ImamBux
سينيئر رڪن
نذرانه عقيدت سچل سرمست (حڪيم دين محمد اڪرم ٻورڙائي)
غفلت وجود کي غير بڻائي
هر ماڻهون هتي صوفي ٿو سڏئي
سرموڙ هو صوفي صوفين جي جھان جو
حِلاج ڪڏهن سچل منصور چوائي
سرمست ڪيف ۽ مستي ۾ ٿي مڌهوش
هر پردئي حجاب ڇڏيو هُن هٽائي
هن پاڻ ۾ هو سڀ ڪجھ پاڻ ئي ڄاتو
ساعت نه هڪ خدا کي ويٺو ڀلائي
مدهوش هوش ور ۽ هوش ۾ مدهوش
وحدت ٿو راڳ ۾ نوان رنگ رچائي
تصوف فلسفي مستي عاشقي ۾
موجود حق سدا موجود سڏائي
هُو ڪشف ۽ شهود جا راز ۽ ڳالهيون
سڀ ڪشف ۽ شهود سان ظاهر ٿو ٻڌائي
سرمست هو سچل مجذوب ۽ سالڪ
آڪاش راز سڀ ڌرتي تي سڻائي
ماڻهن ڏي جنهن ڏٺو وحدت جي نظر سان
ڪافر توڙي مومن جو فرق مٽائي
سرمست هيرو هو مسلم ۽ هندو جو
سرمست جو ڪلام هرڪو پيو ڳائي
تصوف ۽ روشني هي غير قبولي
روحاني تاثرات پنهنجي پرائي
سرمست جي زبان سرمست نظر ۾
ڪو فرق ناهي حق سچ ٿو ڳالهائي
اسرار اونهو هو پيغام سچل جو
جو شعر ۾ ڪري اظهار ٿو ڳالهائي
اڪرم به قادري قادري سچل ڀي
وجداني حال ۾ چشتي ٿو سڏائي
“اڪرم” مقام ڇا سرمست جو ڄاڻي
هم است هم اوست ڇاڇا پيو سڏائي