سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام سنڌي ٻوليء جي ڪتابن جي ذخيري کي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين پهچائڻ لاء ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن متعارف ڪرائڻ جو جيڪو سسلو شروع ڪيو آهي ان سلسلي جو هي سورهون ڪتاب اسان جي پياري دوست ، سنڌ سلامت جي سرگرم ساٿي ۽ ادب سان چاهه رکندڙ طاهر سنڌي جو ”اجتهاد جي شرعي حيثيت “ دوستن سان ونڊ ڪجي ٿو.
مان ٿورائتو آهيان پياري دوست ۽ سنڌ سلامت جي همدرد ساٿي محترم خليل ڀٽو المعروف ابو واصف جو جنهن هي ڪتاب ڪمپوز ڪري سنڌ سلامت لاء موڪليو آهي.