نانگ

'مختلف موضوع' فورم ۾ رياضت ٻرڙو طرفان آندل موضوعَ ‏4 آگسٽ 2012۔

  1. رياضت ٻرڙو

    رياضت ٻرڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 جون 2012
    تحريرون:
    306
    ورتل پسنديدگيون:
    879
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ماڳ:
    لاڙڪاڻو
    سنڌيڪار: خادم رند
    ننڍي کنڊ جا نانگ، ڏنگڻ ۾ سڀ کان اڳيان

    هڪ نئين کوجنا مان معلوم ٿيو آهي ته دنيا ۾ هر سال نانگن جي ڪري سڀ کان وڌيڪ ماڻهو ڏکڻ ايشيا ۾ مرن ٿا.
    کوجنا موجب، دنيا ۾ هر سال چئن لکن کان وڌيڪ ماڻهو نانگن کان ڏنگجن ٿا، جن مان اٽڪل 20 هزار جسم ۾ زهر پکڙجڻ ڪري مري وڃن ٿا. ايتري وڏي انگ ۾ موت جو هڪ سبب هيءُ به ٻڌايو وڃي ٿو ته ڏنگيل ماڻهن جي معياري علاج تائين ترت پهچ نه ٿي ٿئي ۽ اهي گهڻو ڪري روايتي طريقن تي ئي مدار رکن ٿا.
    آمريڪا ۾ شايع ڪيل هيءَ کوجنا، 68 ملڪن ۾ ڪئي وئي آهي جنهن جي نگراني سريلنڪا جي ڪيلانيا يونيورسٽيءَ جي جناڪا ڊي سلوا ڪئي آهي. هڪ ارب کان مٿي آباديءَ واري ڏيهه ڀارت ۾ نانگن جي ڏنگجڻ جا سڀ کان وڌيڪ، 80 هزار، واقعا ٿيا، جن مان 11 هزار ماڻهو مري ويا. جڏهن ته، سريلنڪا ۾ 33 هزار ماڻهن کي نانگن ڏنگيو. نانگن جي ڏنگيل ماڻهن مان اڪثريت مردن جي آهي. محققن موجب، حقيقي انگ اڃا وڌيڪ ٿي سگهن ٿا، ڇاڪاڻ ته اهڙا ڪيترائي واقعا ڏورانهن ۽ ڏکين علائقن ۾ پيش اچڻ ڪري عام اڳيان اچن ئي نه ٿا.
    دنيا ۾ نانگن جا اٽڪل 3 هزار قسم ملن ٿا، جن مان چئن سَوَن جي لڳ ڀڳ زهريلا ٿين ٿا. ڄميل کنڊ انٽارڪٽيڪا کان سواءِ، دنيا جي هر حصي ۾ ملن ٿا.

    نانگن ذريعي زلزلن جي اڳڪٿي
    چين ۾ سائنسدانن جو چوڻ آهي ته انهن نانگن جي چرپر جو اڀياس ڪرڻ مان زلزلن جي اڳڪٿيءَ جو طريقو ڳولي لڌو آهي. چين جي ڏاکڻي صوبي گوانزي جي ناننگ ارٿڪُئيڪ سينٽر جا سائنسدان چون ٿا ته نانگن ۾ اها صلاحيت آهي ته کين 120 ڪلوميٽر پري تائين يا پنج ڏينهن اڳ تائين زلزلي جو احساس ٿي وڃي ٿو. جڏهن نانگ اهو محسوس ڪن ٿا ته زلزلو اچڻ وارو آهي ته سندن چرپر ۾ پريشاني پيدا ٿي پوي ٿي ۽ اهي گهڻو ڪري پري ڀڄڻ جي ڪوشش ۾ ڀتين سان ٽڪرائجڻ شروع ڪري ٿا ڏين.
    ناننگ ارٿڪُئيڪ سينٽر جي ڊائريڪٽر زيانگ وئي سونگ ٻڌايو ته زلزلي کان اڳ نانگ پنهنجا ٻِر ڇڏي ٻاهر نڪرن ٿا، پوءِ ڀلي ته ٻاهر ڪيترو به سيءُ ڇو نه هجي. جيڪڏهن شدت وارو زلزلو اچڻو آهي ته نانگ ٻاهر نڪرڻ لاءِ گهٻرائجي، ٻر جي ڀتين سان ٽڪرائجن ٿا. ناننگ ارٿڪئيڪ سينٽر ۾ سائنسدان لڪل ٽي ويءَ ذريعي نانگن جي فارم جو 24 ئي ڪلاڪ جائزو وٺن ٿا.
    چين ۾ اڪثر زلزلا ايندا رهن ٿا. سن 1976ع ۾ تنگشان جو شهر زلزلي ڪري تباهه ٿي ويو هو، جنهن ۾ اڍائي لک ماڻهو مري ويا هئا. ناننگ چين جي انهن ٻارنهن شهرن ۾ شامل آهي، جن جو 24 ڪلاڪ زميني ۽ ماحولي جائزو ورتو وڃي ٿو.

    نانگ ديوتا ۽ صحت جو عالمي ادارو
    (ليکڪ: عارف وقار )
    صحت جي عالمي اداري ڀارت ۾ نانگن جي ڏنگڻ ڪري وڏي سطح تي مرندڙ ماڻهن بابت ڳڻتي ظاهر ڪئي آهي ۽ سموري ملڪ ۾ نانگن بابت موجود وهمن ۽ وسوسن کي ختم ڪرڻ لاءِ هڪ مهم جي شروعات ڪئي آهي. ڀارت ۾ هر سال 50 هزار ماڻهو نانگن جي ڪَکڻ ڪري مري وڃن ٿا. انهن مان گهڻا ماڻهو ترت طبي امداد نه ملڻ سبب، پنهنجي قيمتي حياتي وڃائي ويهن ٿا. ساليانو 20 هزار موت رڳو ڪاريهر ۽ ڪوڙيال نانگن جي ڏنگڻ ڪري ٿين ٿا. نيم حڪيم قسم جا جوڳي ۽ نانگن وارا هندستاني ڳوٺن ۾ وڏو رعب تاب رکن ٿا ۽ نانگن جي ڏنگن جا ابتا سبتا علاج ٻڌائيندا رهن ٿا. مثال طور هيءُ ته جنهن پادر سان نانگ ماريو ويو آهي، ان کي زمين ۾ گهڻو اندر پوريو نه وڃي، ان سان مئل نانگ ٻيهر جيئرو ٿي پهچي وڃي ٿو ۽ گهر جي هڪ کان وڌيڪ ماڻهن کي ڏنگي وجهي ٿو.
    ڳوٺن ۾ هيءَ به ڳالهه مشهور آهي ته مورُ نانگ جو دشمن آهي ۽ ان کان گهڻو سگهارو آهي، تنهنڪري نانگ جي ڏنگ تي جيڪڏهن مور جو کنڀ رکيو وڃي ته ڪجهه عرصي کان پوءِ ڦٽ ڇٽي وڃي ٿو ۽ زهر جو اثر ختم ٿي وڃي ٿو. ڪجهه ماڻهو قسم کڻي ان ڳالهه جي شاهدي ڏين ٿا ته انهن مور جي کنڀ سان پنهنجو علاج ڪيو هو ۽ هينئر اهي چڱا ڀلا آهن. جڏهن ته حقيقت اها آهي ته ماڻهوءَ کي ڏنگيندڙ هر نانگ زهريلو ناهي ٿيندو. انهيءَ ڪري اهڙي ڪنهن نانگ جي ڏنگڻ سان جيڪو زخم پيدا ٿئي ٿو، سو وقت گذرڻ سان پاڻمرادو ٺيڪ ٿي وڃي ٿو، پر سادا سٻاجها ماڻهو ان کي مور جي کنڀ جو ئي ڪمال سمجهن ٿا.
    ماهرن جو چوڻ آهي ته نانگ جي ڏنگڻ وارن 100 واقعن مان 70 واقعا بي ضرر ٿين ٿا ۽ رڳو 30 سيڪڙو صورتن ۾ نانگ زهريلو ٿئي ٿو. انهن 30 سيڪڙو واقعن مان اڌ اهڙا ٿين ٿا، جن ۾ نانگ رڳو ڏنگي ٿو، پر پنهنجو زهر ماڻهوءَ جي بدن منجهه داخل نه ٿو ڪري سگهي. ان حوالي سان ٿلهي ليکي نانگ ڏنگڻ جا 85 سيڪڙو واقعا بي ضرر ٿين ٿا، پر جوڳين ۽ نانگ وارن کي پنهنجو ڪمال ڏيکارڻ ۽ ڳوٺاڻن تي پنهنجو ڪوڙو رعب تاب ويهارڻ جو مفت ۾ موقعو ملي وڃي ٿو.
    ڀارت ۾ نانگ کي ديوتا جو رتبو مليل آهي ۽ ڀارتي ڏند ڪٿائون نانگ ۽ نانگِڻ وارين ڪهاڻين سان ڀريون پيون آهن. انساني علم جا ڄاڻو ٻڌائين ٿا ته قديم انسان فطرتي ڏيکن ۾ انهن شين کي ته پوڄيندو هو، جيڪي سندس حياتيءَ کي برقرار رکڻ ۾ مدد ڪنديون هيون. مثال طور سج، ڌرتي، پاڻي ۽ ڳئون وغيره، پر گڏوگڏ هو انهن ڏيکن جي اڳيان به جهڪي پوندو هو ۽ کين قرباني پيش ڪندو هو، جن سان حياتيءَ کي نقصان پهچائڻ جو خدشو هوندو هو، مثال طور باهه، طوفان، ڪنو واءُ (جيڪو فصلن کي تباه ڪندو هو) ۽ نانگ، جنهن جو ڏنگيل پاڻي گهري نه سگهندو هو.
    ماتا جي واءُ کي ڪالي ماتا جو قهر سمجهندي، سندس نالو ئي ماتا رکيو ويو. نانگ جِي حياتي کسيندڙ حيثيت جي ڪري، نه رڳو نانگ ديوتا جي پوڄا شروع ڪئي وئي، پر ڏند ڪٿائن ۾ نانگ هڪ الڳ ۽ مستقل باب جي حيثت پڻ ماڻي ورتي.

    زهر مان زهر جو علاج
    ( ليکڪ: اعجاز مهر )
    هيءَ ڳالهه ٻڌي، شايد گهڻن ئي ماڻهن کي اچرج ٿئي ته نانگ جي ڏنگ جو علاج نانگ جي زهر سان ئي ڪيو ويندو آهي. اسلام آباد ۾ قائم صحت جو قومي ادارو سڄي ملڪ مان نانگ گڏ ڪري، انهن جو زهر ڪڍي نانگن جي ڏنگن جو ٽُڪو (ويڪسين) تيار ڪري سڄي ملڪ ۾ موڪليندو آهي. صحت جي قومي اداري سان لاڳاپيل شعبي جي ماهر ڊاڪٽر جليل ڪامران موجب، سموري دنيا ۾ ٽن هزارن کان مٿي نانگن جا قسم رهن ٿا. جڏهن ته پاڪستان ۾ اٽڪل 250 قسم رهن ٿا. ڊاڪٽر جليل جي دعوى آهي ته رڳو 15 سيڪڙو نانگن جا قسم زهريلا آهن، جن ۾ 170 مختلف قسمن جا نانگ شامل آهن، جڏهن ته ٻيا نانگ زهريلا ناهن ۽ جيڪڏهن اهي ڏنگي به وجهن ته انهن منجهان ڪو به ڇيهو نه ٿو رسي.
    ڊاڪٽر جليل جو چوڻ آهي ته نانگ جي ڳِياڙيءَ ۾ هڪ ننڍڙي زهريلي ٿيلهي ٿئي ٿي ۽ ڳياڙيءَ ۾ ئي ٽُڪي جي سئي جيان ڏند ٿين ٿا. جڏهن نانگ ڏنگي ٿو ته ڳياڙيءَ واري ٿيلهيءَ کي هڪ قسم جو لوڏو اچي ٿو. جنهنڪري سئيءَ جهڙن ڏندن مان زهر ماڻهوءَ جي بدن ۾ داخل ٿي وڃي ٿو.
    پاڪستان جي وارياسن، خشڪ، جابلو ۽ ميداني علائقن ۾ گهڻي ڀاڱي چئن قسمن جا نانگ لڀجن ٿا. نانگ ڏنگڻ جا ٽڪا ٺاهيندڙ شعبي جي انچارج مشاهد حسين کان جڏهن پڇيو ويو ته هن ٻڌايو ته ڪوڙيال، سنگچور، ڪوبرا ۽ جليبيا اهڙا نانگ آهن جيڪي عام جام ملن ٿا. انهن چئن قسمن جي نانگن کي اهي ٽينڊر وسيلي خريد ڪري، سندن زهر ڪڍن ٿا. ان کان پوءِ نانگن مان ڪڍيل زهر کي مختلف مرحلن مان گذاري، هلڪو ۽ ڇڊو ڪري، سڪايو وڃي ٿو. چئني نانگن جي زهرن کي پاڻ ۾ گڏائي کين ڇڊو ۽ خشڪ ڪرڻ کان پوءِ ان جا ٽُڪا گهوڙي جي ڳچيءَ ۾ هنيا وڃن ٿا. جڏهن گهربل حد تائين گهوڙن ۾ اينٽي باڊي پيدا ٿي وڃن ٿا ته انهن مان رت ڪڍيو وڃي ٿو. هڪ گهوڙي مان اٽڪل ڏهن کان پندرنهن لِٽر رت ڪڍيو وڃي ٿو. گهوڙن جي رت مان پلازما جدا ڪيو وڃي ٿو ۽ پلازما کي مختلف مرحلن مان گذاري اينٽي ونيم سيرم ٺاهيو وڃي ٿو.
    مجاهد حسين شاهه موجب، نانگ ڏنگڻ کان اڳ احتياطي تدبير طور لڳايو ويندڙ ٽڪو به ٺاهيو وڃي ٿو. هن جو چوڻ آهي ته صحت جي عالمي اداري، پاڪستان جي صحت واري اداري ۾ ٺاهيل نانگ-ڏنگ کان بچاءُ واري ٽڪي ۽ ”اينٽي ونيم سيرم“ کي عالمي معيار جي دوا قرار ڏيندي، کين 99.9 سيڪڙو اثرائتي دوا ڪوٺيو آهي. هن ٻڌايو ته جڏهن نانگ مان زهر ڪڍيو وڃي ٿو ته ان ۾ پندرهنِ کان ويهنِ ڏينهن ۾ ٻيهر معمول موجب زهر گڏ ٿي وڃي ٿو.
    مجاهد حسين شاهه موجب جيڪڏهن نانگ جي ڏنگ واري هنڌ تي ٻه يا ٽي سنها نوڪدار نشان هجن ته انهيءَ جو مطلب هيءُ آهي ته ڪهڙي زهريلي نانگ ڏنگيو آهي. جيڪڏهن ڪو نانگ ڏنگي ۽ نوڪدار نشان نه هجن ته پوءِ گهٻرائڻ جي ضرورت ناهي، ڇو ته اهڙو نانگ زهريلو ناهي هوندو. هن وڌيڪ ٻڌايو ته ڪوبرا ۽ سنگچور جيڪڏهن ڏنگين ته مريض جو تنتي سرشتو متاثر ٿئي ٿو، اهڙيءَ صورت ۾ مريض کي سمهڻ نه ڏيڻ گهرجي.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو