ليکڪ: رياضت ٻرڙوقنبر تعلقي ۾ سائنسي تنظيمون موهن جو دڙو سائنس ڪلب قنبر قنبر شهر ۾ سائنسي ماحول ٺاهڻ ۽ سائنسي سجاڳي پيدا ڪرڻ لاءِ 7-فيبروري 1989ع تي، قنبر جي محلي علي خان ۾ ”موهن جو دڙو سائنس ڪلب“ جو بنياد رکيو ويو، جنهن جا باني ميمبرَ ستار هڪڙو، رياضت ٻرڙو، خادم رند، فدا حسين ميرجت، مختيار احمد ڀٽو، امتياز علي ٻرڙو ۽ غلام حسين هڪڙو آهن. انهن سڀني بنيادي ميمبرن تي مشتمل ”اُتم سڀا“ (سپريم ڪائونسل) جوڙي وئي. اتم سڀا جو مقصد ڪلب کي پنهنجن مقصدن تي قائم رکڻ، اليڪشن ڪرائڻ ۽ مڙني ڪمن جي نگراني ڪرڻ طي ڪيا ويا. گڏوگڏ هڪ ”ڪاروباري سڀا“ (ايگزيڪيوٽِوِ ڪاميٽي) پڻ هن ريت جوڙي وئي: چيئرمئن: ستار هڪڙو، وائيس چيئرمئن: رياضت ٻرڙو، سيڪريٽري جنرل: امتياز علي ٻرڙو، جوائنٽ سيڪريٽري: غلام حسين هڪڙو، پريس سيڪريٽري: مختيار احمد ڀٽو، خزانچي: فدا حسين ميرجت، لائبريرين: خادم رند، ۽ ليباريٽري انچارج: نذير احمد چانڊيو. ”ڪلب“ جا هيٺيان مقصد ۽ متا مقرر ڪيا ويا: 1. سائنسي شعور رکندڙن جو سائنسي سهڪار ڪرڻ ۽ انهن جِي، نظرين، مشاهدن ۽ تجربن ۾ هر ممڪن مدد ڪرڻ، 2. سنڌ جي سمورن شهرن ۽ ڳوٺن ۾ سائنس ڪلب جون شاخون قائم ڪرڻ، 3. ڌارين ٻولين مان سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جو مواد سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪرائڻ ۽ ڇپرائڻ، 4. سائنسي مباحثا، سيمينار، مضمون نويسيءَ جي مقابلا ۽ نمائشون منعقد ڪرائڻ، 5. سائنسي مواد ڇپرائڻ جون ڪوششون وٺڻ، 6. هنري سکيا ۽ تعليم لاءِ اپاءَ وٺڻ، ۽ 7. انسانذات جي فلاح ۽ بهبود لاءِ جنگي سائنسي سرگرمين خلاف احتجاج ڪرڻ. ڪاروباري سڀا جي رڪنن پنهنجي ڪم کي ان ريت کنيو، جو اهي مختلف اسڪولن ۾، هيڊ ماسٽرن ۽ استادن جي تعاون سان، ويا ۽ اتي شاگردن کي سائنس جي اهميت کان واقف ڪيو ۽ سائنسي موضوعن تي ليڪچر ڏنا، نون ليکڪن جو چاهه پيدا ڪرڻ لاءِ نائين ۽ ڏهين ڪلاسن جي شاگردن وچ ۾ مضمون نويسيءَ جو مقابلو 18 سيپٽمبر 1989ع تي، ”موجوده دور ۾ سائنس جي اهميت“ جي موضوع تي منعقد ڪرايو ويو، جنهن ۾ ترتيبوار پهريون، ٻيو ۽ ٽيون نمبر آيل شاگردن نياز حسين رند، واجد حسين هڪڙي ۽ غلام مجتبيٰ منگيءَ کي ”ڪلب“ پاران مختلف سائنسي ۽ ادبي ڪتاب انعام طور ڏنا. سائنسي نمائش ڪرائڻ جي سلسلي ۾ غلام حسين هَڪڙي ”اليڪٽرانڪ پينگھو“ ۽ رياضت ٻرڙي ”ميڊيم ويو ٽرانسميٽر“، ”سمپل ڪمپيوٽر“ ۽ ”دَ لائيٽس آف سائونڊ ويو“ پراجيڪٽ تيار ڪيا، ستار هَڪڙي ”فاسلز“ (پنڊ پهڻ ٿيل جسم) ڪٺا ڪيا، پر مالي مسئلن سبب اها نمائش نه ٿي سگھي. سائنسي پبليڪيشن جي سلسلي هيٺ ”سائنسي سوچ“ جي نالي سان هڪ سلسليوار رسالو شروع ڪري، پهريون شمارو سيپٽمبر 1990ع ۾ پڌرو ڪيو ويو، جنهن ۾ سائنسي مواد ڏنو ويو. ليڪچر سيريز تحت ڊاڪٽر محبت ٻرڙي 22 مئي 1990ع تي، ”مادي“ جي موضوع تي سائنسي ليڪچر ڏنو ۽ ٻيو ليڪچر ستار هڪڙي ”ماحولياتي آلودگيءَ“ جي موضوع تي ڏنو، جن کي بيحد پسند ڪيو ويو. ”ڪلب“ جي آفيس، اسٽيشن روڊ تي، ماهوار مسواڙ تي هڪ جاءِ وٺي، قائم ڪئي وئي، جنهن ۾ هڪ ننڍي لائبريري ۽ ليباريٽري پڻ قائم ڪئي وئي. ”ڪلب“ جي بعد ۾ آفيس ”مستاني سنڌي چوڪ“ تي قائم ڪئي وئي، جيڪا بنا مسواڙ جي غلام عمر ميرجت صاحب ڏني. لائبريريءَ ۾ 600 کن ڪتاب ۽ رسالا ڪَٺا ڪيا ويا، جيڪي عهديدارن ۽ رڪنن عطيي طور ڏنا. ڪتاب ۽ رسالا عطيي ۾ سنڌ ثقافت ۽ سياحت کاتي پاران ميڊم ماهتاب اڪبر راشديءَ، سنڌي ادبي بورڊ ۽ شاهڪار بڪ فائونڊيشن پاران پڻ مليا. شهرين پڻ ان نيڪ ڪم ۾ حصو ورتو. ليباريٽريءَ لاءِ ڪجھ اليڪٽريڪل، مڪينيڪل ۽ ڪيميڪل جو سامان وصول ٿيو. جنوري 1990ع ۾ ”ڪلب“ جي وفد تنهن وقت جي ڊي سي او لاڙڪاڻو امتياز احمد شيخ سان ملاقات ڪري، کيس آفيس گھمڻ جي دعوت ڏني ۽ سهڪار جي گھر ڪئي، پر هُو پنهنجين اوليتن ۽ مصروفيتن سبب اچي نه سگھيو. سنڌ سرڪار کان گھر ڪئي وئي ته ”سنڌ سائنس سوسائٽيءَ“ جي عمارت تان قبضو بنا دير ختم ڪرايو وڃي ۽ اخبارن ۽ رسالن کي اپيل ڪئي وئي ته اهي سائنسي مواد کي ڇپن. جونِ 1990ع ۾ ”سڪ پريت“ تنظيم پاران جھڪر جي دڙي لڳ آباد هڪ ڳوٺ ۾ ”ڪلب“ پاران رياضت ٻرڙي ۽ خادم رند شرڪت ڪئي. ان موقعي تي رياضت ٻرڙي ”سوسائٽيءَ“ جو تعارف پيش ڪيو. 15 جونِ 1990ع تي، ڪلب جي ايوان ۾، ستار هڪڙي ”ماحولي آلودگي“ موضوع تي ليڪچر ڏنو. ”ڪلب“ جا هي سڄاڻ فردَ ميمبر ٿيا: ارشاد ڪلهوڙو، ڪرم علي ٻرڙو، رفيق عباسي، نياز حسين رند، زاهد حسين ڀٽو، عبدالرشيد لاکو، ستار هُليو، واجد هڪڙو، حفيظ هڪڙو، عبدالڪريم خانزادو، عبدالحق شيخ، عبدالباقي چانڊيو، بخت جمال خشڪ، اطهر علي ٻرڙو، غلام عباس چانڊيو، خليل احمد هڪڙو، عابد علي ڪلهوڙو، شهزادو خان ڀٽو، ممتاز علي پٺاڻ، حسين هڪڙو، احمد بخش گوپانگ، بلاول ميمڻ، محمد علي هڪڙو، عصمت ميمڻ، صداقت علي ٻرڙو، محمود منگي، ڪليم اللھ شيخ، حسن چانڊيو، ارشاد سومرو، وحيد چانڊيو، بندهه علي ٻرڙو، امتياز تنيو ۽ نياز حسين شيخ. جڏهن ته اعزازي ميمبر هن ريت هئا: ممتاز علي قريشي، ڊاڪٽر سرتاج احمد جج، سهيل احمد پٺاڻ، جامي چانڊيو، نثار احمد مغيري ۽ سيد جاويد شاهه. موهن جو دڙو سائنس سوسائٽي قنبر هن ”سوسائٽيءَ“ جو بنياد جنوري 1991ع ۾”موهن جو دڙو سائنس ڪلب“ جو نالو تبديل ڪري رکيو ويو، ته جيئن رجسٽريشن جي مسئلي ۾ تنظيم جو نالو اٽڪاءُ نه بڻجي. 2 فيبروري 1991ع تي سوسائٽيءَ جي سالياني اليڪشن ٿي، جنهن ۾ هيٺيان عهديدار منتخب ٿيا: چيئرمئن: رياضت ٻرڙو، وائيس چيئرمئن: امتياز تنيو، جنرل سيڪريٽري: ستار هڪڙو، جوائنٽ سيڪريٽري: ڪرم علي ٻرڙو (1991-04-18 کان)، لائبريرين: خادم رند، ليباريٽري انچارج: اطهر ٻرڙو (1991-04-18 کان)، ۽ پريس سيڪريٽري: صداقت ٻرڙو. 2 مارچ 1991ع تي انهن عهديدارن جي قسم کڻائڻ جي پروقار تقريب منعقد ڪئي وئي، جنهن جي صدارت اُتم سڀا جي ڀاتي امتياز علي ٻرڙي ڪئي، خاص مهمان نامور استاد محمد عظيم سومرو ۽ اعزازي مهمان مشهور فنڪار رستم علي ٻرڙو هئا. اسٽيج سيڪريٽري شمع منير هو. سڀ کان اڳ امتياز علي ٻرڙي عهديدارن کي قسم کڻايو. ان بعد سرمد چانڊيي، خادم رند، صداقت ٻرڙي، امتياز تنيي، ستار هڪڙي، رياضت ٻرڙي، رستم علي ٻرڙي، محمد عظيم سومري ۽ امتياز علي ٻرڙي پنهنجن خيالن جو اظهار ڪيو. آخر ۾ رياضت ٻرڙي پنهنجو لکيل خاڪو ”نيوٽن ۽ صوف“ پيش ڪيو. ”سوسائٽيءَ“ جا ٻيا ميمبر هي سڄاڻ فرد ٿيا: گھنشام دولتاڻي، جاويد شيخ، وحيد ٻرڙو، مقيم رند، ڪلب حسين شاهه، ممتاز علي شاهه، سڀاش ڪمار ۽ شاهه مراد ميرجت. سوسائٽيءَ پاران مختلف پروگرام وغيره هن ريت ٿيا: فيبروري 1991ع کان سڄاڻ شخصيت ڊاڪٽر محبت ٻرڙي اعزازي ٽيوٽر طور ساندهه ٽي مهينا انگريزي ٻوليءَ جي سکيا جا ڪلاس هلايا. اپريل 1991ع ۾ گورنمينٽ هاءِ اسڪول وڳڻ ۾ نائين ۽ ڏهين ڪلاس جي شاگردن منجھ مضمون نويسيءَ جو مقابلو ”سائنس اسان جي فائدي ۾ آهي يا نقصان ۾؟“ موضوع تي ٿيو، جنهن ۾ سڪندر علي مغيري، عبد اللھ وڳڻ ۽ وفا مختيار علي مغيري ڪامياب ٿيا. ساڳئي وقت گورنمينٽ هاءِ اسڪول قنبر ۾ پڻ نائين ۽ ڏهين ڪلاس جي شاگردن جي وچ ۾ مضمون نويسيءَ جو مقابلو ”چنڊ ڇا آهي؟“ موضوع تي ٿيو، جنهن ۾ قربان علي شيخ، علي اصغر جويو ۽ فدا حسين چانڊيو ڪامياب ٿيو، جن جي نالن جو اعلان اسيمبليءَ ۾ ڪيو ويو. اپريل 1991ع ۾ ”سگا“ جي اڳواڻن کي سگا جي اڻويهين سالگرهه جون مبارڪون ڏنيون ويون، ”سائنس“ جرنل جي اجراء تي خوشيءَ جو اظهار ڪيو ويو ۽ ان کي خريد ڪرڻ جي عام اپيل ڪئي وئي. 10 مئي 1991ع تي ڊاڪٽر محبت ٻرڙي ”ڌرتي“ موضوع تي علمي ليڪچر ڏنو. جُون 1991ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ کي اپيل ڪئي وئي ته سائنسي علمن تي ڪتاب ڇپرايا وڃن ۽ انسائيڪلوپيڊيا تيار ڪرائي ڇپرائي وڃي. جُون 1991ع ۾ ”ٻالڪ سائنس سنگت“ جي پهرين گڏجاڻي ٿي، جنهن ۾ 35 ٻار شريڪ ٿيا. ان جون پوءِ ٻيون به ٽي گڏجاڻيون ٿيون. جولاءِ 1991ع کان سوسائٽيءَ جي آفيس مجيد منگيءَ جي ”عوامي اوطاق“ تي منتقل ڪئي وئي. جُون ۽ جولاءِ 1991ع ۾ اسٽڊي سرڪل جون گڏجاڻيون ٿيون، جن ۾ ڊاڪٽر پرويز هودٻائي جي ڪتاب ”پاڪستان ۾ سائنسي پسماندگيءَ جا سبب“ ۽ محمد اسماعيل عرساڻيءَ جي ڪتاب ”خيال خاطر“ کي پڙهيو ۽ پُرجھيو ويو. سيپٽمبر 1991ع ۾ سنڌ سرڪار کان گُھر ڪئي وئي ته ”سنڌ سائنس سوسائٽيءَ“ جي بلڊنگ تان قبضو ختم ڪرايو وڃي. ان سموري عرصي ۾ وقتاً فوقتاً انتظامي گڏجاڻيون منعقد ٿينديون رهيون. کيرٿر تعليمي ۽ سائنسي سٿ (کيرٿر ايجوڪيشنل اينڊ سائنٽيفڪ آرگنائيزيشن) قنبر هن ”سٿ“ جو بنياد 25 نومبر 1991ع تي رياضت ٻرڙي جي صدارت ۾ ٿيل هڪ گڏجاڻي ۾ ”موهن جو دڙو سائنس سوسائٽي“ جو نالو تبديل ڪري رکيو ويو ۽ هيٺيان عهديدار منتخب ڪيا ويا: صدر: رياضت ٻرڙو نائب صدر: خادم رند جنرل سيڪريٽري: ستار هڪڙو جوائنٽ سيڪريٽري: امتياز تنيو ۽ غلام حسين هڪڙو خزانچي: شاهه مراد ميرجت نائب خزانچي: اطهر ٻرڙو ۽ اظهر سيال رابطا سيڪريٽري: صداقت ٻرڙو گڏجاڻيءَ ۾ هيٺيان مول ۽ مَتا طَي ڪيا ويا: 1. مختلف پروگرامن وسيلي شاگردن ۾ سائنسي ۽ تعليمي لاڙا پيدا ڪرڻ، 2. سنڌي ٻوليءَ ۾ سائنسي ۽ تعليمي مواد جي اڻاٺ کي پورو ڪرڻ لاءِ جاکوڙ ڪرڻ، 3. مفت ٽيوشن سينٽر هلائڻ، 4. شاگردن کي اسڪالرشپون ڏيارڻ ۽ فيون معاف ڪرائڻ لاءِ جاکوڙ ڪرڻ، 5. شاگردن کي مفت نصابي ڪتاب ۽ يونيفارم ڏيارڻ لاءِ ڪوششون وٺڻ، 6. نوجوانن جي ذهني ۽ بدني چستيءَ لاءِ جاکوڙ ڪرڻ، 7. تعليمي معيار کي بهتر بنائڻ لاءِ جاکوڙ ڪرڻ، ۽ 8. ضلعي جي مختلف هنڌن تي ”سٿ“ جون شاخون قائم ڪرڻ. سٿ پاران مضمون نويسيءَ جا ٻه مقابلا ڪرايا ويا: پهريون، گورنمينٽ هاءِ اسڪول قنبر ۾ ٿيو، جنهن جو موضوع هو: ”سائنسي تعليم اسان لاءِ ڇو ضروري آهي؟“ ۽ ٻيو، گورنمينٽ هاءِ اسڪول وڳڻ ۾ ٿيو، جنهن جو موضوع هو: ”چنڊ ڇا آهي؟“ ان کان سواءِ ذهني آزمائش جا به ٻه مقابلا چئن چئن اسڪولن وچ ۾ منعقد ڪرايا ويا، جن مان پهريون مقابلو هاءِ اسڪول بهرام جي شاگردن کٽيو ۽ ٻئي مقابلي ۾ هاءِ اسڪول وڳڻ جا شاگرد ڪامياب ٿيا. اسٽڊي سرڪل هيٺ مختلف ويهڪون منعقد ڪيون ويون، جن ۾ مختلف ليکڪن جا مضمون پڙهي، انهن تي ويچاريو ويو. لائبريريءَ ۾ ڪتابن ۽ رسالن جو تعداد 2000 تائين پهچايو ويو. 1993ع ۾ ”ٻالڪ سائنس سنگت“ جي پليٽفارم تان ٻه مهينا ٻارڙن جي ٻاري هر هفتي مچائي وئي، جنهن ۾ ٻارن مختلف آئٽم پيش ڪيا، کين همٿ افزائي طور ننڍا ننڍا انعام ڏنا ويا. 1992ع، 1993ع ۽ 1994ع ۾ ٽي ڀيرا انگريزي گرامر ۽ ڪمپوزيشن جون مفت ٽيوشنون هلايون ويون. سائنس ۽ تعليم سان لاڳاپيل موضوعن تي پنج ليڪچر منعقد ڪرايا ويا. سائنسي مواد تي مشتمل ”سائنسي سوچ“ پبليڪيشن جي ٻي ڪڙي مارچ 1993ع ۾ پڌري ڪئي وئي. جڏهن ته ڊسمبر 1992ع کان ڊسمبر 1994ع تائين هيٺيان عهديدار ڪم ڪندا رهيا: صدر: رياضت ٻرڙو، نائب صدر: آفتاب ابڙو، جنرل سيڪريٽري: ستار هڪڙو، جوائنٽ سيڪريٽري: شاهه مراد ميرجت، خزانچي: خادم رند، لائبريرين: اظهر سيال، ۽ پريس سيڪريٽري: فدا حسين ميرجت. کيرٿر سائنس اڪيڊمي قنبر 1995ع جي شروع ۾ ”کيرٿر تعليمي ۽ سائنسي سٿ“ جو نالو بدلائي ”کيرٿر سائنس اڪيڊمي“ رکيو ويو. ”سائنس اڪيڊمي“ پاران سلسليوار ”سائنسي سوچ“ پبليڪيشن جي ٽين ڪڙي، فيبروري 1996ع ۾ پڌري ڪئي وئي، انگريزي ٻوليءَ ۽ گرامر جي مفت ٽيوشن هلائي وئي ۽ ڪجھ علمي ليڪچر منعقد ڪرايا ويا. فيبروري 1996ع ۾ ”اڪيڊمي“ جا هي ميمبر هئا: ستار هڪڙو، رياضت ٻرڙو، خادم رند، مجيد منگي، غلام حسين هڪڙو، آفتاب ابڙو، فدا حسين ميرجت، شاهه مراد ميرجت، نذير احمد چانڊيو، عبدالخالق ميڻو، دين محمد ڪلهوڙو، زاهد ڀٽو، علي آڪاش ۽ گوتم ڪمار جيسراڻي. ”کيرٿر سائنس اڪيڊمي“ قنبر کي، سندس رهنما ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جي وفات تي سندس مڃتا ۾، 25 اپريل 1997ع تي، نئون نالو ”ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي“ ڏنو ويو، جنهن کان پوءِ اڪيڊميءَ جي علمي، سائنسي، تعليمي، سماجي ۽ ادبي سرگرمين جي هڪ نئين ۽ روشن دَور جي شروعات ٿي.
رياضت سائين لک ٿورا اوهان قنمبر تعلقي جي سائنسي تنظيمن بابت ڄاڻ ڏني۔ بدقسمتي سان اسان وٽ سنڌ ۾ اهڙيون سائنسي تنظيمون نه هجڻ جي برابر آهن، جيڪڏهن آهن ته گهڻو سرگرم ناهن۔ اوهان دوستن کي جس هجي جيڪي اهڙين سٺين سرگرمين کي جاري رکيو پيا اچو۔
اسين اوهان دوستن جي ڪم کي ساراهيندي ۔۔۔۔ دعاڳو آهيون ته اوهان پنهنجي ان ڪم ۾ ضلع قنبر سان گڏ سنڌ جي سائنسي ميدان ۾ پاڻ ملهائيندا ۔۔۔ سنڌ سلامت اوهانجي هر ڪم ۾ اوهانجو ساٿ ڏيڻ حاضر آهي ۔۔۔ لک قرب