سچل سالڪ ۽ مجذوب (حڪيم دين محمد اڪرم ٻورڙائي)

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ ImamBux طرفان آندل موضوعَ ‏4 آگسٽ 2012۔

  1. ImamBux

    ImamBux
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏20 فيبروري 2011
    تحريرون:
    95
    ورتل پسنديدگيون:
    210
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Employee
    ماڳ:
    Kotri, District Jamshoro
    حڪيم دين محمد اڪرم ٻورڙائي
    سچل- سالڪ ۽ مجذوب
    ارڙهين صدي جي وچ ڌاري (1739–1829) درازان جي معزز درويش فاروقي گھراڻي ۾ عبدالوهاب سائين جنم ورتو. جو پوءِ اڳتي هلي سچل سائين سچيڏنو عرف سچو جي نالي سان مشهور ٿيو. سرزمين سنڌ ۾ جتي ڪيترائي عالم بزرگ مصلح، مبلغ، درويش ۽ داعي سالڪ ۽ مجذوب. سامي ۽ صوفي. شاعر ۽ اديب پيدا ٿيدا اچن ٿا. اتي سرتاج الشعراءِ درويش صوفي عشق جو شهنشاھ. منصور آخر زمان ۽ وقت جو شاعر هفت زبان حضرت سچل سرمست به پنهنجو مٽ پاڻ ٿي اڀريو. هي انوکو شاعر هو. جنهن وجد جي ڪيف و مستي ۾ علي اعلان بي باڪي سان بي ساخته حجاب جي سمورن پردن کي پري ڪري. وڏي واڪي ظاهر ظهور ٿي اناالحق جو نعرو هنيو. جنهن نعري جو گونج ۽ پڙادو سندن شاعري سندن جي وسيلي هنڌ ۽ سنڌ تائين پهچي ويو. سندن ڪلام جي هر صنف غزل هجي وائي، بيت هجي ڪافي، مولود هجي مرثيه، رباعي هجي مثنوي، سه حرفي هجي جھولڻو، مسدس هجي مخمص يا کڻي مستزاد. ان کي پڙهڻ کان پوءِ باشعور فڪر جي ترقيءَ انساني جدوجھد جي هر ميدانِ عمل کي بدلائي ڇڏيو آھي. انساني وجود کي هڪ نئون موڙ ڏنو آھي.
    ساڳي وقت نون نظرين ۽ خيالن جو هڪ نئون دور وجود ۾ اچي ويو آهي. پر سچا سائين جون زنده جاويد ڪرامتون اڄ به سندس ڪلام جي وسلي زنده آهن. جيڪو پنهنجو پاڻ کي سڃاڻڻ سان گڏ حق کي سڃاڻن. انسان ذات جي ڀلائي بهبودي لاءِ جاکوڙ ڪرڻ. محبت اتحاد جو درس عام ڪرڻ. شريعت طريقت معرفت حقيقت جي واٽ تي ثابت قدم ٿي هر منزل تي شوق ۽ چاه سان ثابت قدم ٿي رهڻ جي تلقين ڪرڻ جي اصولن تي مبني آهي. پاڻ ستن زبانن جا شاعر هئا. سندن ڪلام 1-عربي، 2-فارسي، 3-سنڌي، 4- اردو، 5-سرائڪي، 6- هندي 7- پنجابي ۾ موجوم آهي.
    سندن ڪلام لاءِ اڪثر ڪتابن ۾ پڙهيو ويو آهي، ته تقريبن سندن شعر نولک ڇٽيھ هزار کان به مٿي هو. پاڻ انجو گھڻو حصو انهيءَ خيال کان ضايع ڪرائي ڇڏيائون ته ماڻهون انهن الاهي اسرارن کي غلط رنگ ڏئي گمراھ نه ٿي وڃن. پنهنجي ڪلام لاءِ پاڻ خود فرمائن ٿا ته، هي ڪا رواجي شاعري نه آهي. پر اها سڄي خدا جي حمد و ثنا آھي. ان ۾ قرآن جو مفهوم سمايل آهي. رسولِ ڪريمﷺ جن جي حديثن جي روشني به آهي.
    اين سخن باشد اي پير
    اين هم ذڪر است ‏ايات و خبر
    ٻئي هنڌ
    من همه تفسير قرآن خوانده اِيمه
    مغز قرآن را زان آل بر خوانده اِيمه
    مون قرآن جا سڀئ تفسير پڙهي ورتا آهن ته جيئن انهن مان وڌيڪ با مقصد هدايتون حاصل ڪري، انهن کي شاعراڻو ويس پهرائي سگھان. انهيءَ ڪري سچل سائين جي ڪلام ۾ هرهنڌ فلسفي ۽ صوفي ازم جو پرچار تمام باريڪ بيني، شانائتي ۽ مانائتي طريقي سان ڪيل آهي.
    نفي. اثبات. فنا. بقا. حال. قال. اڻ ڄاتل جي ڄاڻ. سچ جو داعي پراسرار فطرت جي نقاب ڪشائي. زندگي جو احترام حسن ۽ عشق جي فطرت نگاري، خودي جي بلندي تادير کان اڳ ڀرائي علم جي عرفان سان پذيرائي. هر سوچ تصوف ۽ تصور کان مٿاهين. اهڙي طرح وحت الوجود ۽ هم اوست نظريه کي وڏي اهميت ڏني اٿن. سچل سائين وحدت الوجود جو وڏو مبلغ آهي. پنهجي ڪلام ۾ پاڻ فرمائي ٿو.
    ٻيو ڪو ڄاڻڻ محض گناه، هر ڪا صورت آپ اللهﷻ
    سچل سائين جي شاعري وقت جي مروج سماجي قدرن ۽ روايتن کان اڳ ڀري آھي. جنهن ۾ ملن ۽ مولوين، پنڊتن ۽ پادرين بي مقصد تاويلن ۽ تشريحن، دقيانوسي فرسوده خيالن ۽ تنگ نظريه وارن پيچرن کي سڳرن کي نظر انداز ڪري مذهب اسلام جي سچي روح ۽ نظرين کي اجاگر ڪيو آھي. سچل جو نظريو صاف سٿرو آھي. ته هر صوفي مذهبي، پير فقير، رهبر هر دور ۾ حق ۽ سچ واسطي ڏک ۽ ڏوجھرا، سور ۽ ستم عقوبتون ۽ صعوبتون، سهندا سر ڏيندا آيا آهن. پاڻ به فرمائن ٿا.
    ذاتي ۽ منجھ ذات ڇپائي، بازي جا يار بڻائي.
    هاديءَ حقيقت حال جي، مونکي ساري سڻائي.
    ڪاٿئين اناالحق جي، تن جوت ته جلائي.
    ڪا ٿئين مسيتن ۾، ٿيو خاصو خدائي.
    موٽي مڙهين وچ ۾، تنهن مالها ڦيرائي.
    ڪافر مومن هڪڙو، سچو ٻوڙج ٻيائي.
    صوفي وٽ فقط فقط عشق ئي عشق آهي. هر صورت ۾ ساڳيو ئي مالڪ آهي. پاڻ فرمائي ٿو.
    صورت سڀ سلطان، پاڻ ڏسڻ آيو پنهنجو تماشو.
    ڪاٿين حنبل شافعي، ڪاٿين مالڪ نعمان.
    ڪاٿين پٽي پوٽيون، ڪاٿين پڙهي قرآن.
    ڪاٿين انالحق چوي، ڪاٿين ڦيرائي فرمان.
    ڪاٿين طفوليت ۾ ڪاٿين پير جوان.
    ڪاٿين مير وزير ٿيو ڪاٿين ٿيو دربان
    ڪٿين احمد ﷺ بلا ميمي، ڪاٿين هنومان.
    سچو پيو صبر ۾، هوءِ حيرت ۾حيران.
    سنڌي شاعري ۾ به جيڪا ڳالھ اهميت واري آھي اها روشني ۽ رستي جي تلاش آھي. وحدت الوجود جا سڀ پوءِ لڳ ۽ دانشور انهيءِ روشني واري رستي جي تلاش جي اظهار لاءِ نوان طريقا ۽ نيون راهون ڳوليندا رهيا آهن. سچل سائين به موجدانه تحريڪ همه اوست کي پرچار جو ذريعو بڻايو. جناب قبله قبل احترام ڊاڪٽي نبي بخش خان بلوچ جن سچل سائين جي انهيءَ وحدت الوجود جي فلسفي جي صوفيانه هٿيار کي انهيءِ ڪري ساراهيو آهي. جو سندن خيال مطابق هن کان اڳ ٿيا سافي مٿان اهڙي نموني جو فڪر اسان کي ٻئي هنڌ ڪونه ٿو ملي. سچل سائين پنهنجا سڀ ذريعا ۽ وسيلا ۽ قوتون سنڌي سماج جي طبقاتي ۽ گروهي ڪشمش کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪم آندا آھن.
    وحت جي سلسلي ۾ ابن العربي جو خيال آهي ته وجود واحد آهي اهوئي موجود آهي ۽ مخلوق جو وجود عين وجود خالق آهي. حقيقت جي خيال کان خالق ۽ مخلوق ۾ ڪوئي فرق نه آهي. جيڪو شخص خالق ۽ مخلوق جي وجود ۾ فرق جو قائل آهي. اهو ان حقيقت جي فهم کان اڻ واقف آهي، جيڪو ان جي اندر ۾ موجود آهي. سچل سائين به ساڳي ڳالھ ڪندي چوي ٿو.
    واديءَ ۾ وحدت جي، گھوري سر گھمايان.
    اعلي اعظم شان جي، نوبت نيهن وڄايان.
    ظاهر باطن هيڪڙو، آءُ تان حڪم هلايان.
    سچو سارو سچ ٿيو، حڪمت هي چلايان.
    سچل سائين پنهنجي سماج جي فرد کي روحاني حقيقت جي تسخير سان گڏ مادي دنيا جي تربيت ۽ تڪليف سان مهاڏو اٽڪائڻ جي به تلقين ڪري ٿو. ڇو ته فرد جي جياپي جو دارومدار دشمن قوتن سان منهن سامهون ٿيڻ ۾ آهي. اهڙي ئي فڪر کي ڪهڙي سليقي سان ادا ڪيو اٿس.
    سان ٻرين وچ ۾، جروهي جاري.
    هڪ ڪڙڪو ڪنن جو پوي، ٻيو ويريو ڏئي واري
    هُت ساجن جا سَاري، سا دهلي ڪين دريا کان.
    سچل سائين جي فڪر جو نڪتو محبت تي ٻڌل آهي. حقيقت ۾ اهائي محبت ڪائنات جي تخليق جو ڪارڻ آهي. جيئن پاڻ فرمائين ٿا.
    پڇو نه مهنجي ذات جو ئي آهيان سوئي آهيان.
    اچڻ اسان جو ٿيو اُتاهين. جتي ڏينهن نه رات.
    ظاهر آهي زبانون منهنجي. الا قرب سندي ڪلمات.
    وري انساني عظمت ياد ڏياريندي فرمائي ٿو.
    حڪم هلي ٿو جنهن سان سو پيدا ڪر پاڻ
    صورت سان سڃاڻ منهن ڪري مورت کي.
    سچل سائين اهڙيون سچايون پنهنجي سماج کي عطا ڪيون. جنهن جي جوت ۾ اسين اڄ به واٽ ڳولي سگھون ٿا. جنهن لاءِ پاڻ تلقين ڪن ٿا.
    ايجھا ڪم ڪريجي جنهن وچ الله آپ بڻيجي.
    مار نعارا اناالحق دا سوئي سر چڙهيجي
    وچ ڪفر اسلام ڪڏاهان عاشق تان اڙيجي
    سبحاني جا اعظم شاني سچو سر سليجي
    سچل سائين سر سئي ۾ چوي ٿو:
    سرتيون سڀ ٿيس صلاحي:
    هُو تا راھ وٺي پيا راهي
    ڇو ٿئين ڪَڍ تنين جي ڪاهي
    ڏونگر ڪيم ڏسائج ڏاهي
    حب ۾ ڪو ڪندئي همراهي
    تڏهن چپ ڪرڻ تو چاهي
    پر اهو اهڙو امر الاهي
    ٻيا سڀ ويھُ تون وهم وساري
    محبوب جي جدائي جي سڪ ۽ سوز ۾ سسئي سرتين کي چوي ٿي توهان سڀ سڄڻ سان صلاحي هو. هو ته راھ مسافر هئا. ڏونگر کي ڪهڙي ڪل ڏاهي جي ڏکن جي. اندر وارو وڏي واقعي سسئي کي سمجھائي پيو. چري حب ۾ ڪوبه ڪنهن جو همراھ نه آهي. اهي رستي جون ڇپون ڇا ۽ سسئي ڇا. مگر اهو امر الاهي هو جو ٽرڻ وارو نه هو. تنهن ڪري سمورا وهم وساري ويھ وري. سچل سائين جن فرمائن ٿا.
    چي ڙي مونسان مورم ٿيو مصلحاتي
    ثابت سڪ رهي ڪاساتي
    هاريو هي جا آهي حياتي
    تن کر روھ رسان ٿي راتي
    ڀائيندس جھَر تتي جھنگ جاتي
    ڇا جي ڇڄي پوي مون ڇاتي
    ڪنديس ووڙَ سندين ويلاتي
    ڏسنديونءَ هوت مڙئي هڪواري.
    سسئي سرتين کي چوي ٿي. توهان مون سان هم خيال نه ٿيو ڇوته سڄڻ جي سڪ سيني ۾ سانڍي رکڻ ڏاڍي ڏکي ڳالھ آهي. تنهن ڪري متان ڪا ثابت قدم نه رهي سگھي. آءُ ته پرين کي جبل تي رات ئي رسڻ چاهيان ٿي. جھر جھنگ هجي يا ڌرتتي تبه جھا تي پائي پنهل کي ڏسجي. جي ڇاتي ڇڄي پوي ته به ڪوهيارل ڏي ڪاهجي هر وقت هر حال ۾ سندس ڳولا ڪرڻي آهي. نيٺ اهو ڏينهن به اچڻو آهي جو پنهنجو پرين پاڻ سان گڏ چـڱو ڀلو وٺي اچڻو آهي. اوهان مڙئي سرتيون هڪواري ضرور هوت کي ڏسندو.
    سچل سائين جن کي هڪ دفعو حضور اڪرم ﷺ جن جي دربار تائين رسائي ٿي. مگر کيس فرمايو ويو. پنهنجي مرشد عبدالحق جي اجازت کان سواءِ قدم نه کڻو.
    پاڻ جيڪي زبانو ڄاڻندا هئا انهن ۾ ڪيترائي شعر حضور ﷺ جن جي شان ۾ چيا اٿن. ديوان آشڪار ۾ پاڻ فرمائين ٿا.
    اي دلا درگاھ مصطفىﷺ هوشيار باش
    گر تو عاشقي صادقي
    از غير او بيزار باش
    همه ز بو بڪر و عمر عثمان نداري آ حو ولي
    گوش ڪن حلقه غلامي چاڪر ڪرادباش
    توتيائي چشم ڪن خود خودڪپاي مرتض‍ي
    از غم شاھ شهيدان ماھ و سال بيمار باش
    اي دل جڏهن رسول اڪرمﷺجن جي پرنور پروقار قابل احترام دربار ۾ پهچين ته هوشيار رھ. جيڪڏهن تون حضور جو سچو عاشق آهين ته پوءِ توکي انهيءِ سڀني غيرن کان پاڻ پاسي ڪرڻ گھرجي جيڪي کين پسند نه آهن. حضرت ابوبڪرؓ ، حضرت عمرؓ ، ۽ حضرت عثمان ؓ جن جي شان ۾ ڪابه گستاخي بي ادبي نه ڪر ۽ حضرت حيدر ڪرارؓ جن جو غلام بڻجي وڃ. حضرت علي المرتضيؓ جي پيرن جي خاڪ کي پنهنجي اکين جي لاءِ سرمو بڻائي. شهيدن جي بادشاھ حضرت امام حسين ؓ جن جي غم ۾ سڄو سال اگھو ٿي گذار.
    سچل سرمست تصوف ۽ روحانيت متانت (سهو) بيخودي (سڪر) اتحاد جي قائم مزاجي (سهوالجامع) بلڪه سنجيدگي جي ان مٿانهين حد (السهوالثاني) پار ڪري وحدت (اتحاد) جي بلند ترين درجي تي پهچي چڪو هو. اهوئي سبب هو جو پوئين دور ۾ رَوَش نرالي سِلوڪُ دقيق (ڏکيو) بڻجي ويو هوس.
    سماع نچڻ ۽ ڳائڻ جو به شوقين هو. اڪثر وقت ذڪر فڪر ۾ گذاريندو هو.
    سچل سائين جو سارو ڪلام عام. صبح توڙي شام. عشق ۽ محبت ڀريل جام آهي. جنهن مان لکين عقيدت مند روز محشر تائين سيراب ٿيندا رهندا. سندن سارو ڪالم وحدانيت جو پرچار آهي. ڪڏهن طالب آهن ته ڪڏهن مطلوب آهن. ڪڏهن معبود اڳيان سرسجود آهن ڪڏهن موجود حق موجود ٿا سڏائين. ان ڪري سچل سرمستي ۾ فرمائي ٿو.
    تو ۾ تند توار ٻڌين نٿي ٻوڙين الا
    ڳالھ اهائي ناهي سلڻ جي خرچين سو لک هزار
    ساٿيئڙن ميان ڪيا هي سڏڙا لاهي سڀ ميار
    دم غنيمت جا هت آهن ڏينهن دنيا ۾ چار
    “سچل” آکي عشق منهنجارؤن تڳا تنهنجي تار
    (مددي ڪتاب ماه وار رسالو پيغام سچل نمبر- سچل سرمست جو سنڌي ڪلام- عثمان علي انصاري صاحب- سچل جون وايون بلديو مثلاڻي سرائڪي ڪلام مرتب حڪيم محمد صادق- سچل سارو سچ ڊاڪٽر علي نواز شوق.)
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو