برما مسلمانن جي مدد ڪير ڪندو؟

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ افتخار علي چوهاڻ طرفان آندل موضوعَ ‏3 آگسٽ 2012۔

  1. افتخار علي چوهاڻ

    افتخار علي چوهاڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    1,800
    ورتل پسنديدگيون:
    2,033
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ماڳ:
    ڄامشورو
    برما جي مسلمانن جي مدد ڪير ڪندو؟

    هي هڪ اهڙي هانءُ ڏاريندڙڪهاڻي آهي جنهن جو پنو پنو رت سان رڱيل آهي . تاريخ جي هر دور ۾ ٿيل دردناڪ واقعا اسين پڙهيا هوندا پر جديد تاريخ ۾ به ظلم جا داستان گهٽ نه آهن ، ڪجه سال اڳي هندو انتها پسند وڏو وزير نريندر مودي جي اشارن سان جيڪو رت جي هولي کيڏي وئي اها وسارڻ سان به نٿي وسري . اهي سڀئي واقعا هڪ جاءِ تي پر برما ۾ ٿيل مسلمانن سا ظلم جوٻيو مثال پيش ڪرڻ ڏکيو آهي . ڪجه عرصي کان سوشل ميڊيا تان مسلمانن سان ٿيل بربريت جون خبرون هلي رهيون هيون ، سوچيم ته ڪجه لکڻ کان اڳ تحقيق ڪجي ،پوءِ سنڊي ميگزين جي هڪ رپورٽ مان ڪجه رهنمائي ٿي جنهن کي عبيدالله عابد تيار ڪئي هئي پر بدقسمتي سان اهو ايشو عالمي ميڊيا ۾ جاءِ ٺاهي نه سگهيو ۽ پاڪستان جي ميڊيا ان کي بلڪل ئي نظر انداز ڪيو .

    برما (هاڻوڪو ميانمار) جي روهنگيا مسلمان جي ڪهاڻي نهايت هي ڏکايندڙ آهي . برما ۾ 140 کان مٺي نسلي گروه رهن ٿا ، روهنگيا انهنن مان هڪ آهي . بنگلاديش سان ڄڙيل برمي رياست ۾ اهي مقيم آهن . ملڪ اندر مسلمانن جي تعداد 35 لک جي لڳ ڀڳ آهي جيڪو وڃي ملڪ جي آبادي جو پنڃون سيڪڙو ٿو بڻجي ، روهنگيا مسلمان انهن مسلمانن جو هڪ وڏو گروه آهي . روهنگيا نالي پوڻ جون مختلف روايتون مشهور آهن . ٻي عالمي جنگ کان پوءِ روهنگيا مسلمان برما ۾ خوشي سان زندگي گذاريندا هئا ، هن جنگ ۾ انهن جاپانين جي خلاف اتحادين جو ساٿ ڏنو ، جڏهن جاپاني برما تي قبضو ڪيو تڏهن انهن وڏي سفاڪي سان هڪ لک مسلمانن جو رت وهايو .

    ان کان پوءِ صورتحال نارمل ٿيندي وئي 1962 ۾ جڏهن برما ۾ فوج اقتدار تي قبضو ڪيو ان وقت تائين کين رياستي معاملن ۾ مناسب حصو ملندو رهيو ، پارليمنٽ ۾ انهن کي نمائندگي ملندي رهي ، ڪابينه جا وزير ، سيڪيٽري ۽ ٻين اهم عهدن تي انهن جا ماڻهو هئا . 1982 ۾ انهن کان شهري حقوق کسيا ويا ، هاڻ برمن حڪومت جي اڪثريت آبادي ٻوڌ انهن کي بنگالي قرار ٿي ڏي ، روهنگيا وارن کي هڪ جاءِ تان ٻي جاءِ تي وڃڻ لاءِ حڪومت کي اگاهي ڏيڻ لازمي ڏئڻي ٿي پوي ، شادي جا لائسنس وٺڻ لازمي آهي جنهن ۾ ڪڏهن سال ٻه انتظار ۾ لڳي ٿا وڃن ،انهن کي ٻن ٻارن کان مٺي ٻار ڄڻڻ جي اجازت نه آهي . ٻارڙن جا اسلامي نالا رکڻ تي پابندي آهي ۽ ٻوڌ نالا رکڻ تي مجبور ڪيو ٿو وڃي ، اهو به چيو ٿو وڃي ته مسلمانن کي انتها پسند ٻڌ راهب هٿ ڪڻي دعا ڪرڻ کان روڪن ٿا ۽ بعض جون اڱريون به ڪٽيون ويون ، ڪو به روهنگيا ڪاروبار نٿو ڪري سگهي ، اهي گهرن ۾ ڪڪڙ ، ٻڪري ۽ ڱئون پالي نٿا سگهن ۽ اهڙن صورتن ۾ انهن تي ڳڙا ٽِيڪس عائد ڪيا ٿا وڃن . ڪاروبار جي اها شرط آهي ته ڪنهن مقامي ٻوڌ کي پنهنجو پارٽنر بڻايو وڃي ۽ اهو به ضروري نه آهي ته اهو سرمايه ڪاري ڪري پر نفع جي صورت ۾ ان جو حصو ڏيڻ لازمي آهي .

    تازو بحران جون جي پهرين هفتا ۾ ٿيو ، ٻوڌ جي پوئلڳن جو هڪ وڏو ميڙ هڪ مسافر بس تي حملو ڪري ڏھ روهنگيا مسافر ماري ڇڏيا ، چيو وڃي ٿو ته اهي مشتعل ٻوڌ هڪ ڇوڪري سان ٿيل ريپ جي واقعي کان پوءِ انتقام وٺڻ چاهن پيا ، ڪن انتها پسند ٻوڌ رهنما بنا تحقيق روهنگيا مسلمانن کي ان ريپ جو ذميوار قرار ڏنو ۽ ان ڇوڪريءَ جون تصويرون ۽ اشتعال انگيز پوسٽر شهرن ۾ لڳايا ويا چند ڏينهنن اندرسوين مسلمان قتل ٿيا ، هڪ لک جي ويجهي بي گهر ٿيڻ تي مجبور ٿيا ، گڏريل ڇهن هفتن اندر محتاط اندازي مطابق ٻن هزارن جي لڳ ڀڳ ( فيس بڪ جي مطابق اٽڪل 20 هزار) روهنگيا مسلمان قتل شهيد ڪيا ويا ، روهنگيا حلقن جو چوڻ آهي ته ڏه هزار کان مٿي هلاڪتون ٿيون آهن ، حالات ايتري قدر خراب ٿيا جو اقوام متحده ڪي سيڪيٽري جنرل پنهنجو ايلچي ان علائقي ڏانهن روانو ڪيو آهي . وڏي ستم ظريفي جي ڳالھ آهي ته برما جي عالمي شهرت يافته جمهوريت پسند رهنما آنگ سانگ سوچي به خاموش بڻيل آهي غالب گمان اهو آهي ته ان کي اهو خطرو لاحق آهي ته ٻوڌ اڪثريتي ووٽر ڪٿي ان کان ناراض نه ٿي وڃي .

    روهنگيا مسلمانن جو اصل الميو اهو آهي ته ڪو به ملڪ پنهنجو تسليم ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي ، برمي انهن کي بنگالي ٿا ڪوٺن ۽ بنگالي وري انهن کي برمي چئي پنهنجي ملڪ ۾ داخل ٿيڻ نٿا ڏين ، بنگلاديش جي حسينه واجد حڪومت جو اهو رويو نهايت افسوسناڪ ۽ بي حسي تي مبني آهي . روهگيا مسلمان ٻيڙين تي سوار ٿي بنگلاديش ۽ برما جي وچ ۾ دريا ناف کي لنڳهڻ جي ڪوشش ڪن ٿا تڏهن بنگالي فوج انهن کي روڪڻ جي خاطر دريا ناف تي پنهنجو گشت وڌائي ڇڏيو آهي ۽ انهن جي ٻيڙين تي سڌيون گوليون هلايون وڃن ٿيون . ويچارن برمي مسلمانن وٽ وسائل آهن ۽ نه ئي عالمي برادري ۾ اهڙو اثر رسوخ جو انهن ڏانهن وڏيون تنظيمون متوجه ٿين ، پاڪستان سميت بعض مسلمان ملڪ ان بابت کلي ڪري باضابطه موقف ان ڪري نٿا ڪن جو برما چين جو کاٽو پٽ آهي . چيني ، برمي حڪومت جو سڀ کان وڏو حامي آهي . پاڪستان حڪمران چين کي ناراض نٿا ڪرڻ چاهن (ان مسئلي ۾) چينين کان اهو توقع رکڻ بيڪار آهي ته اهي انساني حقن جهڙن ايشوز جي حوالي برمي حڪومت کي ڪجه چئي سگهي، سنيانڪ جي ايغور مسلمان جي حوالي کان خود چيني رڪارڊ تسلي بخش نه آهي .

    اها دوغلي پاليسي ۽ مصلحت عالمي رياست جو اهڙو حصو آهي جنهن جي جيتري مذمت ڪجي گهٽ آهي . هاڻ شام ئي کي ڏسو مارچ 2011 کان ايسيتائين شام ۾ 19 هزار ماڻهو ماريا ويا آهن ، انهن مان گهڻا شام حڪومت جي سفاڪ بشار الاسد حڪومت جا نشانو بڻيا ، عرب ليگ ، مصر ، تيونس ۽ مراڪش ۾ ته ڪامياب ٿي ويو ، يمن ۾ به انهن علي عبدالله صالح کان به ڇٽڪارو ورتو البت ليبيا ۾ پنهنجي ناعاقبت انديش حڪمران قذافي کان ڇٽڪارو وٺندي سڄي ملڪ کي بربادي مان گذرڻو پيو ، لڳي ٿو شام جي عوام کي ان کان وڌيڪ قرباني ڏيڻي پوندي ، آزاد ذريعن مطابق رڳو هن سال مئي مهيني ۾ 6 هزار ماڻهو ماريا ويا ، شام جي فوج ٽينڪن ۽ فضايه جي مدد سان شهرين کي نشانو بڻايڻ جو سلسلو شروع ڪري رکيو آهي ان جي باوجو هيل تائين 27 جرنل منحرف ٿي چڪا آهن ، دمشق ۾ بمباري شامي حڪومت کي لوڏي ڇڏيو آهي . ، بشار الاسد جي ڀيڻيو ۽ ٽي جنرل مارجي ويا آهن . بشار الاسد جا ڏينهن گڻڄي چڪا آهن ، سڀ کان وڏا افسوسناڪ رويو ايران ۽ لبنان جي حزب الله وارن جو آهي . سڄي دنيا ۾ رڳو اهي ٻئي شامي حڪومت جا حامي آهن . حسن نصر الله گذريل ڪجه ڏينهنن ۾ جيڪو شام جي حق ۾ بيان ڏنو هو ان کي پڙهندي مونکي پنهنجن اکين تي يقين نه پيو آيو ، اهو حسن نصر الله جنهن کي اسرائيل جي خلاف مزاحمت ڪرڻ تي هيرو ڪوٺيو ويو ، پنهنجن شامي دوستن سان وفاداري نڀائيندي ايترو ته اڳتي نڪري ويندو . اهڙو ئي افسوس ايراني قيادت جي رويي تي ٿيو . ڪاش اسين پنهنجي سياسي ، جماعتي ۽ ادارجاتي وابستگين کان بالاتر ٿي مسلمانن جي ناحق وهندڙ رت کي روڪڻ جي ڪوشش جن ها ، جيڪر عملي صورت ۾ نٿا ڪري سگهن ته گهٽ ۾ گهٽ مذمت ئي ڪن ، جئين قيامت جي روز اسان جو ڳانڊاپو جيڪر ظلم روڪڻ وارن ۾ نه ٿئي ته پوءِ انهن ظالمن جي ساٿارين ۾ به ته نه ٿئي .

    ايڪسپريس اخبار تان ورتل
    ترجمو؛ افتخار علي چوهاڻ
     
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    تمام ڏکيو وقت آهي برما جي مسلمانن لاء۔ دنيا خبر ناهي ڇو خاموش آهي ۽ برمي انهن کي بنگالي ٿا ڪوٺين ۽ بنگالي وري انهن کي برمي چئي پنهنجي ملڪ ۾ داخل ٿيڻ نٿا ڏين، ان جو سبب اهو آهي جو بنگالي سنڌين سان مسلمانن جي ڪيل ڪلورن کان واقف آهن۔ هن مسئلي لاء اقوام متحده يا دنيا کي ئي ڪو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي۔

    ٻيا سڀ مسلمان ملڪ سعودي عرب، ايران ۽ ٻيا ڇو خاموش آهن؟ ڇا اهي مسلمان ناهن؟
     
  3. افتخار علي چوهاڻ

    افتخار علي چوهاڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    1,800
    ورتل پسنديدگيون:
    2,033
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ماڳ:
    ڄامشورو
    هومين رائيٽ ويب سائيٽ رپوٽس
    هتي ڪلڪ ڪريو

    ڪجه يوٽيوپ ويڊيوز



     
  4. افتخار علي چوهاڻ

    افتخار علي چوهاڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    1,800
    ورتل پسنديدگيون:
    2,033
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ماڳ:
    ڄامشورو
    فيس بڪ ۽ گوگل تان ورتل ڪجه تصويرون
    [​IMG]

    [​IMG]
    [​IMG]
    [​IMG]
    [​IMG]
    [​IMG]
    [​IMG]
    [​IMG]
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو