مترجم: ڊاڪٽر علي مرتضى ڌاريجو ”ڳائو کير ضروري غذا آهي بشرطيڪ توهان گابا هجو.“ مريض جي چارٽ جو ڌيان سان اڀياس ڪيم: ”14 مهينن جو ٻارڙو ليس زڪام ۾ مبتلا آهي ۽ کائي پيئي نه ٿو.“ سندس پيءَ ڪڪائون رنگو 40 جي ڏهاڪي ۾، ٻارڙو سندس هنج ۾ ۽ بي چين هو، سندس چمڙي هلڪي ڦڪاڻ مائل سفيد هئي، جنهن سبب منهنجو پهريون اندازو هو ته کيس ڪامڻ آهي. پاڻکي متعارف ڪرائڻ کانپوءِ سندس پيءَ کان پڇيم: ”ڇا تنهنجي ٻار کي ڪا بيماري آهي؟“ هن آهستي فلپيني لهجي ۾جواب ڏنو: ”منهنجي پٽ کي دم آهي.“ پر دم سبب ڪامڻ ٿي نه ٿو سگهي. ٻار جا چپ پيلا هيا ۽ ڪنهن به هنڌ مٿن گلابي چِٽ نظر نه ٿي آئي. سندس آڱرين جا ننهن پڻ ايترا پيلا هيا جو اهي چاڪ جهڙا ڏسڻ ۾ ٿي آيا. جڏهن ته، سندس چمڙي، پيءَ جي چمڙيءَ رنگي هلڪي پيلي ڪڪي هجڻ گهرجي ها.سندس چمڙيءَ جا سڀ ڳاڙها ۽ گلابي چِٽ چَٽُ هيا. ٻارڙو شايد ته، رت جي سنگين پوڻائيءَ/سَڪل رت جو شڪار هو، جنهن جو اهو مقصد ٿيو ته، سندس رت ۾ انهن سيلن جي کوٽ آهي جن جو ڪم آڪسيجن کڻڻ آهي، جڏهن ته رت جي پوڻائيءَ سبب دم ٿي نه ٿو سگهي. ٻارڙو ڪجهه تڪڙا ساهه کڻي ۽ رکي رکي سيٽيءَ جهڙو آواز ڪڍي رهيو هو، جيڪو مان ٻڌي رهيو هيس، جڏهن ته سندس ساهه کڻڻ ۾ ڪا به روڪ محسوس نه ٿي رهي هئي. ٻارڙي مون ڏانهن ڏٺو، ۽ ڏسِي، ڍيرِي ٿي، پيءَ جي هنج ۾ سمهي پيو.هُو مشڪل سان ئي ڪو چري پري ٿي سگهيو. جڏهن ڪمپيوٽر تي، سندس ميڊيڪل هسٽريءَ تي نظر وڌم، ته ان ۾ ٿيل هڪ تازي واڌاري لوڏي ڇڏيم. چار مهينا اڳ کيس اسپتال ۾ ان سبب داخل ڪيو ويو هو جو”دم سبب سندس ساهه منجهڻ لڳو هو“، جيڪا هڪ سنگين ۽ ورلي موتمار گهڙي ثابت ٿئي ٿي، پر خوشقسمتيءَ سان ٻارڙو ان تڪليف مان جلد نؤبنو ٿي ويو هو. مون سندس ڦڦڙن جي هڪ ڀيرو وري تپاس ڪئي. جيتوڻيڪ اهي ايترا گهڻا روڳي محسوس نه ٿي رهيا هيا، تنهن هوندي به نرس کي سڏيم: ”اچ ته هن جي آڪسيجن تپاسيون. ٿي سگهي ٿو ته کيس آڪسيجن ڏيڻي پئي ۽ ان سان گڏ البيوٽيرال (albuterol) ساهه کڻڻ جو علاج به ڪيونس.“ مون ڪا به اهڙي ڳالهه ڪرڻ نه پئي چاهي جيڪا خطرناڪ ٿي پئي سگهي. سندس دم جي تڪليف هلڪي محسوس ٿي رهي هئي، تڏهن به مان ان جو ڀرپور علاج ڪرڻ تي چاهيو، ان اميد سان ته ڪنهن ڏکوئيندڙ ٿِيڻيءَ کان بچي سگهون. پر مان ان عجب ۾ هيس ته هي ايترو پيلو ڇو آهي؟کيس جيڪو علاج ڏنو ٿي ويو اهو رڳو دم جو هو. سندس پيءَ ڳالهه وڌائيندي چيو ته ٻارڙو گذريل ٻن ٽن مهينن لاڪر پيلو ۽ موڳو رهندو آيو آهي. هو کائي به نه ٿو ـــــــــ رڳو کير پي رهيو آهي. سندس بانبڙا پائڻ يا گهمڻ ڦرڻ تي دل ئي نه ٿي چوي. ڇا کيس ڪو اهڙو روڳ ٿيو آهي جنهن سبب هو رت جي پوڻائيءَ جو شڪار آهي ۽ ان سبب سندس دماغ متاثر ٿيو آهي؟ ليوڪيميا Leukemia)= رت جي ڪينسر) سبب ائين ٿي سگهي ٿو، ته ان جا ٻيا به ڪارڻ ٿي سگهن ٿا. ٻارڙي جي ليوڪيميا يا ڪنهن ٻئي قسم جي بيماريءَ هجڻ، جهڙوڪ: وڌيل تري/هيانچي، سجيل لمف نوڊن يا چمڙيءَ ۾ ٿيندڙ رت هير. اها ڳالهه به ڏٺم ته، رت-پوڻائي ايتري سنگين نه هئي جو ان سبب ٻار جي آڪسيجن جون ضرورتون پوريون ٿي نه ٿيون سگهن. جيتوڻيڪ سندس دل ۽ ڦڦڙ سخت ڪم ڪري رهيا هيا، تنهن هوندي به ٻارڙو ڪنهن خطري ۾ نظر نه ٿي محسوس ٿيو. جڏهن ڏٺم ته هو صحيح آهي تڏهن کيس هيموگلوبن hemoglobin) = رت جو آڪسيجن نيندڙ جزو) جي مقدار تپاسرائڻ لاءِ موڪليم. ان تپاس مان خبر پئجي سگهندي ته منجهس رت پوڻائي ڪيتري شديد آهي. عام طور تي، 14 مهينن جي ٻار جي هيموگلوبن 10 کان 13 هجي ٿي. ڪجهه وقت کانپوءِ ليباريٽري جي ڪلارڪ سڏيندي ٻڌايو ته هيموگلوبن جي صورتحال سنگين يعني 2.2 آهي. هيموگلوبن جي جوڙجڪ/بناوت ڪهڙي آهي تنهن جو نقش، شيشي جي 80 ملي ميٽر هم چورس سلائيڊ تي چٽيو ويندو آهي. مان پنهنجي زندگيءَ ۾ هيموگلوبن جو گهٽ ۾ گهٽ مقدار 3.6، اهو به ٽن سالن جي هڪ اهڙي ڇوڪريءَ ۾ ڏٺو هو، جنهنکي نمونيا هئي، جنهن جو منهنجي موجودگيءَ ۾ ساهه کڻڻ بند ٿي ويو هو. ڦڦڙن جي انفيڪشن (روڳ/پڪريز) سندس جسم جي ان صلاحيت کي مات ڏئي ڇڏي هئي، جنهن سبب رت جي پوڻائيءَ ڪري آڪسيجن جي رسد متاثر ٿي رهي هئي. خوشقسمتيءَ سان اسان سندس علاج ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيا هياسين ۽ هوءَ بچي ويئي هئي. ٻارڙي جي پيءَ کي سمجهايم ته سندس پٽ کي اسپتال ۾ داخل ڪرائڻ ضروري آهي. کيس اهو به سمجهايم ته شديد رت جي پوڻائيءَ سبب منجهس ايترو سَت نه رهيو آهي ته هو ڳالهائي يا گهمي سگهي. ليباريٽري جي تفصيلي رپورٽ ڏسڻ سان دلجاءِ ٿي ته ٻارڙي جي رت جا اڇاگھرڙا (سيل) ۽ پليٽِيليٽ (platelets) عام رواجي آهن. کيس ليوڪيميا ناهي. رپورٽ ۾ اهو به ڄاڻيل هو ته سندس رت جا ڳاڙها گھرڙا ننڍڙا، بي رنگا ۽ ڪيترا بي ڊولا آهن. رت جي ڳاڙهن گھرڙن ۾ ان قسم جا مسئلا موروثي بيمارين کانسواءِ عام طور تي کاڌي ۾ فولاد (Iron) جي کوٽ سبب پيدا ٿين ٿا. ڳاڙها گھرڙا، هيموگلوبن سان ڏٽيل ٿين ٿا ۽ هيموگلوبن جي هر ماليڪيول کي آڪسيجن جهٽڻ لاءِ فولادي ائٽمن جي گهرج ٿئي ٿي. فولاد جي اڻهوند سبب ڳاڙها گھرڙاپنهنجو ڪم ڪري نه ٿا سگهن. آهستي آهستي سُٽُ سلجهندو ويو، جڏهن سندس پيءَ ٻڌايو ته هو ڪيترن مهينن کانوٺي رڳو ئيڳائو کير پيئندو رهيو آهي. ڳائي کير جي پروٽين، آنڊي جي استر ۾ سوزش ڪري وجهي ٿي، پر هلڪي درجي جي. جيتوڻيڪ اهڙي سوزش نه ته سور پيدا ڪري ۽ نه ئي الٽيون ڪرائي ٿي، البت هلڪي، نالي ماتر رت هير (Bleeding) ضرور ڪرائي ٿي. جيڪڏهن اهڙي رت هير ڊگهي عرصي تائين ٿيندڙ هجي ۽ ٻار ساڳئي وقت اهڙا کاڌا نه کائي جنهن ۾ فولاد هجي ته لازماً رت پوڻائي ٿي پوي ٿي. ان حوالي سان، ٽن سالن کان ننڍيءَ عمر جا ٻار خاص طور تي اهڙيءَ صورتحال جو شڪار ٿين ٿا، ڇاڪاڻ ته، سندن آنڊي جو بچاءُ ڏيندڙ استر اڃا تائين مڪمل طور تي تيار ٿي نه سگهندو آهي. اهو ئي سبب آهي جو ڊاڪٽرَ والدين کي صلاح ڏيندا آهن ته جيستائين ٻارڙو هڪ سال جي عمر جو نه ٿو ٿئي تيستائين کيس ڳائو کير نه پيارجي ۽ هڪ سال جي عمر جي ٻار کي تپاسرائڻ جو مشورو ڏيندا آهن ته جيئن اها پڪ ڪري سگهجي ته هو مختلف قسمن جا کاڌا کائي رهيو آهي ۽ نه ڪي رڳو کير پي رهيو آهي. ڪن سببن ڪري هن ٻارڙي جا والدين ان ڳالهه کان ناواقف رهيا آهن. ان جو شايد ته هڪ ٻيو سبب هيءُ به هو ته، سنگين دم ڪشيءَ سبب والدين ۽ ڊاڪٽر رڳو ان مرض تائين محدود رهيا. خوشقسمتيءَ سان جڏهن کيس رت ڏني وئي ته هن، ان جو سٺو ۽ تڪڙو اثر ڏيکاريو، جنهن سبب هُو ٻئي ڏينهن تي وڌيڪ چست ۽ ڦڙت هو. جڏهن هُو گهر وڃڻ وارو هو ته سندس والدين کي کاڌن بابت اها ڳالهه ذهن نشين ڪرائي وئي ۽ چيو ويو ته کيس فولاد جو واڌو مقدار ڏنو وڃي ته جيئن ٻن ٽن مهينن اندر سندس جسم ۾ فولاد جو ڀنڊار گڏ ٿي سگهي ۽ اڳتي به هو وٽامنون ۽ فولاد واپرائيندو رهي. جڏهن ڪيترا ئي بانبڙا پائيندڙ ٻار کير پيئڻ پسند نه ڪندا آهن، ته سندن والدين پريشان ٿي پوندا آهن. اهڙين حالتن ۾ صلاح ڏيندو آهيانِ ته ٻارڙن کي کير بجاءِ ڪيلشَم مهيا ڪرڻ لاءِ سويا کير يا ڪيلشم جا واڌو مقدار ڏئي سگهجن ٿا. کين اهڙن ٻارڙن بابت، جيڪي رت جي پوڻائيءَ جو رڳو ان سبب شڪار ٿيندا آهن جو سواءِ کير جي ٻيو ڪجهه به نه واپرائيندا آهن، چوندو آهيان: ”ڳائو کير ضروري غذا آهي بشرطيڪ توهان گابا هجو.“
بهترين شيئرنگ تمام سٺو عنوان، مطلب ته ٻارن کي ڳئون جي کير کان پري رکجي ۔۔۔۔۔ پر هندستان ۾ ته معاملو ٻيو آهي۔ اتي ڳئون جو کير شوق سان پيتو وڃي ٿو۔
سائين رياض ڳائي کير جي باري ۾ تمام بھترين ليک ونڊڻ جي مھرباني۔ ادا عاشق! منهنجو نالو ”رياضت“ آهي، ”رياض“ نه۔