مترجم: ثقلين لاشاري مِيڊيا ٻارن تي ڪيئن اثر انداز ٿئي ٿي؟ ننڍيءَ عمر ۾ ٻار ڪيئن سوچن ۽ عمل ڪن ٿا، انهيءَ ۾ ڪتابن، فلمن، انٽرنيٽ ۽ ميڊيا جو اثر اهم آهي. جيئن جيئن ٻار وڏا ٿين ٿا، تيئن تيئن مٿن ميڊيا جا اثر اڃا به گھرا ٿين ٿا، جيڪي ٻار لاءِ مثبت ناهن هوندا، تنهنڪري ماءُ پيءُ کي انهن اثرن سان مُنهن ڏيڻ لاءِ انهن جي جاچ ڪرڻ گھرجي ۽ ٻارن سان ان بابت بحث ڪرڻ گھرجي، جيڪي ڪجھ هُو ڏسن ۽ ٻڌن ٿا. ٻارن جا اڪثر پروگرام اهڙا هوندا آهن جيڪي پنهنجا خيال ۽ تصور مڙهڻ چاهيندا آهن ته ماڻهو سٺا آهن يا بُرا آهن، سياڻا يا اياڻا آهن. گھٽ تجربي جي ڪري، ٻار ميڊيا جي خيالي دنيا جا شوقين ٿي پوندا آهن. والدين انهيءَ خيالي دنيا کي بي اثر بڻائي سگھن ٿا، انهيءَ گروهه يا ٽولي تي تبصرو ڪندي، جنهن بابت ٻڌايو يا ڏيکاريو وڃي ٿو. پنهنجن ٻارن کي ٻڌائجي ته هر سادو ماڻهو بيوقوف نه آهي ۽ نه ئي ڪارا ڪپڙا پائڻ سان توهان خراب ثابت ٿيندا آهيو. کين ٻڌائجي ته هر ڪنهن وٽ چڱايون ۽ مَٺايون آهن. اڪثر ڪري ميڊيا ۾ ڪو ڪردار چڱو هوندو آهي يا لَڱو، پر حقيقي زندگيءَ ۾ ايئن نه آهي. ميڊيا شين جو وڪرو وڌائڻ ۾ پنهنجو اثر ڏيکاريندي آهي ۽ ٻارن جي ذهنن ۾ اها ڳالهه ويهاريندي آهي ته ڪا خاص شَي سٺي ۽ مشهور آهي. ٻار اڪثر ڪري انهن شين بابت ڳالهائيندا آهن جيڪي اشتهارن ۾ ڏسندا آهن. هڪ ڏينهن، هڪ ٻار پنهنجي پيءُ کي چيو ته رڌڻي لاءِ ڪاتُ وٺجي، ڇو ته اهو ڇريءَ کان وڌيڪ تيزيءَ سان شيون وڍي ٿو. پيءُ کيس چيو ته رڌڻي لاءِ ڪات جي ضرورت ناهي، ڇو ته ڇري صحيح ڪم ڪندي آهي. ٻارَ هر سال پنهنجن والدين جي خرچن کي وڌائيندا آهن ۽ کين اهي شيون وٺي ڏيڻ لاءِ زور ڀريندا آهن جيڪي ميڊيا ”عوامي“ (”cool“) ڪري پيش ڪندي آهي. ٻار شين جا نالا ننڍيءَ ڄمار ۾ ئي ڄاڻي وٺن ٿا، ڇو ته اهڙيون شيون ميڊيا تي ڏسن ٿا. منهنجن ٻارن مئڪڊونلڊس جي نشانيءَ کي ٽن سالن جي ڄمار ۾ ئي سڃاڻڻ شروع ڪيو، توڻي جو اسان اتي ڪڏهن به ڪا شَي نه کاڌي هئي. ميڊيا تي هلندڙ اشتهارن ۾ خاميون ڪڍو ۽ انهن کي بي اثر بڻايو. ٻارن کان پڇو ته ڇا اهي واقعي سمجھن ٿا ته وٽن نئون رانديڪو هجڻ سان هُو وڌيڪ مشهور ۽ خوش ٿيندا؟ ٻارن کي اهو احساس ناهي هوندو ته بار بِي ڪِيُو جي اشتهار ۾ جيڪا شي ڦيراٽيون پائي ٿي، اها حقيقت ۾ ايئن نه ٿي ڪري سگھي، ۽ اها شي جيڪا رانديڪن سان گڏوگڏ ڏيکاري ويندي آهي سا حقيقت ۾ ڪو وجود ناهي رکندي. والدين کي گھرجي ته ٻارن کي سيکارن ته شيون خوشين سان نه ٿيون ڀيٽي سگھجن. کين شين جي بدران وقتَ، تعريف ۽ تسڪينَ جا انعام ڏيو. منهنجن ٻارن کي خبر آهي ته کين اها شي نه ملندي جيڪا هُو ٽِي وِيءَ تي ڏسن ٿا، تنهنڪري هُو انهن شين جي باري ۾ ورلي ئي ڪو سوال ڪندا آهن. ڪيترن ئي ٽِي وِي پروگرامن ۽ فلمن ۾ زندگي عام سمجھ کان ٻاهر هوندي آهي. اتي اڪثر ڪري تباهه ڪندڙ روين کي سهڻو ڪري ڏيکاريو ويندو آهي، جيئن شراب پيئڻ، نشو ڪرڻ، سگريٽ ڇڪڻ، ناجائز تعلق ۽ ننڍائپ جا گھرا رشتا. والدين هجڻ ناتي، توهان ميڊيا جي اثر کي ناڪاره بڻائي سگھو ٿا. ٻارن کي ٻڌايو ته فلمن وغيره ۾ ماڻهن جا عمل ڪيئن نه تباهه ڪندڙ ۽ خطرناڪ آهن. شراب وارا اشتهار ڪڏهن به ٻئي ڏينهن تي نشي جو اثر ناهن ڏيکاريندا. رئنڊ (RAND) ۽ ڪئليفورنيا يونيورسٽيءَ جي تحقيق مطابق، اهي نوجوان، جيڪي گھڻو ڪري ميڊيا ۾ جنسي ڳالهيون ٻڌندا ۽ ڏسندا آهن، گھڻو ممڪن آهي ته انهن ئي ساڳين روين ۾ هُو به مبتلا ٿين. انهن محققن منجھان هڪ، ڊاڪٽر برائون جو چوڻ آهي ته نوجوان جنسي معلومات بابت غلطيءَ سان ميڊيا ڏانهن رجوع ڪري رهيا آهن، ڇو ته اهي اهڙي ڄاڻ ٻئي هنڌان حاصل ڪري نه ٿا سگھن. بدقسمتيءَ سان ميڊيا جنسي تعليم جي حوالي سان سٺي تعليم ڏيندڙ نه آهي. ميڊيا ٽن اهم شين کي ڦٽو ڪري رهي آهي، جيڪي هي آهن: وابستگي (ڪمِٽمينٽ)، ڄم-روڪ (ڪنٽراسيپشن) ۽ نتيجا (ڪانسِيقُئنسز). ميڊيا جي اثرن بابت هڪ تحقيق اهو به ٻڌائي ٿي ته ٻارن جي جنسي روين تي ميڊيا کان وڌيڪ والدين جو اثر ٿي سگھي ٿو، جڏهن اهي ان بابت ڳالهائيندا آهن. وقت ڪڍي، انهن شين تي ڳالهائڻ، جيڪي اسان جا ٻار ميڊيا تي ڏسن ٿا، انهيءَ ڳالهه جي ثابتي ڏيندو ته ٻار اهو ڪجھ سِکي رهيا آهن جيڪي اسان کانئن چاهيون ٿا، نه ڪي اهي سبق جيڪي ميڊيا کين سيکاري ٿي. اهڙيءَ طرح ٻارن کي ميڊيا جي ناڪاري اثرن کان بچائي سگھجي ٿو.
ثقلين لاشاري صاحب جو سولو ترجمو جيڪو هڪ اهم موضوع جو ترجمو آهي۔ اوهان جي بهترين شيئرنگ اسان کي پنهنجي ٻارن جو خيال رکڻ گهرجي ۽ اهو سوچڻ گهرجي ته هن کي ڇا ۽ ڪڏهن ڏسڻ گهرجي۔