ترجمو: خادم رند پٽاٽو: توهان جي سمجھ کان وڌيڪ لاڀائتو گهڻ قومي تنظيمن جو چوڻ آهي ته پٽاٽو (Potato)/ٻٽالون دنيا ۾ آيل کاڌي جي بحران کي منهن ڏيڻ ۾ بنيادي ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا ۽ دنيا جي ماڻهن منجھ ڪيلرين جي کوٽ کي گهٽائڻ سان گڏوگڏ کين معاشي مسئلي مان به آجو ڪري سگهن ٿا، ڇاڪاڻ ته ٻٽالن جو فصل گهڻ پاسائون ۽ هر قسم جي ماحول سان هڪجھڙائي رکندڙ آهي. ٻٽالن جي اهميت کي نظر ۾ رکندي گڏيل قومن جي اداري سال 2008ع کي ”ٻٽالن جو عالمي سال“ قرار ڏنو ويو ته جيئن ٻٽالن بابت جاڳرتا کي دنيا جي اڻ اسريل ملڪن جو هڪ اهم فصل هجڻ جي ناتي، ماڻهن منجهه سندن بابت ڄاڻڪاريءَ کي وڌائي سگهجي. پٽاٽو پيداوار جي لحاظ کان دنيا جو چوٿون نمبر وڏو فصل آهي. پهرين ٽن نمبرن تي ترتيبوار ساريون، ڪڻڪ ۽ مَڪئي آهن. فوڊ اينڊ ايگريڪلچر آرگنائيزيشن موجب 2006ع ۾ ٻٽالن جي عالمي اپت 315 ملين ٽَن هئي. چينَ هن فصل مان سڀ کان گهڻو نفعو حاصل ڪيو، جڏهن ته روس ۽ هندستان ٻي ۽ ٽين نمبرن تي رهيا. دنيا ۾ ٻٽالن جي کپت في ماڻهوءَ جي حساب سان اٽڪل 33 ڪلو گرام سالياني آهي. اهي انگ اکر هلندڙ صدي جي شروعاتي يعني هلندڙ ڏهاڪي بابت آهن. ٻٽالن ۾ صحت سان لاڳاپيل هيٺيون خاصيتون آهن: * هڪ وچولي سائيز وارو پٽاٽو روزاني کاڌي لاءِ تجويز ڪيل فائبرن (تاندُورن) جو 8 سيڪڙو مهيا ڪري ٿو. اهي فائبر ماڻهوءَ کي آنڊي جي ڪينسر کان بچائڻ ۾ مددگار ٿين ٿا. ان سان گڏوگڏ گلوڪوز خلاف سهپ وڌائڻ ۽ انسولين جي حساسيت کي پڻ ضابطي ۾ رکن ٿا. * ٻٽالن ۾ پوٽيشم جو ججھو مقدار ٿئي ٿو. هيءُ معدني جزو جسم جي مختلف پاڻياٺن جي برقي سرشتي کي ضابطي ۾ رکي ٿو. پوٽيشم رت جي دٻاءَ کي گهٽائڻ سان گڏوگڏ، ڏينهن لڳڻ وارن امڪانن کي به گهٽائي ٿو. * پٽاٽوءَ جي کل ۾ هڪ مرڪب ڪلوروجينڪ پولي فينول ٿئي ٿو، جيڪو انساني بدن ۾ ڪينسر جو ڪارڻ ٿيندڙ، جيو-گهرڙن جي تبديليءَ کي روڪي ٿو. * ٻٽالن ۾ مشڪل سان ڪو سوڊيم ٿئي ٿو، تنهنڪري اهو رت جي دٻاءَ (بلڊپريشر) ۽ چرٻيءَ کي گهٽائي ٿو. * پٽاٽو آسانيءَ سان هضم ٿيندڙ آهن ۽ منجهن ججهيون ڪيلريون ٿين ٿيون (هڪ وچولي جسامت واري پٽاٽوءَ ۾ اٽڪل 110 ڪيلريون هجن ٿيون)، تنهنڪري اهي ٻار جي کاڌ خوراڪ جو اهم حصو ٿي سگهن ٿا. * پٽاٽوءَ ۾ وٽامن بِي-6 (6-B) جو اهم ذريعو آهي. هڪ 148 گرامن واري پٽاٽوءَ ۾ موجود کاڌ خوراڪ وارن جزن جو تفصيل هن ريت آهي: ڪيلشَم %2 ڪيلريون 110 ڪاپر يا ٽامو %4 فائبر 2 گرام فوليٽ 6% ميگنيشم 6% نياسين 8% فاسفورس 6% پوٽاشم 620 ملِي گرام پروٽين 2 گرام ربوفليون 2% ٿيامائين 8% ڪل ڪاربو هائيڊريٽ 26 گرام وٽامن بِي-6 10% وٽامن سِي 45% زنڪ %2
مار!!!!! ۔۔۔۔ ههههههه ۔۔۔ اسان هروڀرو ٻٽالي کي خراب سمجهندا هياسون ۔۔۔ لک قرب سٺي ڄاڻ پٽاٽي تي ۔۔۔ بس ٿورو عمر سان وزن وڌڻ جو خطرو آهي نه ته سچ پڇو پاڻ کي پٽاٽا ايترو پسند آهن جو ٻيو ڪجهه کائجي ئي نه ۔۔۔۔ اي بندا! تون الله جي ڪهڙي ڪهڙي نعمت کان انڪار ڪندي ۔۔۔!!!!
تمام بهترين لکڻي ونڊ ڪئي آهي اوهان ۔۔۔۔ رياضت سائين مهربانيون پٽاٽو اسانجي روز جي خوراڪ ۾ گهڻو ڪري شامل رهي ٿو پر ان ۾ ايتريون پروٽينس آهن اها اڄ خبر پئي۔ شايد پٽاٽو دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ کاڌي ويندڙ سبزي به آهي۔