تحرير: عبدالوحيد ميمڻ ننڊ ۽ اوجاڳو ننڊ ڇا آهي ۽ ننڊ دوران ڪهڙا ڪهڙا جسماني عضوا آرام ڪندا آهن يا ڪم ڪندا آهن؟ انهن ڳالهين تي گهڻي وقت کان تحقيق ٿي رهي آهي، پر اڃا تائين سڀني حقيقتن جي پوريءَ طرح خبر پئجي نه سگهي آهي. ننڊ جي سلسلي ۾ عام ماڻهن ۾ ڪي غلط فهميون پکڙيل آهن جن کي ختم ڪرڻ ضروري آهي. تجربن ذريعي اها ڳالهه ثابت ٿي چڪي آهي ته ننڊ جي ضرورت کاڌي پيتي کان به وڌيڪ آهي. هڪ روسي پروفيسر انهيءَ سلسلي ۾ ڪتي جي گُلرن تي ننڊ جا تجربا ڪيا هئا. هن ڇا ڪيو جو ڪِن گلرن کي کاڌي پيتي جون ته سڀ شيون ڏنائين، پر انهن کي اوجاڳو به ڪرايائين، ۽ ڪن گلرن کي کاڌي پيتي جون شيون نه ڏنائين پر ننڊ جا سمورا موقعا ڏنائين. هن ڏٺو ته اوجاڳي ماريل گلر ته پنجنِ ڏينهن اندر مري ويا، پر کاڌي پيتي کان محروم گلر ويهن ڏينهن تائين به زنده رهيا. گهڻو ڪري ماڻهو ننڊ کي ضرورت کان وڌيڪ اهميت ڏيندا آهن. نتيجو اهو نڪرندو آهي جو ننڊ نه اچڻ جي ڪري ڳڻتي ڪندا آهن، پر حقيقت اها آهي ته اوجاڳو ۽ ننڊ نه اچڻ ايترو نقصان نه پهچائيندو آهي، جيڏو نقصان ننڊ نه اچڻ جي ڀوَ کان ٿيندو آهي. اهڙيءَ حالت ۾ جيڪڏهن ننڊ جي باري ۾ صحيح معلومات هجي، ته اسان نه فقط ننڊ مان پورو پورو فائدو حاصل ڪري سگهون ٿا، پر ڪنهن وقت ننڊ نه اچڻ جي ڪري جيڪو ڀَو ٿيندو آهي، اهو به نه ٿيندو. جيستائين ننڊ جي مقدار جو تعلق اهي، خاطريءَ سان چئي نه ٿو سگهجي، ته ڪيترا ڪلاڪ سمهڻ گهرجي. ننڊ جو ضروري وقفو هر شخص لاءِ مختلف هوندو آهي ۽ ان جو دارومدار به گهڻو ڪري ان جي پنهنجي رهڻيءَ ڪهڻيءَ تي هوندو آهي. دماغي ڪم ڪرڻ وارن ۽ لاڳيتو ويهي ڪم ڪرڻ وارن کي اهڙن ماڻهن جي مقابلي ۾، جن کي ڪم ڪرڻ وقت لاڳيتو ويهڻو نه ٿو پوي ۽ کين گهمڻ ڦرڻ جو موقعو ملي وڃي ٿو، وڌيڪ ننڊ جي ضرورت ٿئي ٿي. ان هوندي به هڪ ماڻهوءَ لاءِ سراسري 8 ڪلاڪ روزانو ننڊ ضروري آهي. انهيءَ سلسلي ۾ روزاني زندگي جو معمول اهڙيءَ طرح بڻائجي، جو 8 ڪلاڪ سمهڻ لاءِ ملي وڃن. ٻارن جي واڌ جيئن ته ننڍپڻ ۾ جاري رهي ٿي، انهي ڪري کين وڌ ۾ وڌ ننڊ جي ضرورت ٿئي ٿي. انهن جي ڀيٽ ۾ پوڙهن کي ٿوري ننڊ ڪافي آهي. هيٺ عمر جي حساب سان ننڊ جو ضروري مقدار ڄاڻائجي ٿو: 6 کان 7 سالن تائين ـــــــــــــ 13 ڪلاڪ روزانو 10 کان 12 سالن تائين ـــــــــــــ 11 ڪلاڪ روزانو 13 کان 16 سالن تائين ـــــــــــــ 10 ڪلاڪ تائين روزانو 18 کان 19 سالن تائين ـــــــــــــ 9 ڪلاڪ روزانو 20 کان وڌيڪ ـــــــــــــ 8 ڪلاڪ روزانو هيءَ حقيقت آهي ته ننڊ جي مقدار جي مقابلي ۾ ننڊ جي نوعيت وڌيڪ اهميت رکي ٿي. اٺن ڪلاڪن جي بيچين ننڊ جي مقابلي ۾ آرام ۽ سُڪون واري ننڊ جا فقط 6 يا ان کان به گهٽ ڪلاڪ ڪافي آهن. سٺي ۽ گَهِري ننڊ لاءِ جسماني صحت سان گڏ صحتمند عادتون به ضروري هونديون آهن. جيڪڏهن جسماني صحت سٺي هجي ۽ عادتون به صحتمند هجن ته پوءِ عضون ۾ اها ڇڪتاڻ پيدا نه ٿي ٿئي، جيڪا ننڊ جي دشمن آهي. گهري ۽ سڪون واري ننڊ جو اهڃاڻ اهو آهي جو جڏهن صبح جو جاڳجي ته اک کلڻ سان ئي بستري تي اٿي ويهي رهجي ۽ چانہه جي ڪوپ يا ٻي ڪنهن سهاري کان سواءِ پاڻ کي پوريءَ طرح تازو توانو محسوس ڪجي ۽ پوءِ زندگيءَ جي ڪمن ڪارين ۾ مصروف ٿي وڃجي. ان جي ابتڙ جيڪڏهن اک کلڻ سان ئي سستيءَ ۽ ڪاهليءَ جو احساس ٿئي ۽ بستري تان اٿندي گهڻو وقت لڳي وڃي، ته ننڊ جو ڪو به فائدو نه ٿيندو. اهڙيءَ حالت جو بهترين حل اهو آهي ته ڪجھ ڏينهنِ تائين ڏيڍ يا ٻه ڪلاڪ ننڊ وڌيڪ ڪجي. گهڻي ننڊ ضروري آهي؟ ننڊ جي گهٽتائيءَ جو اثر هونئن ته سڄي جسم تي پوي ٿو ۽ سڄي صحت متاثر ٿئي ٿي، پر دماغ ۽ اعصاب جيئن ته وڌيڪ حساس ۽ نازڪ ٿين ٿا، انهي ڪري جلد ۽ زياده متاثر ٿين ٿا. انهن جو اثر جسم جي گرميءَ پد ۽ رت جي گھرڙن (سيلن) تي پوي ٿو. هڪدم جيڪي اثر ۽ علامتون نظر اچن ٿيون، انهن مان بيچيني ۽ بنا سبب جي مايوسي، اهم ترين به آهن ۽ سڀ کان واضح به آهن. اهوئي سبب آهي جو ننڊ جي گهٽتائيءَ جو اثر اسان جي ڪم جي رفتار ۽ ڪارڪردگيءَ تي پوي ٿو ۽ ان سان گڏوگڏ ان کان صحت به متاثر ٿئي ٿي. ان جي باوجود جيڪڏهن ننڊ ۾ ٿوري ۽ معمولي گهٽتائي هوندي ته ان جو اثر فقط وقتي هوندو آهي ۽ نيرن ڪرڻ تائين ختم ٿي ويندو آهي. البت اها ٿوري گهٽتائي به جيڪڏهن لاڳيتي جاري رهي ته ظاهري طور محسوس نه ٿيڻ جي باوجود سڄي ڏينهن جي ڪم ڪار کي منهن ڏيڻ لاءِ وڌيڪ قوت صرف ٿيندي رهندي ۽ هڪ نه هڪ ڏينهن انهيءَ گهٽتائيءَ جو اثر واضح صورت ۾ ظاهر ٿيڻ لڳندو. انهي خيال ۾ رهڻ ته گهٽ سمهڻ جي باوجود نه ته صحت تي خراب اثر پوي ٿو ۽ نه ئي ڪم جي رفتار ۽ ڪارڪردگي متاثر ٿئي ٿي، هڪ اهڙي غلطي آهي جنهن جو هڪدم تدارڪ ڪرڻ ضروري آهي. سمهڻ جو مناسب وقت سمهڻ جو بهترين وقت رات جو وقت آهي، پر رات جي باقائده ننڊ کان سواءِ منجهند جو سمهڻ به ڏاڍو فائدي وارو آهي. منجهند جو سمهڻ لاءِ ڪلاڪن جي ننڊ هروڀرو ضروري نه آهي، پر فقط ڏهن، پندرهن منٽن جي ننڊ به ڪافي ۽ مفيد ثابت ٿئي ٿي. ڪي ماڻهو منجهند جي ننڊ کي غير ضروري سمجهندا آهن. انهن جو خيال آهي ته رات جو سٺي ننڊ ڪرڻ کان پوءِ منجهند جو سمهڻ اجايو وقت وڃائڻ جي برابر آهي. ائين سوچڻ سراسر غلطي آهي. حقيقت اها آهي ته منجهند جي ماني کائڻ کان پوءِ، ٿوري سمهڻ جي ڪري سڄي ڏينهن جي ڪم جو ٿڪ لهي وڃي ٿو. اهڙيءَ طرح جيڪڏهن اعصابي ڇڪتاڻ ۽ ٿڪُ نه هوندو ته رات جو سٺي ننڊ ايندي يعني منجهند جو سمهڻ، رات جي ننڊ کي مِٺو ۽ گهرو بنائي ٿو. منجهند جي سمهڻ مان هڪ فائدو هي به ٿئي ٿو ته اهڙيءَ طرح مرضيءَ مطابق ٿوري سمهڻ جي مشق ٿي وڃي ٿي. جيڪڏهن اوهان منجهند جي سمهڻ جا عادي نه آهيو، ته ٿي سگهي ٿو ته ڪجھ ڏينهنِ، بلڪ ڪجھ هفتن تائين اوهان سٺي طرح سان ننڊ نه ڪري سگهو. پر ان جي باوجود ڪوشش جاري رکڻ تي سمهڻ جي عادت پيدا ٿي پوي ٿي، ۽ پوءِ منجهند جو سمهڻ باقائده روز جو معمول بڻجي وڃي ٿو. سمهڻ لاءِ کٽ جو هجڻ ضروري آهي؟ سمهڻ لاءِ کٽ ضروري استعمال ڪرڻ گهرجي، ڇاڪاڻ جو اهڙيءَ طرح چئني طرفن کان هوا به لڳي ٿي ۽ جيت جڻئي کان به بچاءُ ٿئي ٿو. کٽ تي سمهڻ وقت ٻارن وغيره کي ڀرسان سمهارڻ نه گهرجي. سٺي ننڊ لاءِ اڪيلو سمهڻ به ضروري آهي، ڇاڪاڻ جو ننڊ دوران عام طرح هڪ ماڻهو ويهن کان ٽيهه ڀيرا پاسا ورائي ٿو. انهيءَ ڪري ممڪن آهي ته پاسي بدلائڻ وقت ٻئي ماڻهوءَ سان ٽڪرائجي جاڳي پوي يا وري ٻئي جي پاسي بدلائڻ وقت کيس بي آرامي ٿي پوي. اهڙيءَ حالت ۾ ننڊ مان پورو فائدو حاصل نه ڪري سگهبو. ان سلسلي ۾ اهو به خيال رهي ٿو ته متان گڏ سمهيل ٻار جي ننڊ ڦٽي پوي، انهيءَ اڻ تڻ جو دماغ تي وڌيڪ خراب اثر پوي ٿو ۽ ننڊ خراب ٿي پوي ٿي. ڪچي ننڊ ڪڏهن ڪڏهن ننڊ پوري ٿيڻ کان اڳ ئي اک کلي پوندي آهي. انهيءَ کي چئبو آهي ”ڪچي ننڊ مان اٿڻ“. ڪچيءَ ننڊ مان اٿڻ جو وڏو سبب آهي هاضمي جي خرابي ۽ اجايون سجايون ڳڻتيون. جيڪڏهن ڏهين، ساڍي ڏهين بجي سمهڻ کان پوءِ اڌ رات جو جاڳ ٿي وڃي ته ان جو سبب هاضمي جي خرابي هوندو آهي. جيڪڏهن رات جي پوئين پهر ۾ اڍائي، ٽي بجي جاڳي پئجي ته ان جو سبب ڳڻتيون ۽ پريشانيون هونديون آهن. جاڳ جي مٿي ڄاڻايل وقت لاءِ اهو ڪو اٽل اصول نه آهي، ان ۾ ڪجھ قدر گهٽ وڌائي ٿي سگهي ٿي، پر عام طور ايئن ئي ٿيندو آهي، جيئن مٿي بيان ڪيو ويو آهي. ڪڏهن ايئن به ٿيندو آهي ته ننڊ ۾ گڙٻڙ ٿي پوندي آهي ۽ پوريءَ طرح ننڊ نه ايندي آهي. ان جا مختلف سبب ٿي سگهن ٿا ۽ ان جودارومدار ماحول تي به هوندو آهي. بستري جو استعمالسمهڻ لاءِ بستري جو استعمال به ضروري هوندو آهي. صحت جي خيال کان بسترو هلڪي کان هلڪو هئڻ گهرجي، پر عام مشاهدو اهو آهي ته مٺيءَ ننڊ لاءِ سَوڙ ۽ بسترو ڪجھ قدر ٿلهو هجي، ته وڌيڪ سٺو آهي. ٿلهي سوڙ ۽ گدِيءَ واري بستري جي ڪري ننڊ ڏاڍي آرام سان ايندي آهي. ان جي باوجود هيءَ ڳالهه خيال ۾ رکڻ گهرجي ته تمام ٿلهي سوڙ ۽ گدِي ٿڪاوٽ جو احساس پيدا ڪندا آهن ۽ جاڳڻ تي فرحت جو احساس ٿيڻ نه ڏيندا آهن. ٿڌ جي موسم ۾ به سوڙ ۽ بسترو تمام ٿلهو نه هئڻ گهرجي. هيءَ ڳالهه به ڌيان ۾ رکڻ گهرجي ته بستري سان گڏ وهاڻي جو هجڻ ضروري نه آهي. صحتمنديءَ جي حالت ۾، صحت کي برقرار رکڻ لاءِ بهترين عادت اها آهي ته وهاڻو ڪتب آندو وڃي، ته اهو تمام هلڪو ۽ سنهو هجي. جيڪڏهن ننڊ نه اچي ته هڪ يا ٻه وڌيڪ وهاڻا استعمال ڪري سگهجن ٿا. وهاڻن جي ڪري مٿي تي بار گهٽ ٿئي ٿو ۽ ننڊ جلدي اچي وڃي ٿي. رت جو زياده دٻاءُ بي خوابيءَ ۽ اوجاڳي جو سبب بنجي پوندو آهي. انهيءَ جي ڪري بلڊ پريشر جي مريضن کي وڌيڪ وهاڻا استعمال ڪرڻ گهرجن ته جيئن انهن جو مٿو بستري جي مقابلي ۾ گهڻو مٿي هجي. ننڊ سان واسطو رکندڙ ٻيون ڳالهيون سمهڻ جي ڪمري جي گرميءَ جو درجو پورو پنو هئڻ گهرجي.ڪمري جي هوا نه ته وڌيڪ گرم ۽ نه سرد هجي. انهيءَ ڪري بهتر اهو آهي ته ڪمري جي گرمي جو درجو60 oF جي لڳ ڀڳ رکيو وڃي. انهيءَ کان سواءُ ڪمري جو ماحول به پُرسڪون هئڻ گهرجي. جيتري تائين مممڪن ٿي سگهي خاموشي هئڻ گهرجي، پر ايئن نه سمجهڻ گهرجي ته ٿوري گوڙ يا آواز جي ڪري ننڊ ۾ خلل پوندو آهي. عام طرح ايئن سمجھيو ويندو آهي ته هلڪو گوڙ يا آواز ننڊ نه اچڻ جو سبب آهي پر حقيقت ايئن نه هوندي آهي. ٿوري گوڙ يا آواز جو اثر ننڊ واري ماڻهوءَ جي ننڊ نه ڦٽائيندو آهي. ننڊ جي نه اچڻ جي باري ۾ سوچڻ ۽ ارادو ڪري سمهڻ جي ڪوشش جي صورت ۾ جيتري قدر اعصابي ڇڪ پيدا ٿئي ٿي، شايد ئي ڪنهن ٻي سبب جي پيدا ٿيندي هجي. اهڙيءَ حالت ۾ هلڪو گوڙ يا آواز به رات جي خاموشيءَ ۾ ناقابل برداشت حد تائين ناگوار لڳندو آهي. انهي ڪري خاموشي برقرار رکڻ ضروري آهي. البت آهستي آهستي پاڻ ۾ اها عادت به وجهجي ته هلڪي آواز يا گوڙ تي به ننڊ اچي وڃي.
بس سائين ننڊ جي ته ڳالهه ئي نه پڇو ۔۔۔۔ بجلي جي اڱٻوٽ اسان جي ننڊ جون ڌڄيون اڏائي ڇڏيون آهن۔ اوهان بهترين ليک ونڊ ڪيو آهي۔