• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

برمي ۽ آسامي مسلمان انسان به ته آهن

افتخار علي چوهاڻ

سينيئر رڪن
گذريل ڪجهه ڏينهن کان اسان جون اخبارون (خاص طور تي سنڌي) مورن جي مرڻ جي خبرن سان ڀريون پيون آهن. اخبارن ۾ مورن جي موت وارين خبرن جا باڪس به ٺهن ٿا، خاص ايڊيشنز ۾ انهن تي مضمون، فيچر ۽ ايڊيٽوريل به لکجن پيا. اسان جي صحافين، اديبن، شاعرن توڙي سماج سڌارڪن جون دليون مورن جي موت تي بس رت جا ڳوڙها پيون ڳاڙين. ٻي ڪنهن ملڪ جو ماڻهو جڏهن اهو سڀ ڪجهه ڏسندو ته پڪ اٿم ته هو ضرور اسان لاءِ اها ئي راءِ جوڙيندو ته جيڪا قوم پکين ۽ جانورن سان ايتري محبت ڪري ٿي تنهن وٽ اشرف المخلوقات انسان لاءِ پيار ته انهن جي دلين ۾ سمنڊ واريون ڇوليون پيو هڻندو هوندو. انسانيت جو احترام انهن کان وڌيڪ ٻيو ڪنهن وٽ هوندو.
مورن جي موت کان اڳ جڏهن اسان جي اقليتي هندو ڀائرن جون اخبارن ۾ اهي شڪايتون اينديون رهيون ته سنڌ ۾ ڌاڙيلن هٿان هندن کي اغوا ڪرڻ يا انهن جي دڪانن مان ڦرون ٿيڻ دراصل هندن کي سنڌ مان لڏائڻ جي سازش آهي. اهڙيون خبرون پڙهڻ سان ٿيڻ ته اهو گهربو هو ته رڳو اسان جا هندو ڀائر جيڪي پاڻ کي اقليتي سمجهن ٿا سي ئي پيا رڙيون ۽ احتجاج ڪن ها پر ان جي ابتڙ اهي ماڻهو جيڪي اڪثريت سان واسطو رکن ٿا جن ۾ اسان جا قومپرست، اديب، شاعر، صحافي ۽ سماج سڌارڪ اهي سڀ سنڌي هئڻ جي بنياد تي پنهنجي هندو ڀائرن سان گڏ سندن احتجاج ۾ اٿي پيا. هنن پنهنجي هندو ڀائرن سان هر ڏک سک ۾ ساٿ ڏيڻ جو وچن ڪيو. جڏهن به ۽ سنڌ ۾ جتي به اسان جا هندو ڀائر ڪنهن معاملي تي احتجاج لاءِ نڪرن ٿا ته هو پنهنجي صفن ۾ پنهنجي سنڌي مسلمان ڀائرن کي سندن ئي حمايت ۾ اڳڀرو ڏسن ٿا. تڏهن سوچيندو آهيان ته هتي اسان اڪثريت وارن جي ڀيٽ ۾ ته اهي اسان جا اقليتي ڀائر وڌيڪ خوش نصيب آهن جو هنن جو ڪو هڪ ماڻهو به قتل يا اغوا ٿئي ٿو يا ڪنهن جي دڪان ۾ ڌاڙو لڳي ٿو ته شهرن جا شهر بند ٿي وڃن ٿا. احتجاج ۾ سمورا اڪثريتي به انهن سان برابر طور شريڪ ٿين ٿا. سماج سڌارڪ، انساني حقن جا علمبردار به اٿي پون ٿا، پر اتي ئي اهي ماڻهو جيڪي اڪثريت ۾ ڳڻيا وڃن ٿا، انهن مان روز ڪيترائي قتل ٿين ٿا، روز ٻن کان 3 ماڻهو سنڌ جي مختلف علائقن مان اغوا ٿين ٿا پر انهن لاءِ سواءِ انهن جي ڀاتين جي ٻيو ڪو به نه احتجاج لاءِ اٿي ٿو نه ڪو شهر بند ٿئي ٿو ۽ نه وري ڪير انهن جي قتل، اغوا يا ڌاڙي کي انهن ماڻهن لاءِ لڏائڻ جي سازش ڪوٺي ٿو.
منهنجي خيال ۾ ڌاڙيلن، ڦورن ۽ چورن جو ڪو به نه مذهب ٿيندو آهي نه ئي انهن جي ڪا قوم ٿيندي آهي. اهي ڌاڙيل ڪنهن به ماڻهو کي (سواءِ سيدن جي) اهو ڏسي اغوا نه ڪندا آهن ته انهن جو مذهب ڪهڙو آهي يا انهن جي قوم ڪهڙي آهي. اهي ڌاڙيل ڪنهن به ماڻهو کي اغوا ڪرڻ جو فيصلو رڳو ان بنياد تي ئي ڪندا آهن ته ان کان ڀنگ ملي سگهي ٿو يا نه.
ڳچ ڏينهن کان آئون اسان وارين اخبارن جو جائزو وٺندو رهيس، مون کي هنن اخبارن ۾ مئل مورن جون تصويرون ته کوڙ نظر آيون پر برما ۽ آسام (ڀارتي رياست) ۾ مسلمان اقليتن تي ٿيندڙ هانءُ ڏاريندڙ ظلمن جي ڪا هڪ به تصوير نظر نه آئي، جتي هن وقت تائين هزارين مسلمان قتل ٿي چڪا آهن. فيس بڪ تي ته اهڙيون ڪيتريون ئي تصويرون ڏسجن ٿيون پر اسان جي سنڌي ميڊيا خاص طور تي ان تي بنهه اکيون پوري ويٺي آهي. ان جو سڀ کان وڏو ڪارڻ اهو ئي آهي ته اسان جي سنڌي ميڊيا ۾ اڪثريت اهڙن ماڻهن جي آهي جن جا خيال اولهه جي ميڊيا کان متاثر ٿيل آهن، جيڪي پاڻ کي روشن خيال، جڏهن ته اسلام توڙي مسلمانن جي ڳالهه ڪندڙن کي بنيادپرست، انتهاپسند ۽ طالبان جا ساٿي هئڻ جا لقب ڏين ٿا، جن کي ٽي ويءَ تي پنهنجي گهر ڀاتين وچ ۾ ويهي اڌ اگهاڙين عورتن جو ناچ ڏسڻ تي ڪجهه نٿو ٿئي پر جڏهن هو ڪنهن چئنل تي ڪنهن مولوي کي اسلام، قرآن ۽ سنت جي ڳالهه ڪندي ڏسن ٿا ته ڄڻ سندن اندر وڍجي وڃي ٿو. اهڙا ماڻهو اهي دليل گهڙيو ويٺا آهن ته ”ڇا سڄي دنيا جي مسلمانن جو ٺيڪو اسان ئي کنيو آهي.“
برما ۽ ان کانپوءِ ڀارتي رياست آسام ۾ نه رڳو بي ڏوهي مسلمان پر جيڪي به قتل ٿيا آهن انهن ۾ گهڻائي ته بي ڏوهي انسانن جي ئي آهي. اسان کي افسوس رڳو ان تي ئي نه آهي پر آسام جا جيڪي به بي ڏوهي بوڊو قبيلي وارا مسلمانن جي هٿان پلاند طور قتل ٿيا يا وري برما جا جيڪي به بي ڏوهي ٻڌ پلاند طور مسلمانن جي هٿان قتل ٿيا ان تي به اسان کي ايترو ئي افسوس ۽ ڏک ٿئي ٿو. ڇو ته مظلوم چاهي ڪهڙي به قوم جا هجن، ڪهڙي به مذهب جا هجن. ڪهڙي به ڏيهه جا هجن، ڪهڙي به ٻولي ڳالهائيندڙ هجن انهن جو درد به هڪ جهڙو ٿيندو آهي ته انهن جا لڙڪ به هڪ جهڙا ئي ٿيندا آهن، پر ان باوجود اسان جي سنڌي ميڊيا انهن مظلومن جو ٺيڪو نه کنيو آهي ته ڪهڙي ملڪ ۾ ڪيترا بي ڏوهي مظلوم ماريا ويا. پر هنن جو ٺيڪو ته رڳو اهو ئي کنيل آهي ته برٽني اسپيئر ڪهڙي رنگ جو سينڊل پاتو، مائيڪل جيڪسن جو چشمو ڪيترن ڊالرن ۾ وڪرو ٿيو. ڪيٽ ونسليٽ هاڻ ڪهڙي فلم ۾ ايندي، ثانيه مرزا اُميد سان ٿي يا نه، سوئٽزرلينڊ جي اونهي کڏ ۾ ڪريل ڪتي کي ڪيئن ڪڍيو ويو. ڇو ته هيءَ آهي انڌير نگري.
مراد علي شاهه بڪيرائي
عبرت آرٽيڪل
 
گهڻن ڏينهن کان برما ۾ مسلمانن جي قتل عام تي پريشان آهيان۔ سبب ڇا آهن، سياسي آهن يا مذهبي۔۔۔۔گهڻو ڳوليم پر پوء به گهڻو ڪري هڪجهڙا مضمون مليا۔

ان باري ۾ ڪنهن تحقيقي مضمون جي ضرورت آهي۔ اوهان کي عرض ته ان باري ۾ ڪو مضمون شيئر ڪيو۔
 
جي ادا سليمان پاڻ به اضطرابي ڪيفيت ۾ مبتلا آهيون ، حقيقت ڇا به هجي انسان ذات جو اهڙي سفاڪي سان رت وهائڻ جي ننڌيا ڪرڻ هر انسان جو اخلاقي فرض آهي ۔
اوهان جي ڳالھ جو احترام ڪندي سڀاڻي هڪ مضمون جيڪو ڪجه ڏينهن اڳ ايڪسپريس اخبار ۾ ڇپيو هو تنهن جو سنڌي ترجمو ڪري ونڊ ڪندم تنهن ۾ ڪجه حقيقتون اڳيان اچي وينديون ، انشاءالله!
 
ادا افتخار چوهاڻ صاحب اسلام عليڪم۔ اسان جي دل ودماغ پڻ برما ؤ آسام جي مسلمانن جي ناحق قتل تي ڏاڍو تڪليف ۽ بي چيني ۾ آهي۔ اکين مان ڳوڙها بي اختيار نڪري رهيا آهن،افسوس صد افسوس تي سڄي عالم اسلام ؤ خصوصن پاڪستان ۾ نه حڪومت کي نه ميڊيا کي ان طرف ڪو ڌيان آهي۔ ميدِيا جو سڄو ڌيان ٽاڪ شوز ۾ صرف ان ڳاله تي اهي ته ڪيئن شرفاء جو ن ٽنگون ڇڪي انهن کي بدنام ڪيو وڃي ۽ پڳون لاٿيون وڃن، ڪراچي ۾ جماعت اسلامي ۽ مولانا فضل رحمان جي پارٽي کانسواء ڪنهن به بيگناه برمي مسلمانن جي قتل ،انهن جي عورتن جي عصمت داري تي آواز نه اٿاريو آهي۔ اسان به محترم مراد علي شاه بڪرائي جي ڳاله سان سوء سيڪڙو سهمت آهيون ميڊِيا جي بي حسي تي۔ شل الله پاڪ برما جي مسلمانن تي پنهنجي خصوصي ڪرم فرمائي هنن جي جان ؤ مال ؤ عزتن جي حفاظت فرمائي۔ آمين۔ توهان کي التجاء آهي ته پنهنجي نمازن ۾ انهن اسان جي برمي ۽ آسام جي مسلمان ڀائرن ۽ ڀينرن جي حفاظت لاء الله جي در تي ٻاڏائيند ته يقين سان الله پاڪ جي مدد هنن وٽ جلد پهچي ويندي۔
 
السلام عليڪم
مانوارا سائين غلام مصطفى ميمڻ صاحب يقين ڪريو اسان کي رمضان مهينو نهايت ئي سڪون مهيا ڪندو رهيو آهي پر هيل جڏهن کان برما وارن سان ٿيندڙ ظلم منظر عام ڏسان ٿو منهنجو سڪون حرام ٿي ويو آهي جڏهن به برما وارن مسلمان ڀائرن جو تصور اڳيان اچي ٿو صفا اضطرابي ڪيفيت ٿي وڃي ٿي ڪا ڳالھ نٿي وڻي عبادتن تي جيڏو به توجه ٿئي ٿي برما وارن ڀائرن لاءِ هميشه دعا زبان تي هوندي آهي توڙي سهري هجي يا افطاري اسان پنهنجن برما جي مسلمان ڀائرن کي دعائن ۾ڪين ٿا وساريون ، ڌڻي در دعا آهي ته جلد از جلد هن آزمائش کان برما جا مسلمان سبڪدوش ٿين ، آمين يا رب العالمين ،
سڀني ڀائرن کي پڻ پرزور اپيل آهي ته پنهنجن دعائن ۾ برمني مسلمان ڀائرن لاءِ خاص اهتمام ڪن ،
 
شابس هجي ترڪي حڪومت جي صدر ۽ سندس گهرواري کي جو انهن برما وڃي هتي مسلمانن لا پنهنجو مذهبي ڪردار احسن نموني ادا ڪيو ، اڄ ڪلھ ترڪي پنهنجي اسلاف جي نقش قدم هلندي اسلام ڏانهن گامزن آهي دعا آهي ته ٻيا اسلامي ملڪ به ساڳي روش کي اپنائي جو ان ۾ ئي اسان جي دنيا ۽ آخرت ۾ فلاح منحصر آهي ، تازو ترڪي صدر جي دوري کان پوءِ برمن حڪومت ٻڌ دهشتگرد رهزنن جي وٺ پڪڙ شروع ڪئي آهي ، الله ڪري برمن مسلمانن جي ڏکن جو ازالو ٿئي ۽ اهي وري امن جو ساھ کرڻ ، آمين
2eb8vh3.jpg
[/IMG]
2eb8vh3.jpg
 
ڇا سنڌي مسلمان نه آهن، ؟؟ هتي جو هر ڪند ڪڙڇ ۾ قتلام لڳو پيو آهي گهر گهر ماتم آهي، اغوا، ڦرون، ٽارگيٽ ڪلنگ، قبيلائي جهيڙن ۾ معصوم نياڻين جو قتلام ڇااها رياستي به حسي نه آهي، او منهنجا سائين پنهنجي گهر ۾ جڏهن ماتم هجي ته ٻئي جي غم جي ڪهڙي ڪل پوندي۔ ۽ وڌيڪ اهو ٻڌائيندو هلان ته منهنجو هڪ دوست بحرين ۾ رهي ٿو اهو واپس آيو ان هڪ ڳالهه ٻڌائي ته اتي بحرين ۾ ڪجهه ان جي اوز برما جي مسلمانن سان زيادتين جي نالي ته ماڻهن کان امداد اوڳاڻن پيا، وڌيڪ معلوم ٿيو ته انهن اين جي اوز وارن اهڙا ته بينر ۽ پوسٽر ۽ تصويرون جاري ڪيون جو هرڪو ڏسي ان امداد ۾ حصو وٺي پر اهو نه صرف بحرين پر سڀني مسلم ملڪن ۾ ڪم هلي پيو ۽ وڏي پيماني ته برمين جي نالي تي امداد اوڳاِڙي وڃي ٿي۔ ۽ اهو ڪو تازو اشو به نه آهي اهو ڪنهن وقت جو هڪ واقعو آهي جنهن کي هاڻ وڏو شوشو ڪري پيش ڪيو ٿو وڃي، جڏهن ته توهان سڀني کان سوال آهي ته ڇا توهان مان ڪو برما جي تازي صورتحال ڄاڻي ٿو، جيڪڏهن ڄاڻي ٿو ته واضح ڪري باقي تصويرن ۾ جيڪو ڪجهه ڏسي رهيا آهيو اها تازي صورتحال نه آهي۔
 
جي بلڪل سنڌين جي گهڻائي الحمدلله مسلمان آهن . جي ادا بلڪل سنڌ جي صورت حال اهڙي ئي آهي جيئن اوهان ٻڌائي آهي ته گهر گهر ماتم آهي . پر هن ونڊ ۾ اهڙي ڪا ڳالھ نه آهي هتي صرف مسلمان جي ناطي برما ۾ ٿيل ظلم جي داستان بيان ڪيل آهي ۽ ضروري نه آهي ته سنڌ واري مسئلن کي هتي بيان ڪجي ان لاءِ الڳ ونڊ ڪرڻ گهرجي جيڪر آئون اهڙي ونڊ نه ڪئي آهي ته سوال آهي اوهان اهڙي ونڊ ڪئي آهي ۽ جيڪر اهڙي ونڊ سنڌ بابت ڪيل هجي ۽ اسين هن ۾ سنڌ جي حالات جي ابتڙ ڪا ڳالھ ڪئي هجي ته اوهان جا ڏوهاري آهيون ، دوست هر ڳالھ جو موقعو مهل هوندو آهي ۽ هر ڳالھ هڪڙي مجلس ۾ نه ڪبي آهي . ٻي ڳالھ اوهان اين جي اوز ۽ بحرين بابت لکيو آهي سو دوست آئون بحيثيت مسلمان جيترو مون ۾ سهپ آهي ايترو عمل ڪريان پيو هاڻ بحرين جي اين جي اوز وارا برمن مسلمانن نالي ڪو غلط اقدام ڪن ٿا ته اهي پاڻ ان جا ذميوار آهن انهن جي پڇا مونکان ڪون ٿيندي قيامت روز باقي اوهان پوءِ ڇو انهن جو ڪريو ڌرتو مونکي ٿا ٻڌايو . اڳتي اوهان برما جي مسلمانن سان تازي صورتحال بابت پڇا ڪئي آهي معلوم ٿيو ته اوهان ان معاملي ۾ صفا اڻڄاڻ آهيو ۽ حب سنڌ ۾ خوامخاه هڪ ڳالھ کي ٻئي سان ڳنڊي ڇڏيو آهي جا اوهان جي سادگي ۽ واقعن تي ڀلي نموني پروڙ نه هجڻ تي دلالت ڪن ٿيون ، دوست ڳالھ ايتري پيش ڪجي جيتري ان بابت ڄاڻ هجي باقي هرڀرو جو بحث وقت جو زيان سمجهان ٿو . رهي ڳالھ سنڌ ۾ ٿيل حالتن جي سو ان تي به اسان کي ڳڻتي آهي ۽ آئون هن جي عڪاسي ۽ ان جي اسبابن بابت مختلف مضمون ۽ تحريرن ۾ ڪندو رهندو آهيان پر ڪي دوست جيڪي پاڻ کي سنڌ جا اصل هڏ ڏوکي ٿا سمجهن ۽ محض قومپرستي جي عينڪ پائي هر ڳالھ کي ڏسن ۽ تورين ٿا سي اسان جي موقف ته تنقيد ڪندا رهندا آهن ۽ اصل خرابي ۽ ان جي حل لاءِ ڪڏهن به سنجيدگي سان ڪون ٿا سوچن ، زبان جي تيز ڪلامي ۽ فريق مخالف کي ڳار گند ڏيڻ انهن جو هاڻ هتيار بڻجي چڪو آهي ان هوندي به آئون اهي برداشت ڪري پنهنجو ڪردار ادا ڪريان پيو الحمدلله على ذالڪ

منهنجا دوست اهي ڳالهيون نه ته پراڻيون آهن نه ئي هت ٺوڪيون آهن اهي حالات حاضره جون کي خبرون هيون جيڪي مون پيش ڪيون آهن ڇا اوهان کي خبر نه آهي ته تازو ترڪي جو صدر ۽ سندس گهرواي ان حوالي سان برما جو دورو ڪري هتي جي مسلمانن سان ملاقاتون ڪيون ۽ برمن حڪومت سان ان مسئلي بابت ڳالھيون ڪيون آهن ، ڇا اوهان کي خبر نه آهي ته تازو سعودي عرب مڪه مڪرمه ۾ او آئي سي جو اجلاس ڪوٺيون ويو جنهن ۾ برمن جي مسلمانن مٿان ٿيل ظلم جي تدارڪ لاءِ ڳالھيون ٿيون ، آئون بحيثيت مسلمان اوهان کان ٿو پڇا اوهان رڳو پنج منٽ قومپرستي وارو چشمو لاهي ڏسو ڇا اوهان جي دل ۾ انهن لاءِ ڪا به رحم جي گنجائش ڪونهي جنهن سهڻي نبي ﷺ تي اوهان ڪلمو پڙهيو آهي اها تعليم نه ڏني هئي ته ”مومن سڀ هڪ جسم جيان آهن جيڪر اک ۾ سور ٿئي ٿو ته سڄي جسم کي سور ٿئي ٿو جيڪر مٿي ۾ سور ٿئي ٿو ته سڄي جسم ۾ سور ٿئي ٿو“ . قرآن مجيد ۾ آهي ته إِنَّمَا ٱلْمُؤْمِنُونَ إِخْوَةٌۭ سورت حجرات مؤمن ته سڀ ڀائر آھن منهنجو ڀاءُ مصيبت ۾ آهي مونکي پنهنجي گهر جي فڪر آهي اهو ڪهڙو مسلمان آهي جنهن کي سڀ کان اڳ پنهنجي گهر جي فڪر هوندي آهي اسلام جي ابتڙ ڳالھيون ڪريو ٿا اسلام ته اهو ٿو ٻڌائي ته پهريان پاڙي وارو جو ڀلو ڪر ڏس ڪٿي پنهنجو مسلمان ڀاءُ پريشان حال ته نه آهي ان جي داد رسي ڪر هتي اوهان وري پنهنجو فلسو پيا ٻڌايو عجيب سوچ ٿي وئي آهي اسان جي اسان کي اهڙيون ڳالھيون ڪندي شرم به نٿو اچي !!
ٻي ڳالھ جنهن جي هت گنجائش ڪونهي پر اوهان جي سوال ۾ ذڪر ٿيل آهي تنهن ڪري جواب ڏيان پيو ته اسان جي نبي ڪريمﷺ اسلام خاطر پنهنجو وطن ڇڏيو ۽ مديني ڏانهن هجرت ڪئي معلوم ٿيو ته اسلام مقدم آهي وطن تي اميد ڪريان ٿو ته اڳتي جيڪي به خيال ونڊ ڪريو ته مثبت ۽ انصاف تي مبني هجن. والسلام على من اتبع الهدى
 
ڇا شيعان علي عليه سلام مسلمان نه آهن ؟؟؟؟ انهن جو جيڏو بيدردي سان مملڪت خداداد پاڪستان ۾ جنهن انداز سان قتل عام پيو ڪيو وڃي ، ڇا ان تي اسان جا قلمڪار پنهنجي قلم ڇو نه ٿا جنبش ڏين ؟؟ جڏهن پنهنجي گهر جو ظلم ڪنهن قلمڪار کي نظر نه ٿو اچي ؟؟؟ ته ڇا ان قلمڪار کي اهو حق پهچي ٿو ته هو ٻئي جي گهر جي صفائي لاءِ ٻُهارو کڻي صفائي شروع ڪري ؟؟؟
 
ڇا شيعان علي عليه سلام مسلمان نه آهن ؟؟؟؟ انهن جو جيڏو بيدردي سان مملڪت خداداد پاڪستان ۾ جنهن انداز سان قتل عام پيو ڪيو وڃي ، ڇا ان تي اسان جا قلمڪار پنهنجي قلم ڇو نه ٿا جنبش ڏين ؟؟ جڏهن پنهنجي گهر جو ظلم ڪنهن قلمڪار کي نظر نه ٿو اچي ؟؟؟ ته ڇا ان قلمڪار کي اهو حق پهچي ٿو ته هو ٻئي جي گهر جي صفائي لاءِ ٻُهارو کڻي صفائي شروع ڪري ؟؟؟
هاڻي آيا توهان پنهنجي ڳالهه تي، بقول توهان جي هن ڳالهه ۾ ته جڏهن پنهنجي گهر جو ظلم ڪنهن قلمڪار کي نظر نه ٿو اچي ؟؟؟ ته ڇا ان قلمڪار کي اهو حق پهچي ٿو ته هو ٻئي جي گهر جي صفائي لاءِ ٻُهارو کڻي صفائي شروع ڪري ؟
مون به اهڙي ئي ڳالهه ڪرڻ ٿي گهري هئي پر منهجا سائين توهان جيڪا پنهنجي ڪيفيت مون بابت بيان ڪئي مان ان جو اهو اعتراف ٿو ڪيان ته جيڪڏهن توهان جي دل آزاري ٿي آهي ته دل سان معافي ٿو گهران، معذرت ٿو ڪيان ٿورڙي گهٽ ڄاڻ سبب مون اهي سوال ڪيا جنهن لا مان معافي جو طلبگار آهيان۔ پر اهو صرف ان لا چيو ته پهريان پنهنجو گهر ڏسو، ڪٿي گهر ۾ ته ماتم نه آهي، پو پاڙي وارو۔ باقي ڪو به اختلاف يا ڪو به قومپرستي جو چشمو پهريل نه آهي۔

هاڻ هڪ ڳالهه توهان کان پڇڻ ٿو گهران اسين مسلمان آهيون، مسلمان مسلمان جو ڀا آهي، ان کان ڪو به انڪار ڪونهي نه ئي ڪري سگهجي ٿو ڇو ته هڪ نبي صه تي ڪلمو پڙهندڙ هڪ الله جي عبادت ڪندڙ آهيون۔ هاڻ جيڪڏهن اهي سڀ برمي ظلمن ۽ قتلام کان تنگ ٿي سڀ جا سڀ سنڌ ۾ لڏائي آباد ڪرايا وڃن ته پو توهان جي ڇا را هوندي۔ جڏهن اسان هتي پنهنجي سنڌ ۾ ڌارين کي الڳ صوبو وٺڻ تي باهه جيان ڀڙڪي پئون ٿا جڏهن ته اهي به مسلمان آهن۔
 
آئون اڳ ۾ به چيو آهي ۽ هاڻ به اها ئي ڳالھ ورجايان ٿو ته جيڪا ونڊ ۽ مضمون آهي انهيءَ مناسبت سان تحرير يا جواب ڏنا وڃن ۽ اهوئي اخلاقي فرض پڻ آهي ، رهي ڳالھ ڀاءُ رضوان علي جمالي جي پهريان ته شايد ڀاءُ چئي شايد آئون غلطي ڪئي آهي جو سائين رضوان علي جمالي صاحب جن پنهنجن مختلف مضمونن ۽ تحريرن ۾ پنهنجا ماضي جا قصه اهڙن سالن جا ٻڌائيندا آهن جن مان معلوم ٿئي ٿو ته محترم شايد اسان جي وڏڙن جي سن آهن ، ۽ ايتري عمر تائين پهچڻ تي آئون سمجهان ٿو ته عقل به ڪامل ٿي چڪو هوندو آهي ۽ هر ڳالھ جي نذاڪت کي سمجهڻ لاءِ عقل تي گهڻو زور به ڏيڻو ڪون پوندو آهي ، پر ان سان گڏ اهو به ٿيندو آهي جو هن عمر ۾ اچي ڪڏهن ڪڏهن وڏا ٻارن جيان حرڪتون به ڪرڻ لڳندا آهن ، سو سائين رضوان علي جمالي جي اهڙي بي مناسب تحرير تي سندس کي معذور سمجهڻ تي مجبور آهيان .
رهي ڳالھ دوست منظور علي عباسي جي ته سندس تحرير ۾ اها ڳالھ چٽي نموني وائکي ٿي وئي ته شروع ۾ موڪليل تحرير کان سائين رجوع ڪيو آهي ۽ پنهنجي ان ڳالھ جي معذرت به ڪيائين جا ان جي اخلاقي پهلو جي عڪاسي ڪري ٿو ۽ هر نيڪ انسان جو اهو ئي طريقو هجڻ گهرجي جو غلطي تي مطلع ٿيندي پنهنجي ڳالھ تان رجوع ڪري .
رهي ڳالھ برما جي مسلمانن کي سنڌ ۾ رهائڻ جو خدشو ، سو اها ڳالھ قبل از وقت ۽ قياس آرائي تي مبني آهي ، آئون هن معاملي ۾ چوندم ته الله تعالى جون حڪمتون آهن جيڪر برما جي مسلمانن جو مستقبل سنڌ سان وابسطه آهي ته ڪير به انهن کي سنڌ اچڻ تان روڪي نٿو سگهي ، اها الله جي منشا آهي جنهن کي چاهي ملڪ بدر ڪري جنهن کي چاهي ٻي قوم کي نئي ملڪ ۾ آباد ڪري ، قرآن مجيد ۾ ڏسو ته ڪيئن بني اسرائيلين کي مصر مان ڪڍيائين ۽ ڪيئن عمالقه قوم کي برباد ڪري انهن جي ملڪ ۾ بني اسرائيلين کي آباد ڪيائين ، سو ڀاءُ الله تعالى جون حڪمتن ۾ اسان ڪير هوندا آهيون دخل اندازي ڪرڻ وارا ؟
باقي پنهنجي گهر جي حفاظت ڪيئن ڪريون پيا ان ڳالھ تي به روشني ٿي وڃي ، ڪڏهن سوچيو آهي ته ڪهڙي نموني اسين گهرن جي حفاظت ڪريون پيا اسين محض هڪ جڙتو نظريي تي هلي ۽ قوم پرستن ڌرين (جڪي سون ۾ ورهايل آهن) جن جي ها ۾ ها ملائي پنهنجا حق ڳولھيون پيا ، ۽ انهن پاليسين اسان ۾ نفرتون ته پيدا ڪري ڇڏيون آهن پر سنڌ جي مفاد لاءِ ڪو ڪردار ادا ڪرڻ جو سبب نه بڻي سگهيان آهن . سياست ۽ فڪر ايم ڪيو ايم به رکي ٿي پر اڄ اقليت هوندي اسان گهڻائي مٿان حڪومت پئي ڪري ، ۽ اسان گهڻائي ۾ هوندي غلط پاليسين ڪري اقليت بڻيا ويٺا آهيون ، الله تعالى به قرآن مجيد ۾ واضح چئي ڇڏيو آهي ته آئون قومن جي تقدير ايسيتائين نٿو بدلي ڪريان جيسيتائين اهي پاڻ کي تبديل نٿا ڪن ، مطلب راه راست تي نٿا اچن . پر اسان کي اهو فڪر ملي رهيو آهي ته اسلام اسان نقصان ڏنو آهي ، مولوين جو ٺاهيل ملڪ نه کپي ، اسلام ۽ سياست کي ڌار ڪيو وڃي ، اسين اهڙو ملڪ گهريون ٿا جنهن ۾ اسلام جي ڪا آميزش نه هجي خالص انگريزن جي جوڙيل قانون کپن وغيره وغيره !!
آئون اهو چوندم ته اسين اهڙي غير فطري جڙتو نظريي کي حضم ڪرڻ ۾ پورا آهيون باقي عملي ڪم کان اسين ڪوسو دور آهيون . اسان جي اعمالن جي شامت آهي جو اسين هاڻ رڳو ڏوراپا ڏيڻ ، پاڻ سان ٿيل ظلم جا راڳ ڳائڻ ۾ پورا آهيون پنهنجن اعمالن ڏانهن توجه ڪريون ڪون جو ان لاءِ اسان کي وقت ئي ڪونهي .
اميد ڪريان ٿو ته ان بحث لاءِ هاڻ الڳ مضمون پيش ڪندا ، جيئن مضمون جي موافق خيالات پيش ڪجن ، باقي جن دوست احباب کي برما جي مسلمانن سان همدردي آهي ته به اکر عقيدت جا پيش ڪن ، ۽ ٻين ڳالھين کي هن مسئلي کان الڳ رکيو وڃي ، مهرباني ، والسلام
 
هن عمر ۾ اچي ڪڏهن ڪڏهن وڏا ٻارن جيان حرڪتون به ڪرڻ لڳندا آهن ، سو سائين رضوان علي جمالي جي اهڙي بي مناسب تحرير تي سندس کي معذور سمجهڻ تي مجبور آهيان .
حق ۽ سچ ٻڌڻ لاءِ به جگر گڙدو کپندو آهي ! جڏهن سچ تير وانگر چڀندو آهي ته پوءِ پنهنجي جند ڇڏائڻ لاءِ سچ ٻڌائيندڙ کي ، ذهني معذور سمجهڻ ته ڇا فتوىٰ جاري ڪري ڇڏبي آهي ، هي آهي معذور تڏهن ٿو وڦلي !!

سوچڻ لڳي غريب ته غم عقبىٰ جا خطرا ڏئي ڇڏيوس
تازي ڪئي صلاح سامراج جي گهري ماني ته ڪفر جي فتوىٰ ڏئي ڇڏيوس
 
Back
Top