پنهنجي ثقافت، پنهنجو شان!

'مختلف موضوع' فورم ۾ گل محمد شاه راشدي طرفان آندل موضوعَ ‏4 آگسٽ 2012۔

  1. گل محمد شاه راشدي

    گل محمد شاه راشدي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2012
    تحريرون:
    179
    ورتل پسنديدگيون:
    1,209
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    303
    ڌنڌو:
    شاگرد
    ماڳ:
    خيرپور
    سون ورني ڌرتي سنڌ، جتي جا ماروئڙا ماکيءَ کان به وڌيڪ مِٺا ۽ مهراڻ ڌرتي جا سوڀارا موتين جهڙا مور ماروئڙا مهمان نوازي ۽ آڌر ڀاءُ ۾ پڻ اڳڀرا رهيا آهن جيڪي هميشه پنهنجي تهذيب، ثقافت،سڀاءُ کي هانءُ سان هنڊايو ۽ سلهاڙيو اجاگر ڪيو ويٺا آهن، سنڌي ٽوپي جيڪا سنڌ جي ثقافت ۾ مرد جو شان آهي هيرن جي جڙاءَ ۾ جهرمر ڪندڙ سنڌي ٽوپي رنگن جي نواڻ ۽ مختلف ڊزائن جون تيار ٿين ٿيون، جيڪا ٻهراڙين ۾ رهندڙ هنرمند عورتون ۽ مرد تيار ڪن ٿا، سنڌ جو ماڻهو مهمان کي ڀليڪار ۾ اجرڪ اوڍائيندي فخر ڪري ٿو، اجرڪ مرد توڙي عورت اوڍي ٿي، لطيف سرڪار پڻ سنڌي سماج جي ترقي ۾ حصو وٺندڙ ڪردارن کي واکاڻيو آهي، شاهه سائين پنهنجي ڪلامن وسيلي انسانيت جو درس ڏنو، جنهن ۾ تاريخ جي لحاظ کان پڻ وڏي ڄاڻ ڏني وئي آهي، ثقافت، تمدن ڌرتي ۽ قوم جي تاريخ جا اسان ئي محافظ آهيون ڪير به اسان جي ڪلچر تي آڱر به کڻي ٿو ته سڀ متحد ٿي منهن ٽوڙ جواب ڏيڻ ۽ ثقافت جي سنڀار ڪرڻ جي سنڌ جي ماڻهو کي ڏانءُ آهي، شاهه سائين سنڌي سماج سنڌي ٽوپي کي سڃاڻپ ارپي آهي، اڄ به سنڌ جو ماڻهو ثقافتي لباس اوڍڻ ۾ فخر محسوس ڪري ٿو، هن مهراڻ جي ڌرتي جي کيتن منجهان ڪلراٺي ڀونءَ مان سرهاڻ اچي ٿي، شاهه جو رسالو پڙهي هانءُ سان هنڊايو وڃي پيو ۽ هر هنڌ پڻ موجودگي جا احساس ڏياري ٿو، انهن واين ۽ بيتن جي پيروي ڪندي اسان کي ترقيءَ سان گڏ پنهنجي ثقافت پڻ ساڻ کڻي هلڻي آهي، سنڌ ڌرتي جي سرزمين کي فخر حاصل آهي جو سندس تهذيبي ترقي جا نشان سموري دنيا کي پنهنجي اهميت مڃرائي چڪا آهن..
     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو