رضوان گل زلزلا ۽ ٻرندڙ جبل ڌرتيءَ جي گولي کي ٽن اهم تَهن ۾ ورهايو ويو آهي، جن کي مٿيون تهه/ڇوڏو (Crust)، وچيون تهه (Mantle)۽ اندريون تهه/ڳَــر(Core) چيو وڃي ٿو. انهن تهن ۾ گرمي پد جي وڌڻ ۽ گئسن جي داٻ سبب چرپر يا حرڪت پيدا ٿيندي آهي، جنهن جي نتيجي ۾ زمين جي مٿاڇري تي ڀڃ ڊاهه (weathering) جو عمل شروع ٿي ويندو آهي. انهيءَ ڀڃ ڊاهه سبب شهرن جا شهر مٽيءَ جي ڍير ۾ بدلجي ويندا آهن، جنهن سان مٿاڇري جو طبعي نقشو (Physical Feature) بلڪل بلجي ويندو آهي. زمين جي اهڙي ڌُڏڻ (Vibration) کي زلزلو (Earth Quake) چئبو آهي. ڌرتيءَ جي اندرين تهن ۾ ٻن قسمن جي حرڪت (يا ڌوڏَ) ٿيندي آهي: هڪڙي اُفقي ۽ ٻِي عمودي. انهن ٻن قسمن جي حرڪتن سبب ڌرتيءَ جي مٿاڇري تي ٻن قسمن جون تبديليون اچن ٿيون، جن ۾ ڪجهه هنڌن تان زمين ڦاٽي پوندي آهي ۽ تمام وڏا ڏار پئجي ويندا آهن، جڏهن ته ڪجهه حصا وري مٿي اڀري ايندا آهن. زلزلن جا چار مکيه قسم آهن، جن ۾ پليٽن جو چُرڻ (Tectonic movement)، ٻرندڙ جبل (Volcanoes)، ڇِپن جون ڪِرڻ (Land sliding) ۽ برفاني ڇپون (Ice fall) شامل آهن. مٿين قسمن مان پهريان ٻه قسم تمام وڏي تباهي آڻڻ جو سبب بڻجن ٿا. زلزلي جون لهرون جتان شروع ٿينديون آهن، ان کي مرڪز (Hypocentre) چئبو آهي، جيڪو مٿاڇري کان ڪوهين ڏور (زمين اندر) هوندو آهي. انهيءَ مرڪز وٽان زلزلي جون لهرون اڀرنديون آهن جن کي لرزشون چئجي ٿو. جڏهن ته اهو هنڌ جتان زمين جي مٿاڇري تي اهي ظاهر ٿينديون آهن، ان کي مٿاڇري تي زلزلي جو مرڪز (Epicenter، ٻاهريون نُڪتو، جتي زلزلو پنهنجو مرڪز ٺاهي) چئبو آهي.زلزلي جون اهي لهرون جن سان ابتدائي طور زمين جي اندر ڌوڏ ٿيڻ لڳندي آهي، انهن کي ’ڌِڪيندڙ لهرون‘ (Push wave) چئجي ٿو. اهي لهرون 5 کان 9 ميل في سيڪنڊ جي رفتار سان هلن ٿيون. زلزلا اڪثر ٻرندڙ جبلن وارن حصن ۾ ايندا آهن، جن ۾ پئسفڪ سمنڊ واري علائقي ۾ لڳ ڀڳ 50 سيڪڙو زلزلا اچن ٿا،ٻيو اڪثر ڪري کَنڊن جي ڪنارن وارن حصن ۾ زلزلا ججهي تعداد ۾ اچن ٿا، خاص ڪري ائٽلانٽڪ جو وچون ۽ ڀرپاسي وارو حصو، جنهن ۾ برما، انڊونيشيا، جپان، فلپائين ۽ نيوزيلئنڊ وغيره شامل آهن. انهن ملڪن ۽ انهن جي ڀرپاسي واري خِطن ۾ 40 سيڪڙي کان وڌيڪ زلزلا اچن ٿا، ڇاڪاڻ ته انهن علائقن ۾ ٻرندڙ جبل گهڻا آهن. جپان ۽ ڀرپاسي وارن ٻيٽن ۾ هر سال لڳ ڀڳ 5 هزار زلزلن جا جهٽڪا رڪارڊ ڪيا وڃن ٿا، پر اهي ننڍي سطح جا هوندا آهن. زلزلن سبب زمين جي مٿاڇري تي تمام وڏيون تبديليون اينديون آهن. ڪي حصا سڌيءَ سطح مان تبديل ٿي جبل بڻجي ويندا آهن ۽ ڪي جبلَ وري وادين ۾ بدلجي ويندا آهن. ان عمل کي ’ويڙهجڻ‘ (Folding) ۽ ’بگڙڻ‘ (Faulting) چيو وڃي ٿو. ڪي زلزلا وري سمنڊن اندر به ايندا آهن، جن جي ڪري ڪنارن تي موجود وَسنديون سخت متاثر ٿينديون آهن، خاص طور تي سمنڊ اندر موجود سامونڊي ٻيڙن کي سخت نقصان رسندو آهي. ان قسم جي تمام وڏي ڇوليءَ کي سُونامي (Tsunami) چئجي ٿو. گڏوگڏ سمنڊن اندر ٻرندڙ گرم مادا پڻ موجود آهن، جن جي نڪري اچڻ سبب اهي هنڌ، ان گرم مادي جي ڇهي وڃڻ سبب، پٿرن جا ننڍا ننڍا ٻيٽ بڻجي وڃن ٿا. زلزلا جڏهن شهري آبادين ۾ اچن ٿا ته انساني زندگين سميت روڊ، رستا، پُليون، اوچيون عمارتون، مطلب ته سڀ ڪجهه تباهه ٿي وڃي ٿو، دريائن جا رستا بدلجي وڃن ٿا، جنهن ڪري سرسبز ميدانن وارا علائقا ويران ۽ ريگستاني علائقا سرسبز ٿيڻ شروع ٿيندا آهن. زمين جِي پليٽن جي چُرڻ سبب ٿيندڙ زلزلا، زمين جي تمام وڏن ٽڪرن جي هڪ ٻئي پاسي سان ٽڪرائجڻ سبب اچن ٿا. اهڙن قسمن جي زلزلن جي نتيجي ۾ ڌرتيءَ جي مٿاڇري تي تمام وڏيون تبديليون اچي وينديون آهن، جن سان ملڪن جا ملڪ ۽ کنڊَ پڻ مٿاڇري تان غائب ٿي، اونهائيُن ۾ ٻڏي ويندا آهن. ٻرندڙ جبلن سبب جيڪي زلزلا ايندا آهن، انهن جو بنيادي ڪارڻ زمين جي اندرين تهن ۾ گرم پگهريل مادن جو داٻ ۽ گرمي پد وڌڻ سبب ٻاهر نڪرڻ هجي ٿو. جڏهن اهي پگهريل مادا خاڪ، گئس ۽ ڳريل پٿرن جي صورت ۾ ترتيب وار ٻاهر نڪرڻ جو عمل شروع ڪن ٿا، ته ڌرتي ڌڏڻ لڳي ٿي، جنهن سبب جايون ڪِرڻ لڳنديون آهن ۽ ان ٻرندڙ جبل (Volcanic Mountain) جي ڀرپاسي وارا جبل پڻ ڦاٽڻ لڳندا آهن. انهن ۾ ڏار پوڻ ڪري اهي گرم مادا اتان پڻ نڪرڻ لڳندا آهن ۽ ايئن اهو سڄو علائقو ٽهڪندڙ لاوا (Lava) سان ڀرجي ويندو آهي. اهو ٽهڪندڙ لاوو جڏهن زمين اندر هجي ٿو ته انهن کي گرم پاڻيٺي مادو/ميگما (Magma) ۽ جڏهن مٿاڇري تي نڪري ٿو ته لاوو (Lava) چئجي ٿو. اهي لاوا جا تهه هڪ ٻئي جي مٿان مسلسل چڙهندا رهن ٿا ته اتي ٻرندڙ جبل مان نڪتل گرم مادي جا جبل (Igneous Rocks) ٺهي وڃن ٿا. ان قسم جي پٿرن کي ابتدائي پهاڙ (Primary Rocks) پڻ چيو ويندو آهي. ٻرندڙ جبلن جا وري مختلف قسم آهن، جهڙوڪ: زنده (Active) ٻرندڙ جبل، مرده (Extinct) ٻرندڙ جبل ۽ سانتيڪا (Dormant) ٻرندڙ جبل. اڪثر ڪري هيٺاهَن علائقن ۾، جيڪي سامونڊي ڪنارن ويجھو آهن، ٻرندڙ جبل چڱي چوکي تعداد ۾ موجود آهن، جن ۾ پئسفڪ سمنڊ جي ڪناري سان آمريڪا جو اولهندو ڪنارو، جپان، انڊونيشيا ۽ نيوزيلئنڊ جا ٻيٽَ ۽ ائٽلانٽڪ ويجھو غرب الهند جا ٻيٽ، آئس لئنڊ جا ٻيٽ ۽ انهن جي ڀرپاسي جا ملڪ، بحرِ روم جي ڀرسان وارو علائقو، جنهن ۾ اٽلي، سِسلي، ترڪي ۽ ايران شامل آهن، اچي وڃن ٿا. پاڪستان ۾ ويجهي ماضيءَ ۾ جيڪي ٻه زلزلا بالاڪوٽ ۽ بلوچستان ۾ آيا آهن، انهن جو مرڪز جيتوڻيڪ پاڪستان کان پري هو، پر اهي علائقا ساڳئي جابلو سلسلي سان ڳنڍيل هئڻ سبب سخت متاثر ٿيا. اهي ٻئي زلزلا زمين جي وڏن ٽڪرن جي پاڻ ۾ ٽڪرائجڻ جي نتيجي ۾ پيدا ٿيل ڌُوڏن جي نتيجي ۾ آيا، خاص طور بالاڪوٽ وارو زلزلو وڌيڪ زورائتو هو جنهن جا اثر ڇِپُن جي ڪِرڻ (Land Sliding) جي صورت ۾ اڄ تائين ظاهر ٿيندا رهن ٿا.
پياري دوست رضوان گُل جو تمام سٺو ۽ معلوماتي ليک۔ لک ٿورا اوهان هر قسم جا موضوع ونڊ ڪري سنڌ سلامت فورم کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا آهن۔