• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

بابا شمشيرالحيدريءَ کي ڀيٽا

نثارابڙو

نائب منتظم
دوستو! معاف ڪجو، آءُ بلڪل به شاعر ناهيان ۽ نه ئي وري ڪو اديب يا ڏاهو، بس اڄ محترم بابا سائين شمشير جي شخصيت تي سوچيندي پري ڪنهن دنيا ۾ هليو ويس ... سندس شخصيت کي مون تمام ويجهڙائيءَ کان نهاريو آهي ... سندس شخصيت جو تاب تکو ۽ دل تمام سهڻي ۽ رويا دوستاڻا ڏٺا آهن ...

بابا شمشير کي ڀيٽا ڏيڻ واري خيال کان سوچيندي سوچيندي ڪجهه بي ساختا خيال ۽ لفظ اڀرندا ويا ۽ آءُ ڪاغذ تي لکي وڌا ... اوهان آڏو پيش ڪري رهيو آهيان، مونکي نه ته وزن ۽ بحر جي ڪا خبر آهي نه ئي ڪنهن شاعراڻي ڏات جي ڄاڻ ...

بس منهنجي اندر جا اڌما آهن ... اميد ته قبول پوندا ...
533065_10151063596208948_1697360815_n.jpg

گـــــل گلشن، گلــدستا ۽ گلـــزار ڏٺاســون،
ماڻهــــون ڪئــــــي ، مڻيــــادار ڏٺــاســـون.

چونٿــــا! آهي ڪـــــوجهائيءَ جــــو زمـــانو،
حســــــن ، سونهن، جا ســــــردار ڏٺــــــاسون.

چونٿـــــــا! آهــــي ڪــوڙ، فريب مشــــهور،
ســـچ، حق، انصاف جـــا، انبــار ڏٺــاسون.

چونٿا! ناهــــي رهي، اڄ جـــي يارن ۾ ياري،
پيـــار ۽ ايثـــار واري پـــــار جا يار ڏٺـــاسون.

چونــٿا! ناهي رهيو، علم ۽ ڏاهپ جــو زمانو،
عقــل، ڏاهپ جا ڪئـــــي شمشيـر ڏٺاسون.

چونٿـا! ماڻهــن ۾ ناهــي ســڪ ، ساڻيهه جي ،
سورهين جــي سٿ ۾، بشير ۽ مظفر ڏٺـــاسون.

چونٿـــا! وڌي وئي آهي بخيـــلي ۽ تنــــگـــدلي،
سين تي سر ڏيندي ، ڪئـي راءِ ڏياچ ڏٺاسون.

چونٿـا! ناهــــي رهي، غيرت ۽ حيا ماڻهن ۾،
ننگن تان ٿيندي، ڪئــــي ”نثـــار“ ڏٺاسون.
 
تمام بهترين لفظن جي جوڙجڪ، تمام سٺي سوچ

چونٿـا! ناهــــي رهي، غيرت ۽ حيا ماڻهن ۾،
ننگن تان ٿيندي، ڪئــــي ”نثـــار“ ڏٺاسون.

زبردست ادا نثار صاحب اُميد ته توهان جا جزبا هميشه ائين ئي سدا بهار رهندا هن سنڌ ڌرتي لئ هن سنڌ ڌرتي جي باشعوربابا شمشيرجهڙين شخصيتن لئ
 
واهه واهه ٿي وئي

توهان جا لفظ جيڪي نثر ۾ هوندا آهن سي به شاعريءً کان گهٽ ناهن هوندا، پر هي هڪ تمام سٺي شيئرنگ آهي۔ لڳي ٿو اهو سڀ سائين شمشير جي پيار، محبت ۽ ياد جو ئي اثر آهي۔

سائين شمشير لاء دعائون۔
 
سائين توهان شاعر نه آهيو پر توهان جي هر لفظ ۾ سمنڊ لڪيل آهي

لاجواب ونڊ آهي

سائين شمشير حيڊري صاحب کي بهترين نموني سان توهان ڀيٽا ڏني آهي

سدائين گڏ
 
ٿورائتو آهيان سڀني دوستن جو ۽ محترم افتّخار چوهاڻ جو جنهن، بابا سائين شمشير لا دعاڳو ٿيو آهي ۔۔۔

صاحب ڏيج شفا ميان مريضن کي ۔۔۔
 
Back
Top