ليکڪ: قربان علي راڄپر ماکيءَ جا طبي فائدا ماکي هڪ بهترين غذا هئڻ سان گڏ رت صاف ڪندڙ، دل ۽ دماغ کي طاقت ڏيندڙ، ٿڌ، زڪام ۽ ٻين ڪيترين ئي اندرين توڙي ٻاهرين جسماني تڪليفن جو هڪ بهترين علاج آهي. هتي ماکيءَ جي ڪن فائدن ۽ ان جي استعمال جو بيان ڏجي ٿو. جنهن مان ماکيءَ جي انيڪ خوبين جو چڱيءَ طرح اندازو لڳائي سگهجي ٿو ۽ ان کي صحيح طريقي سان استعمال پڻ ڪري سگهجي ٿو. بهترين خوراڪ: بهترين خوراڪ جي حيثيت سان هر روز صبح ۽ شام جو ماکيءَ جو، هڪ کائڻ وارو چمچو مکڻ جي پسند آهر مقدار سان کائڻ گهرجي. دماغ جي طاقت لاءِ: هر روز صبح ۽ رات جي مانيءَ سان گڏ ماکيءَ جو هڪ چمچو مَلائيءَ ۾ گڏي کائڻ گهرجي. دل جي طاقت لاءِ: هر روز ٻه دفعا ڪنهن به وڻندڙ شَي سان ماکيءَ جو هڪ چمچو کائڻ کپي. رت صاف ڪرڻ لاءِ: صبح جو يا رات جو ماکيءَ جا ٻه چمچا گرم کير ۾ چڱيءَ طرح ملائي پيئڻ گهرجن. صبح ۽ شام جي چانہه ۾ پڻ ماکي پِي سگهجي ٿي. ماکيءَ جو ساڳيو ئي مقدار چڱيءَ طرح ڪيلن سان به کائي سگهجي ٿو. ٿڌ ۽ زڪام جو بهترين علاج: ماکيءَ جا ٻه چمچا ليمي جي رس ۾ يا ادرڪ جي رس جو هڪ ننڍو چمچو گرم پاڻيءَ جي هڪ گلاس ۾ ڏينهن ۾ ٽي دفعا پيئڻ گهرجي. نڙيءَ جي خرابي لاءِ: روزانو ٻه يا ٽي دفعا ماکيءَ جو هڪ چمچو چَٽڻ گهرجي. اک اٿلڻ جو علاج: ماکيءَ جا ٻه ڦڙا اٿيل اک ۾ هر روز ٻه يا ٽي دفعا وجهڻ گهرجن. اُٿيل اک ۾ ماکي سرمي واري سرائيءَ سان به پائي سگهجي ٿي. هاضمي جي مڙني خرابين لاءِ: هاضمي جي هر قسم جي خرابي لاءِ ”ماکيءَ جي چانہه“ ٺاهڻ گهرجي. تازي پاڻيءَ جي اٻاريل هڪ ڪوپ ۾ هڪ وڏو چمچو وجهڻ سان ”ماکيءَ جي چانهه“ ٺهي پوندي. جيترو ٿي سگهي سخت گرم چانہه مانيءَ کان اڌ ڪلاڪ اڳ ڍُڪ ڍُڪ ڪري پيئڻ گهرجي. ذهني ۽ جسماني ٿڪ لاهڻ لاءِ: ڪنهن به قسم جي ذهني يا جسماني محنت کان پوءِ گرم پاڻيءَ جي هڪ گلاس ۾ ماکيءَ جا ٻه چمچا چڱيءَ طرح ملائي پيئڻ سان ٿڪ لهي ويندو. ترت توانائي حاصل ڪرڻ لاءِ: جنهن به وقت توانائيءَ جي گهٽ هئڻ جو احساس ٿئي، ماکيءَ جو هڪ چمچو کائڻ گهرجي. جيوڙا مار دوا: مختلف طبي محققن جو چوڻ آهي ته ماکي کائيندڙ ماڻهوءَ جي جسم ۾ مدي جي تپ، پيچش، سُوريءَ ۽ ٻين بيمارين جا جيوڙا رهي نه ٿا سگهن. ان جو مطلب اهو ٿيو ته ماکي هڪ جيوڙا مار دوا پڻ آهي. ان مقصد لاءِ ماکيءَ جا ٻه چمچا ڏهيءَ ۾ چڱيءَ طرح ملائي صبح جي وقت کائڻ گهرجن. ذيابيطس لاءِ: ذيابيطس (مٺي پيشاب) جي مريضن کي کنڊ جي جاءِ تي ماکي استعمال ڪرڻ کپي. مدي جي تپ لاءِ: مدي جي تپ واري ماڻهوءَ کي جيترا دفعا به کير پيارڻو هجي، هر دفعي گرم کير ۾ ماکيءَ جا ٻه چمچا ملائي پيارجن. صحت بخش خوراڪ: نيرن تي ماکي کائڻ ڪري آنڊن تي تمام سٺو اثر پوي ٿو جنهنڪري تندرستي قائم رهي ٿي. رت ٺاهڻ لاءِ: ماکيءَ ۾ رت جي خاص مرڪب ”هيموگلوبن“ پيدا ڪرڻ جي طاقت آهي. جسم ۾ نئين رت ٺاهڻ لاءِ ماکيءَ جا ٻه چمچا گرم کير يا چانهه ۾ چڱيءَ طرح گڏي ڏينهن ۾ ٻه دفعا پيئڻ گهرجن. هلڪو جلاب: ماکي هڪ هلڪو جلاب پڻ آهي. قبضِيءَ جي حالتن ۾ جتي ٻي ڪا دوا نقصان ڏئي، ماکيءَ جا ٻه چمچا گرم کير يا پاڻيءَ ۾ پيئڻ سان سان قبضي ختم ٿي ويندي. زخمَ ڇٽائڻ لاءِ: زخم کي صاف ڪرڻ کان پوءِ ڪنهن ٿلهي ڪپڙي تي ماکي لڳائي معمول مطابق پٽي ٻڌي ڇڏجي. جسم کي ٿڌو رکڻ لاءِ: اونهاري جي گرم ڏينهن ۾ ماکيءَ جا ٻه چمچا ٿڌي پاڻيءَ جي هڪ گلاس ۾ چڱيءَ طرح ملائي پيئڻ سان جسم ۾ ٿڌڪار محسوس ٿيندي. ان طريقي سان جيڪڏهن ماکي ڪجھ ڏينهن روزانو پيئبي، ته دل جو ساڙو ختم ٿي ويندو ۽ جسم مان واڌُوگرمي پڻ نڪري ويندي. بي خوابيءَ جو علاج: ننڊ نه اچڻ جي صورت ۾ سمهڻ وقت ماکيءَ جو هڪ چمچو ٿڌي کير يا پاڻيءَ جي هڪ ڪوپ ۾ پيئڻ گهرجي. ائين ڪرڻ سان تمام گهِري ننڊ اچي ويندي. خارش جو علاج: جسم جي جنهن حصي تي خارش ٿئي، اتي ماکي مهٽڻ سان آرام اچي ويندو.
بهترين ليک بس سائين ماکي جي ڳالهه ڪرڻ سان مٺاس محسوس ٿي ٿئي۔ ڳوٺ ۾ هوندا هئاسين ته ماکي جي ڪڍ هوندا هئاسين۔ هتي ته الائي ڪهڙي ماکي ٿي ملي۔