهن جي ڪري به ايندڙ عام چونڊن ۾ ماضي جي ڀيٽ ۾ ووٽن جي شرح يا ووٽرن جو ٽرن آئوٽ گهٽ پوڻ جو چٽو امڪان آهي ۽ چونڊن جي موسم ۾ جوڙ توڙ، داٻي ۽ پئسي جي استعمال جي فراواني سبب عام چونڊن دوران ڇڪتاڻ ۽ تشدد جو رجحان پڻ وڌيل نظر ايندو.
    دُنيا جي سڌريل ملڪن ۾ معياري تبديلي متواتر ٿيندڙ چونڊن ذريعي اچي سگهي آهي، جنهن ۾ ووٽ جي طاقت ذريعي عوام بهتر کان بهتر حڪومتن کي آندو، جن بهتر کان بهتر ڪارڪردگي ڏيکاريندي پنهنجي قوم کي ترقي ۽ خوشحالي جي منزل تائين پهچايو، جنهن جو مُک ڪارڻ هو ته انهن ماڻهن جي اجتماعي ترقي ۽ اجتماعي چڱائي لاءِ پاليسيون ٺاهيون ۽ ڪم ڪيا پر اسان وٽ بدقسمتيءَ سان اليڪٽرول سياست ۾ اڳ ۾ ئي موجود اهو ٽرينڊ هاڻ وڌيڪ سگهارو ٿي ويو آهي ته اجتماعي چڱائي يا ترقيءَ بدران گروهي يا فردن سان چڱائي ڪجي يا انهن کي ترقي وٺرائجي، جيئن اهي گروهه يا فرد حڪمرانن جا ٿورائتا هجن ۽ مفادات رکندڙن جو هڪ Circle يا حلقو ٺهيل هجي، جيڪي هڪ ٻئي سان سلهاڙيل ۽ جڙيل رهن. مثال طور اگر هڪ ايم پي اي، جنهن جي تڪ ۾ سوا لک کان وڌيڪ ووٽ هجن ٿا، اهو پنهنجي تڪ جي پنج سئو بيروزگار نوجوانن کي بنگلي تي سڏي سرڪاري نوڪرين جا آرڊر ٿو ڏئي ته نه صرف اُنهن پنج سئو نوجوانن تي ذاتي ٿورو ڪري رهيو هجي ٿو، بلڪه هر نوجوان جي خاندان جا اٺ يا ڏهه ڀاتي به اُن ايم پي اي صاحب جا ذاتي طرح ٿورائتا ٿيندا آهن. ساڳئي ريت اگر ايم پي اي صاحب ڪنهن بي گناهه ماڻهو کي پوليس لاڪپ اپ مان ڇڏرايو هوندو ته اهو ماڻهو ۽ ساڻس لاڳاپيل ماڻهو سندس احسانمند رهن ٿا پر هاڻ ڳالهه ان کان به چڙهي وئي آهي، جو هر تڪ ۾ ننڍا ننڍا چڳا مڙس تمام گهڻا ٿي ويا آهن، جن جي اثر ۾ پنج سئو کان پنجن هزارن تائين ووٽر هجن ٿا. سو هاڻ ايم پي اي، جيڪو تڪ ۾ وڏو صاحب هجي ٿو، سڌي ريت ماڻهن سان رابطو رکڻ بدران تڪ ۾ موجود پندرنهن کان ويهه ”ننڍن صاحبن“ سان رابطي ۾ رهي ٿو، جيڪي ”ننڍا صاحب“ ٿاڻي، تپيدار، اريگيشن وغيره جا ماڻهن جا مسئلا ”وڏي صاحب“ (ايم پي اي) جي نالي ۾ نبيرين ٿا، جنهن جي عيوض هر ”ننڍو صاحب“ پنج سئو، يا هزار يا پنج هزار ماڻهن کي پنهنجو ٿورائتو ۽ مرعوب رکي ٿو ۽ ائين هر تڪ ۾ هڪ گروهه ذاتي مفادن جو سرڪل ٺاهي ماڻهن کي ان انداز تي ڦيرائيندو رهي ٿو. توهان اڪثر ٻڌو هوندو ته حڪومتون اهو چون ٿيون ته اسان پنجاهه هزار يا لک سرڪاري نوڪريون ڏنيون. ظاهر آهي نوڪريون اُنهن کي ڏنيون ويون هجن ٿيون، جيڪي اُنهن نوڪرين عيوض سرڪار جا ٿورائتا ٿيا هجن، ڇاڪاڻ ته اگر ڪنهن حڪومت ۾ نوڪري ميرٽ تي ڪنهن نوجوان کي ملي هوندي ته هو ان حڪومت جو ڇو ٿورائتو ٿيندو ۽ حڪومت اُنهن نوڪرين ڏيڻ کي پنهنجن ڪارنامن ۾ ڇو شمار ڪندي؟ ڪڏهن توهان اهو نه ٻڌو هوندو ته ڪا سرڪار اهو اعلان ڪري ته سڀني ماڻهن کي ميرٽ تي نوڪري ملي آهي، تنهن ڪري اسان ڪنهن تي ڪابه مهرباني ناهي ڪئي!! ڪو اميدوار ڇا چونڊ مهم ۾ اهو چئي سگهي ٿو ته هن ڪنهن کي به نوڪري ناهي وٺرائي ڏني، بلڪه ميرٽ تي نوڪري ملڻ جو نظام ٺاهڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو آهي! يا اهو ته، هن اسيمبلي ۾ پوليس سڌارن لاءِ قانونسازي ڪرائي آهي، جيئن ڪو بي گناهه لاڪپ اپ نه ٿي سگهي؟ يا امن و امان ايترو سٺو ٿي ويو آهي، جو پوئتي پيل علائقن ۾ به سيڙپڪاري ٿيڻ سبب خوشحالي اچي وئي آهي؟ عرض ته اسان وٽ اجتماعي چڱائي آڻڻ اسانجي اليڪشني سياست جي ايجنڊا تي گهڻي اهميت نٿو رکي ۽ شايد انهيءَ سبب اڪثر ماڻهن جي چپن تي اهو جملو ٻڌڻ لاءِ ملي ٿو ته، ”ادا هڪڙا ويا، هاڻ ٻيا اچي ويندا، ان سان عام ماڻهوءَ جي زندگي تي ڪهڙو اثر پئجي ويندو.“
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو