ونڊوز 7

'آئي ٽي بابت تازيون خبرون' فورم ۾ رياضت ٻرڙو طرفان آندل موضوعَ ‏4 آگسٽ 2012۔

  1. رياضت ٻرڙو

    رياضت ٻرڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 جون 2012
    تحريرون:
    306
    ورتل پسنديدگيون:
    879
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ماڳ:
    لاڙڪاڻو
    ترجمو ۽ ترتيب: معظم علي ٻرڙو
    مائڪروسافٽ جو آپريٽنگ سسٽم ”ونڊوز-7“

    مائڪروسافٽ جو ”ونڊوز وِستا“ کان پوءِ نئون ايندڙ آپريٽنگ سسٽم ”ونڊوز-7“ آهي، جنهن جو ’بِيٽا وَرجن‘ جنوري 2009ع جي شروعات ۾، تجرباتي مقصدن لاءِ جاري ڪيو ويو آهي.
    بل گيٽس جي جاءِ تي، مائڪروسافٽ جي سربراهي سنڀاليندڙ اسٽيوِ بلمار، لاس ويگاس ۾، ڪنزيُومر اليڪٽرانڪس شو دوران، پنهنجيءَ تقرير ۾ اعلان ڪيو ته سافٽ ويئر ڊِولپرز کي ”ونڊوز-7“ جو بيٽا ورجن ڏنو پيو وڃي، جيڪو ماڻهو 9 جنوري 2009ع کان پنهنجي ڪمپيوٽر ۾ ڊائون لوڊ ڪري سگهن ٿا.
    اسٽيو بلمار جو اهو به چوڻ هو ته جيتوڻيڪ اهو ”ونڊوز-7“ جو تجرباتي ورجن آهي، تنهن هوندي به منجهس مڪمل آپريٽنگ سسٽم جون لڳ ڀڳ سڀئي خوبيون شامل آهن ۽ هي ونڊوز سسٽم، سافٽ ويئر جي باري ۾، صارفين جي راءِ بدلائي ڇڏيندو. مائڪروسافٽ شروع ۾، صرف 25 لک صارفين کي ان جو بيٽا ورجن ڏيڻ جو فيصلو ڪيو هو، پر ماڻهن جي دلچسپيءَ کي ڏسندي، مائڪروسافٽ ٻن هفتن تائين، لامحدود ڊائون لوڊ جي پيشڪش ڏني آهي.
    ان آپريٽنگ سسٽم کي هلائڻ لاءِ، ڪمپيوٽر جي پراسيسر ۽ ريم جي رفتار گهٽ ۾ گهٽ هڪ گيگا هرٽز هجي، هارڊ ڊسڪ تي 166 MB جڳهه، 128 ميگابائيٽ جي وڊيو ميمري ۽ ڊائريڪٽ ايڪس-9 گرافڪس ڏيکارڻ جي صلاحيت موجود هجي.
    ونڊوز-7 جون خوبيون (Features)
    1- ان جو ” هوم گروپ فيچر“ گهرَ جي ڪمپيوٽرن، وڊيو گيمن، ڪنسولز ۽ ميڊيا سروز کي هڪ مقامي نيٽ ورڪ جي شڪل ڏئي ٿو، ته جيئن گهر جا ڀاتي مختلف مشينون استعمال ڪندي پرنٽنگ، ميوزڪ ۽ وڊيو فائلن کي هڪ ٻئي کي ڏئي وٺي (شيئر) سگهن.
    2- ونڊوز-7 جو ”ڊوائس اسٽيج فيچر“ پاڻ ئي موبائل فونن، ايم پي-3 پليئر ڊوائسن، ڊجيٽل ڪيمرائن يا ٻين سامانن لاءِ سپورٽ مهيا ڪري ٿو ۽ انهن جي معلومات ترتيب ڏئي ٿو.
    3- ان ۾ گهڻو استعمال ٿيندڙ پروگرامن لاءِ هڪ ڪلڪ ۽ فائلن جي لاءِ ٻن ڪلڪ جي تصور کي خيال ۾ رکيو ويو آهي.
    4- ونڊوز-7 ۾ اوهان کي گهڻا برائوزر هلائڻ جي ضرورت نه پوندي، توهان جڏهن ڪرسر کي ڊيسڪ ٽاپ جي تري تي کڻي ويندَو ته توهان جون کليل سڀئي ونڊوز شفاف نظر اينديون، پوءِ بنا ڪنهن ونڊو کي بند ڪرڻ يا ننڍائڻ جي، ان کي اندران ڏسي سگهندَو.
    5- ان ونڊوز جو هڪ بهترين فيچر ”پلي ٽُ“ (Play to) آهي، جيڪو ”هوم نيٽ ورڪ“ جي ذريعي سمارٽ ڊوائسُن کي ڪمپيوٽر تي جمع ٿيل ميوزڪ، وڊيو يا تصويرن تائين پهچ مهيا ڪري ٿو.
    6- ونڊوز-7 ڪمپيوٽر ٺاهڻ وارين ڪمپنين لاءِ، مشينن ۾، ٽچ اسڪرين ڪئپيبلٽيز (اسڪرين تان ڇهڻ واريون خوبيون) طور ڊزائن ڪيو ويو آهي، ته جيئن مائوس ۽ ڪي بورڊ جهڙن روايتي ڪنٽرولز کان اڳتي وڌي سگهجي.
    7- ان جو ”اسپيچ فيچر“ آواز ۾ چيل شين کي ڊيسڪ ٽاپ تي ظاهر ڪري ٿو ۽ انهن کي آوازي حڪمن وسيلي استعمال به ڪري سگهجي ٿو.
    8- ونڊوز-7 انگريزي، عربي، روسي ۽ چيني ٻولين ۾ دستياب آهي. هن ونڊوز جي اچڻ کان پوءِ، لڳي ٿو ته مائڪروسافٽ ”ونڊوز وستا“ کي وسارڻ چاهي ٿو.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو