محمد صديق مسافر جون ادبي ۽ تعليمي خدمتون

'مختلف موضوع' فورم ۾ گل محمد شاه راشدي طرفان آندل موضوعَ ‏4 آگسٽ 2012۔

  1. گل محمد شاه راشدي

    گل محمد شاه راشدي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2012
    تحريرون:
    179
    ورتل پسنديدگيون:
    1,209
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    303
    ڌنڌو:
    شاگرد
    ماڳ:
    خيرپور
    محمد صديق مسافر جي پيءِ گلاب خان شيدي جو اصل نالو ”بلال“ هو، کيس آفريڪا جي اڀرنديئن ڀاگي ”زنجبار“ مان، ستن سالن جي ڄمار ۾، مسقط جي واپاري شيخ حسين خريد ڪيو، اتان غلام علي سنگتراش کيس خريد ڪري سنڌ ۾ آندو، ان کان وري ٽنڊي باگي جي مخدوم صبر علي کيس خريد ڪري آزادي سان پاڻ وٽ رهايو، سندس نيڪ خصلتن جي ڪري مخدوم صاحب سندس نالو بدلائي گلاب رکيو، اتي ئي 86 سالن جي عمر ۾ تاريخ 12 ڊسمبر 1879ع تي رحلت ڪيائين. پيءَ جي وفات کان اڳ 13 شعبان 1297هه مطابق 1 اپريل 1879ع تي ٽنڊي باگي، ضلعي بدين ۾ محمد صديق جنم ورتو. محمد صديق ”مسافر“ شروعاتي تعليم پنهنجي جنم ڀومي ٽنڊي باگي ۾ حاصل ڪئي ۽ حيدرآباد مان فائنل جو امتحان پاس ڪري، پهرين جنوري 1902ع تي پرائمري ماستر ٿيو، ان کانپوءِ جلدي ترقي ڪري ٽريننگ ڪاليج فار مين حيدرآباد ۾ استاد بڻيو. کيس شعر ۽ ادب سان گهرو لڳاءُ هو. ان سلسلي ۾ پهريائين سيد فاضل شاهه ”فاضل“، حاجي عبداللطيف ۽ سيد حاجي محمد علي شاهه ۽ پوءِ آخوند فقير محمد عاجز کان فيض ڪيائين. آخر ”مسافر“ تخلص سان شاعري ۾ نروار ٿيو. شاعري ۾ ڪيترين ئي صنفن، جهڙوڪ، غزل، قصيدن، رياعين، مثنوين، مسدس، قطعن، نظم، گيت، مناجات، جاڳن ۽ ڪافين وغيره پڻ خوب لکيو اٿس ۽ سڀئي صنفون يادگار ڇڏيون اٿس. شاعري سان گڏو گڏ نثر تي پڻ گهڻو ڪجهه لکيو اٿس، مطلب ته سندس قلم جي قرب سنڌي ادب کي بي بها لکڻيون عطا ڪيون آهن، سندس علمي، ادبي ۽ تحقيقي مقالا پنهنجو مٽ پاڻ آهن. ٽريننگ ڪاليج ۾ نوڪري دوران اتان نڪرندڙ ماهوار ”اخبار تعليم“ جي ادارت جا فرائض 1903 ۽ 1904ع کان وٺي 18 سالن تائين بجا آڻيندو رهيو. جنهن ۾ سندس بيشمار ڇپيا، اخبار تعليم ۾سندس ڇپيل مضمونن جو معيار تمام اعليٰ آهي. جنهن مان سندس ذهني اڏام ۽ گهرائي جو بخوبي اندازو ٿئي ٿو. انهي کانسواءِ سندس ڪيتريون ئي تخليقون، سنڌ مان نڪرندڙ رسالن ۽ اخبارن ۾ شايع ٿينديون رهيون. خاص ڪري درسي ڪتابن لکڻ ۾ سندس ثاني ڪو ورلي لڀندو. ادبي خدمتن سان گڏو گڏ، سندس علمي خدمتون پڻ هڪ بيش بها خزانو آهن. محمد صديق، مسافر هڪ مڪمل استاد، ماهر تعليم ۽ هڪ علمي اداري جي حيثيت رکندڙ سڄاڻ انسان ۽ روحاني رسائي ماڻيندڙ بزرگ ٿي گذريو آهي. پاڻ ٻاراڻي ادب تي پڻ ڪيترائي مقالا، مضمون ۽ شاعري لکي اٿس، سندس تخليق ڪيل ٻاراڻو ادب، خاص طور تي سنڌي پهرئين، ٻئي ۽ ٽئين ڪتاب جا سڀ نظم ۽ ڪي نثر ۾ لکيل سبق، پونا ٽيڪسٽ بڪ بورڊ جي درسي ڪتابن ۾ شامل ڪيا ويا، انهي جي مڃتا طور کيس ڊائريڪٽر آف پبلڪ انسٽرڪشن بمبئي طرفان نقد انعام ۽ آفرين نامو ڏنو ويو. محمد صديق ”مسافر“ جا ترجمو ڪيل ڪتاب، پڙهڻ بعد ائين ٿو ڀائنجي، ڄڻ خود ئي تصنيف ڪيا اٿس. سندس همصرن ۾، خاص طور تي ديوان ڪوڙو مل، دويان ننديرام ۽ ديوان ڪشنچند ”عزيز ” جهڙا شاعر ۽ ليکڪ شامل هئا، پر ”مسافر“ صاحب علمي ۽ ادبي نقطي نگاهه کان پنهنجو مٽ پاڻ هو. ”گلستان بوستان“ جو ترجمو، گلشن بهار، غلام محمد شهواڻي جي نالي سان ڇپيو ۽ ڪتاب جي ديپاچي ۾ لکيل آهي ته مسافر صاحب طرفان بيتن جو مطلب ڏنو ويو آهي پر لڳي ايئن ٿو ته اهو ترجمو مسافر صاحب جوئي ڪيل آهي، پر مالي مشڪلات جي ڪري اهو ترجمو پاڻ ڇپرائي نه سگهيو ۽ شهواڻي صاحب جي نالي ۾ڇپجي پڌرو ٿيو، ان کانسواءِ ڪيترن ئي اديبن جي راءِ آهي ته محمد صديق مسافر جا ڪي ڪتاب، جيڪي محمد صديق ميمڻ جي نالي سان ڇپيا، سي پڻ سندس ئي ڪاوشن جو نتيجو آهن. محمد صديق ”مسافر“جو سڀ کان وڏو ڪارنامو سندس اهي ڪوششون آهن، جن جي نتيجي ۾ خان بهادر مير غلام محمد خان ٽالپر، لاڙ جي اٻوجهه عوام جي سڌاري ۽ واڌاري لاءِ ٽنڊي باگي ۾ هڪ تعليمي اداري جو بنياد وڌو. ابتدا ۾ اهو اسڪول محمد صديق مسافر جي نگراني ۾ پنجن شاگردن سان، پهرين جنوري 1920ع تي شروع ڪيو ويو، انهي مقصد لاءِ ٽريننگ ڪاليج فار مين حيدرآباد مان کيس موڪل وٺرائي ٽنڊي باگي واري اسڪول ۾ مقرر ڪيو ويو، جتي پاڻ 1925ع تائين اسڪول جو منتظم اعليٰ رهيو. اپريل 1925 ۾ جڏهن هڪ گريجوئيٽ کي هيڊ ماستر مقرر ڪري ٽنڊي باگي موڪليو ويو. ان وقت اسڪول ۾ شاگرد جو تعداد 150 کي وڃي پهتو هو ۽ ست استاد اتي پڙهائيندا هئا. ان بعد به مسافر صاحب اسڪول ۾ فرسٽ اسسٽنٽ ۽ بورڊنگ هائوس جي مينجر جي حيثيت ۾ ڪم ڪندو رهيو. اهو اسڪول يعني لارينس مدرسه ۽ مير غلام محمد هاءِ اسڪول اڄڪلهه انٽر ڪاليج جي سطح تي پهچي لاڙ جي عوام جي ذهنن کي علم سان پرنور ڪري رهيو آهي. انهي ۾ وڌاءُ نه ٿيندو ته، مير غلام محمد خان ٽالپر لاڙ جو سرسيد هو. جنهن هن علائقي جي غريب ماڻهن جي اولاد لاءِ مفت تعليم جو بندوبست ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ هزار ها خاندان تعليم جي نور سان منور ٿيا ۽ وڏن عهدن تي پهتا. انهي عظيم ڪارنامي ۾ محمد صديق مسافر مير صاحب جن سان ٻانهن ٻيلي ٿي بيٺو ۽ لاڙ ۾ تعليمي ڦهلاءُ ۽ ٻين سماجي ڪمن ۾ مير صاحب جو صلاحڪار ٿي رهيو. محمد صديق ”مسافر “ سن 1930ع ۾ رٽائر ٿيڻ کانپوءِ مستقل طور ٽنڊي باگي ۾ رهائش اختيار ڪئي ۽ ٽنڊي باگي ۾ زناني اسڪول قائم ڪرڻ لاءِ به مير صاحب جن کي پاڻ مشورو ڏنو هئائون. زناني اسڪول کلڻ بعد مير صاحب طرفان مٿس اها ذميداري رکي وئي ته، روزانه ٻه اڍائي ڪلاڪ اسڪول جي تعليم ۽ انتظاميا ۾ ملائي ماسترياڻي جي مدد ۽ رهنمائي ڪندو رهي ۽ اسڪول جي هر گهرج ۽ ضرورت مير صاحب جي ڌيان تي آڻيندو رهي. مير صاحب جو خيال هو ته، ڇوڪرين لاءِ به بورڊنگ هائوس ٺهرائجي ته جيئن آسپاس وارن ڳوٺن مان نياڻيون تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ اتي رهي سگهن. پر افسوس جو مير صاحب انهن ارادن کي عملي جامو پهرائي نه سگهيو ۽ اوچتو 12 فيبروري 1923ع تي لاڏاڻو ڪري ويو. جنهن ڪري لاڙ جا اصلاحي ڪم ۽ تعليمي پروگرام اڌ ۾ رهجي ويا. محمد صديق ”مسافر“ 86 ورهين جي ڄمار ۾ تاريخ 4 ربيع الاخر 1381 هه مطابق16 مئي 1961ع تي پنهنجي اباڻي ڳوٺ ٽنڊي باگي ۾ وفات ڪئي ۽ اتي ئي مرحوم غلام محمد ٽالپر جي ويجهو دفن ڪيو ويو.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو