ليکڪ: ايم. ايڇ. پنهورُٰٰٰٰٰ مترجم: ستار هڪڙو سنڌ ۾ پِن بجليءَ جي پيداوار پاڪستان ۾ پن چَڪين جي لڳائڻ ۽ ان جي معيشت جي باري ۾ اسان کي احتياط سان ڳالهائڻو آهي، جيڪي پنهنجي گھر، هالينڊ ۾، 1920ع ۽ 1950ع جي وچ ۾ تمام تيزيءَ سان غائب ٿي ويون ۽ 1920ع جي ڀيٽ ۾ مشڪل سان 7 يا 8 سيڪڙو بچيون آهن، جن کي پن چڪين جي بچاءَ واري تنظيمَ حڪومت ۽ قومي سياحت واري اداري جي سهڪار سان، تمام گھڻن ڪوششن کان پوءِ بچايو. ڊِيزل ۽ بجليءَ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ ڪفائتي هوندي به، پن چڪين کي بند ڪيو ويو. هالينڊ، ڊنمارڪ ۽ ٻين يورپي ڏيهَن ۾ اڪثر پن چڪيون تمام وڏيون هيون جن جو نيم قطر (ريڊيَس) 30 ميٽر هو ۽ 20 ميٽرن کان وڌيڪ اُوچن وڏن موڪرن ٺلن تي بيٺل هيون، جيڪي گھڻي کان گھڻي واچ جي رفتار ۾ به رڳو 20 هارس پاور يا 15 ڪلوواٽ پيدا ڪري پئي سگھيون. جيتوڻڪ انهن جي سار سنڀال تي نالي ماتر خرچ اچي ٿو جيڪو مجموعي پيداوار جو 5 کان 7 سيڪڙو ٿيندو، پر پوءِ به ڊيزل انجڻين جي ڀيٽ ۾ اڃا تائين پن چڪين کي ڪفائتي نه ٿو سمجھيو وڃي. ويهين صدي جي شروعات ۾، ڪنهن وقت اهو ٿي سمجھيو ويو ته پن چڪيون ناياب ٿي وينديون، پر پن چڪين جي واهپي ۾ نوَن واڌارن، جيئن آسٽريليا جي ريگستاني پرڳڻن ۾ رڍن لاءِ پاڻي گڏ ڪرڻ لاءِ پاڻيءَ کي پمپ ڪرڻ ۽ واچ جي تيز رفتاري پرڳڻن، جيئن اتر يورپي ڏيھ جيڪي 40 کان 60 ڊگري ويڪرائي ڦاڪن ۾ اچن ٿا، پن چڪين جي بحاليءَ ۾ دلچسپي وٺي رهيا آهن. 50 جي ڏهاڪي ۾ اڪثر اسريل ڏيهن ۾ ”وِنڊ ريسرچ آرگنائيزيشنس“ (onsrch OrganizatiReseaWind) جوڙيون ويون، جنهن ۾ ڊنمارڪ سڀ کان اڳيان هو. هاڻي پن چڪيون توانائيءَ جي پيداوار لاءِ استعمال ڪيون پيون وڃن پر ان کي ڪفائتي بنائڻ لاءِ واچ جي رفتار جو تيز هجڻ ضروري آهي، جيڪا رڳو اُتر يورپ ۽ چَوماسي جي مند ۾ بنگلاديش کان آندراپرديش ۾ ٿئي ٿي، نه ڪي استوائي (ڪوسو) ۽ نيم استوائي (سوسڙو) علائقن ۾. تيز واچ وارو پٽو: سنڌ ۾ واچ گُھلڻ جو ڪارڻ راجستان ۽ ٿر جي بيابان جي هوا جو ڪوسو مٿي وڃڻ ۽ ان جي جاءِ عربي سمنڊ جي مٿاڇري واري ٿڌي هوا جو وٺڻ آهي، جيڪا اولھ-ڏکڻ-اولھ کان اوڀر-اُتر-اوڀر ريگستان ڏانهن گھلندي آهي. هي تيز واچ وارو پٽو ڪراچي ۽ ڪيٽي بندر جي وچ ۾ ٿئي ٿو جيڪو ڪيٽي بندر کان مٺي ۽ ڪراچي کان حيدرآباد ۽ ٿر کان اڳتي وڃي ٿو. هندستان ۽ بلوچستان جي ڪجھ اسٽيشنن تان ورتل واچ جي رفتار جا انگ اکر ٻڌائن ٿا ته واچ جي رفتار مٿين پٽي جي ڏکڻ ۽ اُتر ۾ گھٽ ٿئي ٿي ۽ جيئن پوءِ تيئن اڳتي اوڀر ڏانهن گھٽ ٿيندي ويندي. ڇوڙ وٽ واچ جي رفتار حيدرآباد جي ڀيٽ ۾ گھٽ آهي ۽ حيدرآباد ۾ وري ڪراچيءَ جي ڀيٽ ۾ رفتار گھٽ آهي. اهڙيءَ طرح ڀوڄ ۽ راءِ ڪوٽ ۾ واچ جي رفتار دُوارڪا جي ڀيٽ ۾ گھٽ آهي. جيئن ئي ڪيٽي بندر کان ڏکڻ ڏَس ڪاٺياواڙ ۾ دُوارڪا ۽ ويراول کان اڳتي ممبئي ڏانهن وڃبو ته واچ جي رفتار گھٽبي ويندي، جيڪا ڪراچيءَ کان بلوچستان جي سون مياڻي، اوڙمارا ۽ پسني سامونڊي ڪنارن پاسي پڻ گھٽبي ويندي. واچ جي رفتار جا هاڻوڪا انگ اکر ٻڌائن ٿا ته سڀ کان وڌيڪ واچ ڪراچيءَ جي منوڙي واري هنڌ گھلي ٿي. ڪراچي ۽ ڪيٽي بندر جي وچ ۾ گھلندڙ واچ جو مختلف هنڌن تي تفاوت 5 سيڪڙو کان مٿي نه ٿيندو، پر هي تفاوت ساڳي پن چڪي سان 15.76 سيڪڙو وڌيڪ توانائي ٺاهڻ ۾ مدد ڪري ٿو. واچ جي رفتار دُوارڪا ۽ ويراول ۾ ڪراچي جي ڀيٽ ۾ گھٽ رهي ٿي، ڇو ته ڪراچي ۽ ڪيٽي بندر راجسٿان ۽ ٿر ريگستان جي مرڪز کي وڌيڪ ويجھو آهن. توڙي جو سنڌ ۾ پن چڪيون لڳي سگھن ٿيون پر ان ڳالھ جو تعين ڪراچي منوڙي وٽ سڄو سال موجود واچ جي رفتارن جي نمونن آڌار ڪري سگھجي ٿو. هڪ سال اندر منوڙي وٽ ڪلوميٽر في ڪلاڪ/ڪ.ف.ڪ(kph) جي حساب سان واچ گھلڻ جي رفتارن جي ڪلاڪن جا انگ اکر هيٺ ڏجن ٿا: 12-20 ڪ.ف.ڪ (سراسري طور 16 ڪ.ف.ڪ) 2716 ڪلاڪ. 21-30 ڪ.ف.ڪ (سراسري طور 25 ڪ.ف.ڪ) 1344 ڪلاڪ. 31-40 ڪ.ف.ڪ (سراسري طور 35 ڪ.ف.ڪ) 228 ڪلاڪ. اثر: جنوري 2002ع ۾ ”پاڪستان ڪائونسل فار رنيوئيبل اينرجي ٽيڪنالاجيز“ (PCRET) 39 ڪ.ف.ڪ رفتار سان 15 ڪلوواٽ واري پن چڪي گھرائڻ لاءِ اشتهار ڏنو. اهڙي قسم جي رفتار سال ۾ 288 ڪلاڪن کان به گھٽ آهي ۽ منوڙي وٽ هڪ ڏينهن ۾ سراسري طور 46 منٽ مس ملندي. 5 ڪلوواٽ واري پن چڪي، جيڪا 39 ڪ.ف.ڪ جي ڊزائين لاءِ تيار ٿيل هجي ته 35 ڪ.ف.ڪ تي 3.3 ڪلوواٽ، 25 ڪ.ف.ڪ تي 1.35 ڪلوواٽ ۽ 15 ڪ.ف.ڪ تي 0.345 ڪلوواٽ توانائي پيدا ڪندي. رفتار:پن چڪين ۾ هڪ اهم جز اهو آهي ته ساڳي پن چڪيءَ سان بجلي پيدا ڪرڻ جو دارومدار واچ جي رفتار جي ڪعب تي آهي. مثال طور جيڪڏهن واچ جي رفتار 10 کان 40 ڪ.ف.ڪ تائين وڌي ٿي ته 40 ڪلوميٽر تي پيدا ٿيندڙ بجلي 10 ڪلوميٽر تي پيدا ٿيندڙ بجليءَ کان 64 ڀيرا وڌيڪ هوندي، جيڪڏهن 10 ڪ.ف.ڪ تي 1 ڪلوواٽ بجلي ٺهي ٿي ته واچ جي مختلف رفتارن سان پيدا ٿيندڙ بجلي هيٺين ريت هوندي: 10 ڪ.ف.ڪ تي 1 ڪلوواٽ. 15 ڪ.ف.ڪ تي 3.75 ڪلوواٽ. 20 ڪ.ف.ڪ تي 8 ڪلوواٽ. 25 ڪ.ف.ڪ تي 15.25 ڪلوواٽ. 30 ڪ.ف.ڪ تي 27 ڪلوواٽ. 35 ڪ.ف.ڪ تي 42.875 ڪلوواٽ. 40 ڪ.ف.ڪ تي 64 ڪلوواٽ. هي رڳو واچ جي رفتار مان پن بجليءَ جي پيدار کي ظاهر ڪري ٿو، ۽ پاڻ واچ جي رفتارن ۽ ان جي گھلڻ جي مهلن جي بنا ڪنهن صحيح جاچ جوچ ۽ رٿابنديءَ جي پن چڪي فارمن جي باري ۾ ويچاري رهيا آهيون، جيڪي ڪراچي يا سامونڊي ڪناري سان عملن وجود نه ٿيون رکن. جيتوڻڪ ڪراچيءَ وٽ واچ جي رفتار 31-39 ڪ.ف.ڪ آهي پر اها سال ۾ رڳو 282 ڪلاڪ موجود ٿيندي يا هڪ ڏينهن ۾ 45 منٽ ۽ ڪنهن به ڏينهن ۾ 2 ڪلاڪن کان مٿي نه ٿيندي. پن چڪي سنڌ جي پوري سامونڊي ڪناري لاءِ ان رفتار تي ڊزائين نه ٿي سگھندي. 12 کان 20 ڪ.ف.ڪ رفتار يا سراسري 16 ڪ.ف.ڪ واري واچ سڄي سال ۾ 2716 ڪلاڪ دستياب هوندي ۽ سراسري ساليانو واهپو 31 سيڪڙو ٿيندو، تنهنڪري پن چڪي جي گورنر جي اها حد مقرر ڪرڻي پوندي جنهن تي اها پنهنجي سٺي ڪارڪردگي ڏيکاري سگھي. اسان اهو به ڄاڻون ٿا ته جيڪڏهن پن چڪي جي گورنر کي 16 ڪ.ف.ڪ جي رفتار تي بيهاريو ويندو ته اها 25 ڪ.ف.ڪ جي رفتار تي گھٽ بجلي ٺاهيندي ڇو ته ان رفتار ته واچ جي رخ اڳيان گھٽ حصي اچڻ ڪري پن چڪي واچ جي رخ کان پرتي ويندي آهي. 5.5 ميٽر نيم قطر واري پن چڪي تي 16 ڪ.ف.ڪ واري واچ 1.336 ڪلوواٽ سگھ پيدا ٿيندي، جيڪا هيٺينءَ مساوات ۾ ڏيکاريل آهي: Power KW = C x Area x (wind velocity in kph)3 جيئن ته C constant 0.000137 آهي ته 16 ڪ.ف.ڪ واچ ۾ موجود توانائي ٿيندي 1.336 ڪلوواٽ، جيڪا سڌيان موجب 59.3 سيڪڙو ته ملندي، پر عملي طرح ان رفتار تي اڪثر پن چڪيون 30 سيڪڙو يا 0.4 ڪلوواٽ توانائي ڏين ٿيون. گھٽ رفتار تي وڏي نيم قطر واريون پن چڪيون 20 سيڪڙو توانائي ڏين ٿيون. هي 30 سيڪڙو ملندڙ توانائي پن چڪين جي آخري اهليت نه آهي، ڇو ته 85 کان 90 سيڪڙو اهليت وارا پن چڪي جنريٽر موجود آهن، جيڪي سڌو سنئون 122448 يا 120 وولٽ پيدا ڪري سگھن ٿا ۽ بيٽرين کي چارج پڻ ڪري سگھن ٿا، ۽ جيڪڏهن اي سِي (A.C) جنريٽر آهن ته ڪنورٽر جي گھرج رهندي. بجلي کي ڪنورٽ يا بيٽرين کي چارج ڪرڻ وقت ٿيندڙ نقصان پيداواري عمل جي مجموعي ڪارڪردگيءَ کي 25 کان 30 سيڪڙو اڃا وڌيڪ گھٽائيندو ۽ حقيقت ۾ 30 سيڪڙو تي مجموعي پيداوار 1.334 يا 0.4 ڪلوواٽ بيهندي. مٿين مساوات اهو پڻ ڏيکاري ٿي ته توانائيءَ جي پيداوار واچ جي رفتار جو ڪعب ۽ نيم قطر جو ٻيو مول آهي. پن چڪي بجلي تي لاڳت: پن چڪي توانائي مان ڪلوواٽ ڪلاڪ جي لاڳت تخمينن ۾ 6 کان 60 لک رُپين جون دعوائون ڪيون وڃن ٿيون. لاڳت واچ جي رفتار تي دارومدار رکي ٿي ۽ 20 ڪ.ف.ڪ واري گھٽ واچ جي رفتار تي 40 ڪ.ف.ڪ کان اٺوڻ تي لاڳت ايندي ۽ ان جو وقت تي پڻ دارومدار رهندو؛ پن چڪي سڄو سال جو هلندي. جيڪڏهن پن چڪي ڪل مدي جو 33 سيڪڙو هلندي ته ڪاپر يونٽ جيڪو 24 ڪلاڪ، هڪ ڏينهن سال جي 365 ڏينهن تي واچ جي رفتار تي ٽيڻو هوندو. سڄي سال جي 3/1 حصي جي استعمال ۽ واچ جي اڌ رفتار تي ڊزائين ٿيل تي في ڪلوواٽ ڪلاڪ تي خرچ رٿيل ۽ دعوا ٿيل کان 24 دفعه وڌيڪ ٿيندو. هنن اهڃاڻن جي اڀياس جي گھرج پوندي، ۽ جيڪڏهن بجليءَ جي پيداوار تي خرچ ڪفائتي رهيو ته پن چڪيون لڳائي سگھجن ٿيون. فضول رٿائن لاءِ امداد ڏيندڙ ادارن کان پئسا وٺڻ سولا آهن پر پئسن جي اهڙي زيان کان بچڻ گھرجي. اها پڻ دعوا ڪئي ٿي وڃي ته تيل ۽ گئس جون قيمتون وڌنديون پيون وڃن تنهنڪري پن چڪيون ڪفائتيون پونديون، پر ڏٺو وڃي ته مستقبل ۾ پن چڪي تي لاڳت پڻ ساڳيءَ نسبت سان وڌندي ويندي. رفتار ۽ اُوچائي: واچ جي رفتار اُوچائي سان وڌي ٿي، ۽ اها اڃا وڌندي جيڪڏهن رفتار واچ جي رخ جي پاسي ڏانهن وڌيڪ اوچي آهي. واچ جي گھٽ رفتارن تي واچ کان پري واري پاسي گھٽ حاصلات ٿئي ٿي، جنهن جا ڪجھ مثال هيٺ ڏجن ٿا: ٿر: ٿر واري پاسي حالتون مڙيوئي مختلف آهن، ڪنهن جاءِ تي پاڻي 50 ميٽرن يا ٿورو هيٺ اونهائيءَ تي ملي ۽ مارو پنهنجي مال مٿاءَ کي پاڻي پئارڻ سانگي ان هنڌ وٺي اچن ته ان سلسلي ۾ پن چڪيءَ جي مدد سان لوهي ٽانڪين ۾ پاڻي ڀرڻ جي باري ۾ ويچاري سگھجي ٿو. ٿر ۾ ڇور وٽ واچ جي رفتار جا ساليانا انگ اکر هي آهن: 21-30 ڪ.ف.ڪ 600 ڪلاڪن لاءِ، 12-20 ڪ.ف.ڪ 1900 ڪلاڪن لاءِ، 8-11 ڪ.ف.ڪ 1400 ڪلاڪن لاءِ. اهو عملي طرح ممڪن آهي ته پن چڪي واچ جي پهرين ٻن گروپن جي رفتارن تي مجموعي طرح 2500 ڪلاڪن لاءِ پاڻي پمپ ڪري سگھندي، جيڪا مئي کان آگسٽ مهينن ۾ 10 ڪلاڪ روزانو ۽ باقي مهينن ۾ 2 کان 3 ڪلاڪ روزانو هلائڻي پوندي. ڇاڇري جھڙي ننڍڙي شهر ۾، جتي لڳ ڀڳ 10000 ماڻهو رهن ٿا، پاڻي جي روزاني ضرورت سندن مال مٿاءَ جي گھرجن سميت 2،00،000 ليٽر ٿيندي. اڌ درجن، 10 ميٽر نيم قطر، گھڻن پَکن ۽ گھٽ رفتار واريون پن چڪيون رڳو مئي کان آگسٽ مهينن ۾ اها ضرورت پوري ڪري سگھن ٿيون، جڏهن ته باقي مهينن ۾ نه. ساڳيءَ طرح جيڪڏهن کوٽيل کوهن مٿان پن چڪيون لڳايون وڃن ته انهن مان هر هڪ 50،000 ليٽر پاڻي روزاني ڇڪي سگھن ٿيون، جنهن سان 100 ڪلوميٽر هم چورس علائقي جي پاڻيءَ جو مسئلو حل ٿي سگھي ٿو، جنهن جو دارومدار ان علائقي ۾ موجود ماڻهن ۽ مال جي آباديءَ ۽ ڏنل وقت تي آهي. ٿر جي واچ واري پٽي ۾ پن چڪين جو گھربل تعداد 200 کان 300 ٿيندو، جيڪڏهن انهن کي کوٽيل کوهن ۽ هڪ ٻئي کان 10 ڪلوميٽرن جي وٿيءَ تي لڳايو وڃي. پاڻي گڏ ڪرڻ لاءِ وڏيون لوهي ٽانڪيون، جن جو واڌُو وهڪرو (اووَر فِلو) واپس کوھ ڏانهن هجي ۽ جانورن لاءِ حوض بهتر بندوبست هوندو، پر پاڻيءَ جي گھڻي گھرج مهل واچون نه به ٿي سگھن ٿيون. مٿين ڄاڻ ليکڪ جي مقالي ”حيدرآباد ۽ خيرپور ڊويزنن ۾ جَر جو پاڻي“ (Ground Water in Hyderabad and Khairpur Division 1964) ۽ ٽنڊي ڄام ۾ 3 تجرباتي بنيادن تي هلايل ”سائودرن ڪِراس وِنڊ مِل“ جي نتيجن ۽ سال 1969ع ۾ ساڳي ڪتاب جي ٻئي ڇاپي ۾ ڇپيل رپورٽ تي ٻڌل آهي. انهيءَ کان پوءِ واچ مان بجلي ٺاهڻ جي اصولن ۾ ڪا به تبدلي نه آئي آهي. هن مقالي ۾ آسٽريليا جي ”سائودرن ڪراس ڪمپنيءَ“ دلچسپي ورتي ۽ ان تجرباتي طور 21 فُٽن ۽ گھڻ پَکن واري پن چڪي 20 کان 30 سي ايم اوٽ موٽ پمپ سان گڏ ڏني. هيءَ چڪي ٽنڊي ڄام ۾ کوٽل کوھ تي لڳائي وئي. پاڻيءَ جي سطح کوھ ۾ پاڻيءَ جي واپس پوڻ ڪري ساڳي رهي. پاڻيءَ جي نيڪال جي هر پنجن منٽن کان پوءِ ماپ ورتي وئي. واچ جي رفتار جي انگن اکرن کي پڻ درج ڪيو ويو، جيڪا 20 ڪ.ف.ڪ تي 0.4 هارس پاور پيدا ڪري پئي سگھي. ٽن سالن جي انگن اکرن کي مٿين ڄاڻايل ڪتاب ۾ اختصار ڪيو ويو. تڏهن کان ليکڪ پن چڪيون ٺاهيندڙن ۽ انهن تي تحقيق ڪندڙن سان لهه وچڙ ۾ رهيو آهي ۽ ڪيترائي ٽيڪنيڪل پرچا (لکڻيون) گڏ ڪيا آهن. ليکڪ ان خيال جو آهي ته واچ جي رفتار، ان جي مناسب رفتارن گھلڻ جي عرصي جي انگن اکرن کي گڏ ڪرڻ کان سواءِ ۽ مناسب جاءِ جي ڳولا کان سواءِ پن چڪيءَ جي رٿا ناڪام ويندي.
پنهنور صاحب جو قيمتي ليک آهي۔ سچ ته مون جهڙي عام ماڻهوء لاء ان ۾ ڪافي ڄاڻ آهي۔ اوهان جو ڪم سنڌي ٻوليء لاء هڪ بهترين قدم آهي۔ هي ليک گوگل تي سرچ ڪرڻ سان تمام گهڻو سولائي سان ملي ويندا ۽ هر لاڳاپيل ماڻهوء لاء فائديمند ثابت ٿيندا۔ اميد ته هي سلسلو جاري رهندو۔
تمام بهترين معلومات آهي۔ واقعي ۾ هاڻ وقت اچو ويو آهي جو سنڌ ۾ پن بجلي جي ضرورت آهي۔ هڪ جڳھ تي مون پڙهيو به هو سنڌ گورنمنٽ چائنا کي هڪ وڏو پروجيڪٽ ڏنو آهي جنهن ۾ چائنا اسان کي وڏا پنکا لگائي بجلي ٺاهي ڏيندي۔ اها به ڳالھ ان ۾ واضح هئي شروعات ۾ ڄامشوري جي شهر ۾ ڪا زمين گورنمنٽ ڏني آهي انهن پنکن کي لڳائڻ لائي۔ پر اڄان تائين اهڙي کا خبر ڪونه ٻڌي آهي ته ان تي ڪم شروع ٿيو آهي يا نه۔