ڊاڪٽر عطاءرحمان

'مختلف موضوع' فورم ۾ جاويد حسين طرفان آندل موضوعَ ‏4 آگسٽ 2012۔

  1. جاويد حسين

    جاويد حسين
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 جولائي 2012
    تحريرون:
    225
    ورتل پسنديدگيون:
    546
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    303
    ڌنڌو:
    Manager I.T & Finance - Bawany Group Of Companies
    ماڳ:
    حيدرآباد
    سائنسي ماهرن پاران عطاءُ الرحمان جي مذمت، سندس قابليت جاچڻ جو مطالبو ڪراچي (عوامي آواز نيوز) : سنڌ جي مختلف سائنسدانن، سائنس جي شعبي ۾ ريسرچ، تحقيق، پي ايڇ ڊي ڪندڙ اسڪالرن سان گڏ مختلف سائنسي ماهرن سومر تي ڊان نيوز چئنل تي ڊاڪٽر عطاءُ الرحمان پاران سنڌي انجنيئر آغا وقار بابت اختيار ڪيل رويي جي مذمت ڪندي سندس رويي کي ڪريل قرار ڏنو آهي. هنن ماهرن تنگ نظر سائنسي ماهر ڊاڪٽر عطاءُ الرحمان جي سائنسي دليل کي کل جوڳو قرار ڏيندي هائير ايجوڪيشن ڪميشن کان مطالبو ڪيو آهي ته ڊاڪٽر عطاءُ الرحمان پاران انجنيئر آغا وقار تي کل جوڳي اعتراض کان پوءِ سندس علمي قابليت جي جاچ ڪئي وڃي. ماهرن موجب اهو صحيح آهي ته توانائي کي سائنسي اصولن تحت نه تخليق ڪري سگهجي ٿو ۽ نه ئي تباهه ڪري سگهجي ٿو پر توانائي کي هڪ کان ٻي شڪل ۾ مصنوعي طور تبديل ڪري سگهجي ٿو. هنن عطاءُ الرحمان جي دليل کي رد ڪندي چيو آهي ته عطاءُ الرحمان جو چوڻ آهي ته واٽر ڪٽ تي آخر ڪار گاڏي رڪجي ويندي ڇاڪاڻ ته ان عمل موجب سائنسي اصول جي روشني ۾ آغا وقار اهڙي توانائي تخليق نٿو ڪري سگهي. هنن جو چوڻ هو ته جيڪڏهن پيٽرول، ڊيزل ۽ سي اين جي ٻري ٿي جنهن جي نتيجي ۾ توانائي پيدا ٿئي ٿي ۽ انجڻ هلي ٿي. ساڳئي نموني هائيڊرو گئس به اهوئي عمل ڪندي. ماهرن ۽ سائنسي حلقن سوال ڪيو آهي ته ايٽمي ري ايڪٽر ۾ معمولي توانائي جي خرچ سان ايٽم ۾ قدرتي طور موجود ايتري عظيم توانائي حاصل ٿيندي آهي ته انهي اصول تحت انجنيئر آغا وقار جو پاڻي تي انجڻ هلائڻ جو تجربو به عمل جوڳو آهي. ماهرن جو چوڻ آهي ته آغا وقار موجب انرجي تخليق نه پر پاڻي ۾ موجود قدرتي طور هائيڊروجن کي پاڻي مان ڌار ڪري ٻارڻ طور استعمال ڪري سگهجي ٿو ۽ گاڏي جي انجڻ کي هلائڻ جو تصور سائنس جي اصولن موجب آهي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو