• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

هڪ مسئلو

نثارابڙو

نائب منتظم
دوستو! آ جڏهن مرڪزي صفحو کولڻ جي ڪوشش ٿو ڪريان ته هڪدم هي نياپو اچي ٿو وڃي ۔۔۔ ائين ڇو آهي، مونکي سمجهه ۾ نٿو اچي ۔۔۔ ڇا اهو مسئلو صرف مونسان آهي يا ڪجهه ٻين دوستن سان به ۔۔۔ ان جي تصديق ته دوست ڪندا ۔۔۔ باقي مونسان اهو مسئلو اڄ شروع ٿيو آهي ۔۔۔ 4 آگسٽ 2012​
 
ڪجهه ڪلاڪن کانپو هاڻ اهو مرڪزي صفحو کلي رهيو آهي ۽ ان نياپي مان جان ڇٽي آهي ۔۔۔
 
اصل ۾ سنڌي اخبار ڪاوش جي ويب سائيٽ ڪافي عرصي کان مالويئر جي حملي هيٺ آهي۔۔۔ اتان جي آئي ٽي ڊيپارٽمينٽ کي شايد ان طرف توجا ڏيڻ جو وقت ئي نه ٿو ملي۔۔
سنڌ سلامت تي ڪجهه رڪن سڌو سئون اخبار جون خبرون ڪاپي پيسٽ ڪري رهيا آهن رڳو ايترو ئي نه پر اتي موجود تصويرن کي پڻ هتي لنڪ يا اميج لنڪ سان لڳائي رهيا آهن۔۔۔
اهڙي صورت ۾ مالويئر ورتل مواد سنڌ سلامت تي پڻ اچي رهيو آهي۔۔۔ جنهن ڪري اهڙا ايررس سامهون اچي رهيا آهن۔۔۔
اهڙن دوستن کي گذارش موڪلي وئي آهي ته صرف چونڊ خبرون موڪلين ۽ ڪوبه ٽيڪسٽ ڪاپي ڪري سڌو سئون سنڌ سلامت تي پيسٽ ڪرڻ بجاءِ پهريان مائڪروسافٽ ورڊ ۾ پيسٽ ڪري، پوءِ اتان ڪاپي ڪري فورم تي لڳائين۔۔۔ اميد ته دوست تعاون ڪندا۔۔۔
 
دوستو! آ جڏهن مرڪزي صفحو کولڻ جي ڪوشش ٿو ڪريان ته هڪدم هي نياپو اچي ٿو وڃي ۔۔۔ ائين ڇو آهي، مونکي سمجهه ۾ نٿو اچي ۔۔۔ ڇا اهو مسئلو صرف مونسان آهي يا ڪجهه ٻين دوستن سان به ۔۔۔ ان جي تصديق ته دوست ڪندا ۔۔۔ باقي مونسان اهو مسئلو اڄ شروع ٿيو آهي ۔۔۔ 4 آگسٽ 2012​
سائين اهيو مسئلو مونسان به آهي۔
 
Back
Top