ڊاڪٽر محبت ٻرڙو

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ رياضت ٻرڙو طرفان آندل موضوعَ ‏3 آگسٽ 2012۔

  1. رياضت ٻرڙو

    رياضت ٻرڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 جون 2012
    تحريرون:
    306
    ورتل پسنديدگيون:
    879
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ماڳ:
    لاڙڪاڻو
    [​IMG]


    دين محمد ڪلهوڙو
    ”هُو آيو ۽ خوشبوءِ ڇڏي ويو“
    ڊاڪٽر محبت ٻرڙي بابت تاثر

    ڊاڪٽر محبت ٻرڙو، سنڌي ٻوليءَ جو پارکو، محقق، نقاد، دانشور، ٻوليءَ جي واڌاري ۽ بقا لاءِ جدوجھد ڪندڙ قومي ڪارڪن ۽ وڏو حوصلو رکندڙ هو. اهو ڪهڙو ڏينهن هوندو جنهن تي ڪو نه ڪو علم جو اڃايل پنهنجي اندر ۾ علم جي پياس کڻي ڪلنڪ يا در تي اچي حاضر نه ٿيو هجي ۽ هيڏانهن ڊاڪٽر محبت پنهنجي خداداد علم ۽ ڏات سان کلندي، گفتگو ڪندي حال احوال وٺندي علم و ادب، تاريخ، فلسفي، جدليات جھڙن .. موضوعن تي ڪيترائي ماڻڪ موتي، هيرا، جواهر ٻُڪ ڀري سندن خالي ٿيل ڪشڪول ۾ نه وڌا هجن ۽ جڏهن به ڪير سندس ڪچهريءَ مان اٿيو هوندو، ته پنهنجي ذهني پهچ آهر ضرور ڪجھ نه ڪجھ حاصل ڪيو هوندو، جيڪو ماڻهو ڪلنڪ تي سڄو ڏينهن مريضن سان منهن ڏيندو هجي ان لاءِ لکڻ پڙهڻ ۽ دوستن لاءِ وقت ڪڍڻ ڪيڏو اوکو هوندو؟ پر ڊاڪٽر محبت ڪلنڪ تي مريضن کي به ڏسندو هو. لکڻ پڙهڻ ۾ به رڌل رهندو هو. مهمان ايندا هئس، ته انهن سان به ڪچهري ڪندو هو. اها وڏي ڳالهه آهي، جيڪا اسان الاهي ڀيرا ڏٺي. ڊاڪٽر محبت، ڳالهائڻ ۾ نرمي، طبيعت ۾ نهٺائي ۽ دورانديشي رکندڙ هو. هو گھڻو سوچيندو هو، سٺو سوچيندو هو ۽ پوءِ ان تي ڪلاڪن جا ڪلاڪ دليلن سان ڳالهائيندو هو. اسان، ڊاڪٽر محبت کي هر موضوع تي سٺو ۽ مد دل ڳالهائيندي ڏٺو. سندس سمجھائڻ وارو طريقو عام فهم، .. ۽ پيار ڀريو هوندو هو، خاص طور تي لسانيات جي موضوع تي ڏنل سندس ليڪچر اسان کان اڃا نه وسريا آهن. ڊاڪٽر محبت مختصر عرصي اندر ٻوليءَ جي ڌاتوگريءَ ۽ سائنسي اصطلاح سازيءَ تي معياري ۽ گھڻ پاسائو ڪم ڪيو، جنهن کي پوءِ علمي دنيا ۾ وڏي .. ۽ عزت حاصل ٿي. سنڌي لفظن جي تاريخ ۽ بنياد تي ڪيل تحقيق بابت راءِ ڏيندي لسانيات جي ماهر ڊاڪٽر محمد قاسم ٻگھئي صاحب، ڊاڪٽر محبت کي سنڌي ٻوليءَ جو ليڪسيڪلاجسٽ سڏيو آهي. ليڪسيڪلاجسٽ جو مطلب آهي: ”لفظ جي بڻياد، لفظ جي پسمنظر، لفظ جي تاريخ، ارتقا ۽ معنا کي سمجھندڙ.“ بقول ڊاڪٽر ٻگھئي صاحب جي، ته ڊاڪٽر محبت کي عربي، فارسي، هندي ۽ سنسڪرت جي لفظن ۽ ان جي ڌاتن جي وڏي ڄاڻ هئي ۽ هو سنڌي لغت جو باقاعدي استعمال ڪندي لفظن جي اشتقاقن ۽ ڌاتن تي وڏي دسترس رکندو هو. اڄ جڏهن هو اسان کان وڇڙي ويو آهي، ته ائين ٿو لڳي ته سنڌي ٻوليءَ جو هڪ اهم لفظ اسان کان گم ٿي ويو آهي، جنهن جو نعم البدل شايد گھڻي عرصي تائين ملي نه سگھي.“
    ٻوليءَ تي لکيل سندس ڪتابن مان ”ٻوليءَ جو بڻ“ ٻوليءَ جي بنيادي اهميت کي سمجڻ ۾ وڏي مدد ڏئي ٿو. ”اچو ته پنهنجي سنڌي لکت سنواريون“ سنڌي ٻوليءَ جي گرامر خاص طور تي ضميري پڇارين تي لکيل هڪ قيمتي ڪتاب آهي. ”انسائيڪلوپيڊيا سنڌيڪا“، انسائيڪلوپيڊيا جھڙي جامع موضوع جي اهميت کي سمجھڻ ۾ مدد ڏئي ٿو. ”سنڌي ٻولي: لفظ، لغت ۽ لکيت“ علم لغت، لفظن جي ڌاتوگري ۽ رسم الخط جي موضوعن تي لکيل هڪ سٺو ڪتاب آهي. تاريخ ۾ ڪي چند ماڻهو پئدا ٿيندا آهن، جيڪي ڪنهن اهم مشن لاءِ ڄمندا آهن ۽ محبت به اهڙن ماڻهن مان هڪ هو. هو اسان وٽ آيو ۽ پاڻ تي رکيل ڊيوٽي، نهايت خوس اسلوئيءَ سان پوري ڪري واپس هليو ويو. ڊاڪٽر محبت تي ڪهڙي ڊيوٽي رکيل هئي، جو فوج ۾ ڪئپٽن جھڙي عاليشان نوڪري ڇڏي قنبر جھڙي پٺتي پيل شهر جي ويران پاڙن ۾ ڪلنڪ کولي پاڻ ۽ پنهنجي گھروارن کي ڪٺن امتحان مان گذاريو. محبت تي ڌرتيءَ جي اها ذميداري رکيل هئي، ته هو پنهنجي ماڻهن جي وچ ۾ رهي انهن جي خدمت ڪري ۽ محبت ائين ڪري ڏيکاريو. ڊاڪٽر محبت، مسلسل پنهنجي ڌرتي ۽ قوم لاءِ جاکوڙيو. هو سنڌ شناس ماڻهو هو. هن جو روح سنڌ جي لازوال محبت سان واسيل هو. هن جي عشق جو محور سنڌ هئي. سياست کان پوءِ هن جو ٻوليءَ تي ڪم ڪرڻ وارو فيصلو غلط نه هو. هو عالم هو، هن کي خبر هئي، ته جڏهن سياست جا قدر، عوام لاءِ خوش آئين ثابت ٿيڻ بجاءِ ڪنهن مخصوص گروهه جي فائدن جي نمائندگي ڪن، ته اتي پنهنجي ڌرتيءَ سان ٿيل ڪمٽمينٽ ۽ آدرشن جي حاصلات لاءِ جدوجھد جو ٽون تبديل ڪبو آهي، ٻوليءَ تي ڪم ڪرڻ ڊاڪٽر محبت جي سياسي زندگيءَ جو ٻيون .. هو، جنهن ۾ هن مخالفن کان پاڻ بچائي پنهنجي نظرئي ۽ آدرشن کي زنده رکيو. ڊاڪٽر محبت سمجھيو پئي، ته قومون پنهنجي بولي، ثقافتي ورثن ۽ ماڻهن جي پنهنجي تاريخي ڪردارن سان به .. آهن. دنيا ۾ ڪا غلام قوم جيستائين پنهنجي ٻولي نه ٿي بچائي، تيستائين اها ڌرتي ۽ قوم ظلم جي .. ۾ جڪڙيل رهنديون. ڊاڪٽر محبت، سنڌي ٻوليءَ کي سنڌ ۾ دفتري ٻولي ۽ سرڪاري ٻوليءَ جي حيثيت ڏيارڻ لاءِ جدوجھد ڪئي. هن کي پنهنجي ٻولي سان بيحد محبت ۽ پيار هو. هن جيڪو به مشن کنيو ان تي مخلص ٿي ڪم ڪيو. ڪنهن ماڻهوءَ جي وڏائي ڏسڻي هجي، ته ان جي فقط ڪم ۽ ڪردار کي نه ڏسجي. پر ڏسڻو اهو آهي، ته ان ڪم ۽ ڪردار جا مقصد، معيار ۽ پسمنظر ڪهڙا ۽ اهي سماج تي ڪهڙو اثر ڇڏين ٿا. اسان ڏٺوسي، ته محبت جي ڪم ۽ ڪردار جو معيار، سندس نالي سان سدائين هم آهنگ رهيو. ڪلنڪ تي وٽس هڪ ڪراڙي عورت دوا لاءِ اچي ٿي ۽ رئي جي پلوَ مان 20 رپيا .. کيس ڏئي چوي ٿي، ابا! مون وٽ هي 20 رپيا آهن مون کي دوا ڏي، ڊاڪٽر محبت پوڙهي مائيءَ کان 20 رپيا وٺي ان ۾ 10 رپيا پنهنجا وجھي کيس واپس ڏئي چوي ٿو:
    اما! هي شربت 30 رپين ۾ ملندو، وٺي اچ، ته پيئڻ سمجھايانءِ، اها مائي سندس ڪا عزيز به نه هئي. الائي ڪير هئي ان سان ڊاڪٽر محبت جو ڪهڙو رشتو هو؟ اسان وٽ ته عام طور تي ٿيندو ايئن آهي، ته ڊاڪٽر اڃا مريضن کي ڦريندا آهن. پر هتي ته قصو ئي نرالو هو ان کان وڌ، قوم جي خيرخواهي اڃا ڪيئن ٿي سگھي ٿي؟
    دراصل ڊاڪٽر محبت، پنهنجي انهيءَ سٺي عمل ذريعي اهو سيکاريو، ته سماج ۾ هن طريقي سان ئي تبديلي آڻي سگھجي ٿي. ڊاڪٽر محبت، سماج ۾ سٺن روين ۽ سٺن اخلاقي قدرن ذريعي تبديلي آڻڻ جو قائل هو. ڊاڪٽر محبت جو ايمان هو، ته چڱاين جي نشاندهي ڪرڻ به ڀلي ڳالهه آهي، پر وڌيڪ بهتري ان ۾ آهي، ته هر چڱائيءَ جو ڪم پاڻ وٽان شروع ڪجي. ۽ اسان ڊاڪٽر محبت کي ڏٺوسي، ته هو هر چڱائيءَ وارو عمل پاڻ وٽان شروع ڪندو هو. اڄ جڏهن سنڌ ۾ سنڌي ٻوليءَ خلاف يلغارن مٿان يلغارون ٿي رهيون آهن، سياسي وايومنڊل ۾ سياست کي بليڪ ميل ڪيو ٿو وڃي، سو، تڏهن اسان کي ڊاڪٽر محبت شدت سان ياد اچي رهيو آهي.
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    سنڌ جي هڪ بهترين ليکڪ، اديب۔ سنڌ شناس ، سهڻي ۽ محبتي ماڻهو ڊاڪٽر محبت ٻرڙو بابت دين محمد ڪلهوڙوجو تفصيلي ليک پڙهي خوشي ٿي۔ سنڌ جو هي ڏاهو انسان سياست يا ادبي ميدان تان هميشه سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن لاء سوچيندو رهيو۔ افسوس جو اڄ ماڻهو ٽڪن عيوض پنهنجو ضمير ۽ پنهنجو قلم وڪڻندي دير نه ٿا ڪن۔

    سلام آهي سنڌ جي اهڙي امر ڪردارن کي۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو