معلوماتي سوال جواب 1

'پڇڻا نه منجهڻا' فورم ۾ رياضت ٻرڙو طرفان آندل موضوعَ ‏3 آگسٽ 2012۔

  1. رياضت ٻرڙو

    رياضت ٻرڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 جون 2012
    تحريرون:
    306
    ورتل پسنديدگيون:
    879
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ماڳ:
    لاڙڪاڻو
    مترجم: معظم علي ٻرڙو
    ڪمپيوٽر، انٽرنيٽ ۽ موبائيل معلومات

    س: انٽرنيٽ جي شروعات ڪڏهن ۽ ڪهڙي مقصد لاءِ ٿي؟
    ج: انٽرنيٽ جي شروعات 1965ع جي لڳ ڀڳ ٿي. سائنسدانن ۽ مختلف تحقيقي ادارن جي وچ ۾ رابطو قائم ڪرڻ ۽ ڄاڻ ڏيڻ وٺڻ لاءِ انٽرنيٽ جو سرشتو ٺاهيو ويو. انٽرنيٽ ذريعي مختلف قسمن جي ڄاڻ موڪلي ۽ حاصل ڪري سگھجي ٿي. مثال طور: اِي ميل ڪرڻ، مضمون موڪلڻ، اخبار پڙهڻ، ڪچهري ڪرڻ، روزگار جي ڳولا ڪرڻ، رانديون کيڏڻ، آڊيو وڊيو فائل ۽ تصويرون ڊائون لوڊ ڪرڻ، رشتا ڳولڻ، ڪنهن دوست سان وِڊيو تي ڪچهري ڪرڻ، سافٽ ويئر حاصل ڪرڻ ۽ ڪتاب وغيره خريد ڪرڻ کان سواءِ ڪيترائي ڪم ڪري سگھجن ٿا. انٽرنيٽ جو دارومدار پروٽوڪولس تي هوندو آهي. پروٽوڪولس اهڙن قاعدن جو مجموعو هوندا آهن جنهن مطابق ڪمپيوٽر هڪ ٻئي سان ”ڳالهائي“ سگھندا آهن.

    س: اِي-ميل(E-mail) ڇا آهي؟
    ج: اي-ميل ’اليڪٽرانڪ ميل‘ جو ننڍايل نالو آهي، جنهن ذريعي اليڪٽرانڪ پيغام رساني ڪئي ويندي آهي، جيڪا عام طرح سِمپل ميل ٽرانسفر پروٽوڪول/ايس. ايم. ٽِي. پِي. (SMTP) ذريعي ڪئي ويندي آهي.

    س: ڇا انسائيڪلوپيڊيا برٽينيڪا کي آن لائن سنوارڻ (ايڊٽ ڪرڻ) جي سهولت موجود آهي؟
    ج: ها، تازو ئي انسائيڪلوپيڊيا برٽينيڪا پنهنجن پڙهندڙن کي انسائيڪلوپيڊيا ۾ موجود ڄاڻ کي ايڊٽ ڪرڻ جي سهولت ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي. ان منصوبي تحت پڙهندڙ ۽ ماهر آن لائن داخلائن (انٽريز) ۾ واڌارو ڪري سگھن ٿا. اهو وڌايل مواد انسائيڪلوپيڊيا ۾ ان اطلاع سان شايع ڪيو ويندو ته اهو پڙهندڙن جو فراهم ڪيل آهي. ان کان سواءِ برٽينيڪا وارا ماهرن سان به رابطو ڪندا ته جيئن هُو پنهنجي اڳ لکيل مواد کي نئون نڪور ڪن ۽ پنهنجا ماهراڻا رايا به ڏين. پڙهندڙ برٽينيڪا جي مواد کي پنهنجي ذاتي کوجنا ۾ به استعمال ڪري سگھندا.

    س: جِي ڊرائيوِ(G Drive) بابت ٻڌايو؟
    ج: آمريڪي کوجِي انجڻ گوگل پنهنجي نئين سروس ”جِي ڊرائيوِ“ هلندڙ سال متعارف ڪرائڻ جو اعلان ڪيو آهي، ان سروس جي سڀ کان وڏي خاصيت ڊيٽا کي آن لائين جمع ڪرڻ آهي، ته جيئن انٽرنيٽ استعمال ڪندڙن کي ذاتي هارڊ ويئر جي ضرورت گھٽ پوي. آمريڪي سڌ سماءَ وارن ذريعن موجب گوگل سمورن صارفين جي ڊيٽا کي پنهنجي مرڪزي سرور تي محفوظ ڪندو، جنهن سان صارفين تان وڏي گھرج وارين هارڊ ڊسڪن جو بار گھٽجي ويندو.

    س: انٽرنيٽ ڪهڙين ڏکيائين کي منهن ڏئي رهي آهي ۽ انهن ڏکيائين جا انٽرنيٽ تي ڪهڙا اثر پوندا؟
    ج: ايمنسٽي انٽرنيشنل مطابق انٽرنيٽ تي خيالن جي اظهار کي دٻائڻ جو وائرس هاڻي ڪيترن ئي ملڪن جي حڪومتن تائين پکڙجي چڪو آهي. انٽرنيٽ تي رياستي روڪ (سينسرشپ) جي حوالي سان چِين جو مثال اسان جي اڳيان آهي، جتي معاشي ترقيءَ جي ته اجازت آهي، پر اظهار جي آزاديءَ تي پابندي آهي، ۽ هاڻي اهو انداز مقبوليت ماڻي رهيو آهي. 5 سال اڳ اهڙن ملڪن جو تعداد گھٽ هو، پر هاڻي اهو ڊزنن تائين پهچي چڪو آهي جيڪي مختلف ويب سائٽن تي پابندي هڻي ٿا ڇڏين ۽ بلاگس کي ”گرفتار“ ڪري ٿا ڇڏين. اهڙن ملڪن جا هي نالا آهن: ڀارت، پاڪستان، چين، ايران، شام، لبيا، اردن، مراڪش، سعودي عرب، برما ۽ وچ ايشيا جون رياستون.
    انساني حقن جي ڏيهان ڏيهي تنظيم ايمنسٽي انٽرنيشنل مطالبو ڪيو آهي ته آن لائن آزاديءَ کي دٻائڻ جي ڪوشش ڪندڙ ملڪن خلاف سخت قدم کنيا وڃن. جيڪڏهن اهڙن ملڪن خلاف جوڳا قدم نه کنيا ويا ته پوءِ انٽرنيٽ جي شڪل بدلجي ويندي.
     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ٽيڪنالاجي سان سلهاڙيل لفظن جي سولي سنڌي ۾ بهترين انداز سان وصف بيان ڪيل آهي۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. عبدالرحيم

    عبدالرحيم
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏27 نومبر 2009
    تحريرون:
    630
    ورتل پسنديدگيون:
    581
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Computer Officer
    ماڳ:
    ميرپورخاص، سنڌ
    تمام بهترين ونڊ آهي جاري رکجو
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو