تازا سنڌ جا اشوز سنڌ ۾ ووٽرن جي وڏي تعداد ۾ گهٽتائي ۔۔۔۔۔ بي سرو ذولفقار آبد جو راڳ گهڻن صوبن وارو غير فطري راڳ پاڻي جي هٿراڌو کوٽ سولوشنس سنڌ جي ووٽر لسٽ اسان جا نمائنده سڳورا متحرڪ ٿين زولفقار آباد جي جڳه تي دادو ۾ گورک هل تي شهر اڏڻ گهرجي جيڪو گزريل 20 سالن کا وجود لا ويچاري پيو۔۔۔ هن وقت جيڪي صوبا آهن اهي ئي رهڻ کپن۔۔۔ سنڌو جو پاڻي تربيلا کان وٺي هيٺ سنڌي سمونڊ تائين سنڌ گورنمينٽ جي حوالي ڪرڻ۔۔۽ ان جو پاڻي اگر ٻيا صوبا استعمال ڪن ته ان جو آبيانو يعني واٽر ٽيڪس سنڌ جي اڪائونٽ جمع ڪرڻ گهرجي۔۔۔ ته هي ملڪ اڳتي هلي سگهي ٿو ورنه فل سٽاپ پيو نظرپيو اچي۔۔۔۔
توهان جن مسئلن جي نشاندهي ڪئي آهي، اهي بلڪل درست آهن، پر اڃا به ٻيا ڪيترا ئي مسئلا سنڌ جا مقدر بڻجي چڪا آهن جن ۾۔ سنڌ ۾ تعليمي ادارن جو زوال صحت جي نالي تي هڪ ٽڪي به ميسر ڪونهي، اسپتالون نالي ماتر۔ ڳوٺن ۾ پڪن رستن توڙي بنيادي سهولتن جي اڻهوند، جن ۾ مٺو پاڻي، گئس، بجلي شامل آهي، غربت جي خاتمي لا ڪي به ادرا موجود نه آهن، جيڪي آهن انهن ۾ به غير سنڌي ڀرتي ٿيل آهن۔ اهي ته آڱرين تي ڳڻڻ جيترا مسئلا آهن، پر سنڌ سموري مسئلن جو ڳڙهه بڻجي وئي آهي، اهي سڀ مسئلا ڪئين حل ٿيندا ڪا خبر ڪانهي؟؟
توهان جيڪي مسئلا ٻڌايا آهن اهي ۽ ان سان ملندڙ لاتعدادا مسئلا حل طلب آهن۔ اوهان هميشه سنڌ جي مسئلن تي لکندا رهو ٿا اوهان کي سلام هجي۔