عبدالخالق ميڻو ذهني ورثي/عقلي ملڪيت جا نمونا ذهني ورثي جي ڏيهاڏيهي اداري/وائپو World Intellectual Property Organization = WIPO))نمونن جي لحاظ کان ذهني ورثي کي هيٺينءَ ريت ٻن درجن(Categories) ۾ ورهايو آهي: 1. حق تصنيف، 2. صنعتي ملڪيت. حق تصنيف ۾ ادبي ۽ فنڪاراڻيون/جمالياتي تخليقون شامل آهن، جڏهن ته صنعتي ملڪيت ۾ حق ايجاد، واپاري مارڪو، واپاري نانءُ، واپاري راز، حق صنعتي ڊزائين، جاگرافيائي اصليت جو نشان، وغيره شامل آهن. اينڪارٽا موجب،ذهني ورثي کي نمونن جي لحاظ کان هڪ ئي درجي ۾ رکيو آهي، يعني عقلي ملڪيت؛ جڏهن ته باقي سڀ ان جا قسم آهن، جهڙوڪ: حق تصنيف، حق ايجاد، واپاري مارڪو، واپاري نانءُ، واپاري راز، حق صنعتي ڊزائين، جاگرافيائي اصليت جو نشان، وغيره. ذهني ورثيجي سڀني مکيه نمونن جو مختصر تعارفهيٺينءَ ريتآهي: 1. حق تصنيف (Copyright): حق تصنيف ذهني ورثي جو مکيه قسم آهي ۽ قانون جي اها شاخ آهي جيڪا فقط تخليقڪارن (ليکڪن) کي پنهنجي تخليقي ڪم کي ٻيهر پيدا ڪرڻ، پکيڙڻ/تقسيم ڪرڻ، ادا ڪرڻ(Perform) يا نمائش ڪرڻ(Display)جو حق ڏي ٿي. حق تصنيف واري قانون جو مقصد آهي ته تخليقڪارن کي سندن نوَن فنڪاراڻن ۽ ادبي تخليقي ڪمن لاءِ ڪاوشن کي استعمال ڪرڻ لاءِ همٿائڻ. حق تصنيف تخليقڪارن کي پنهنجي مواد ”ادبي ۽ فنڪاراڻي/جمالياتي تخليقن“ (Literary and artistic works) جي لاءِ اقتصادي حق ڏي ٿو، جيڪي انهن کي پنهنجي تخليق کي ڪيترن ئي نمونن ۾ ظابطي لائق بڻائي ٿو، جهڙوڪ: نقل ٺاهڻ ۽ عوام ۾ ڦهلائڻ، عوام ۾ ادا (Perform)ڪرڻ، نشر ڪرڻ (Broadcast) ۽ آن لائين استعمال ڪرڻ. اهو اخلاقي حق پڻ بخشي ٿو. جهڙوڪ: ڪنهن کي به اهو حق نه آهي ته ڪو به ڪنهن جي تخليق کي بگاڙي. مواد جيڪو حق تصنيف جي ذريعي تحفظ ۾ ورتو ويندو، ان کي ”ڪم (Work) يعني ”تخليق“ سڏيو ويندو آهي. حق تصنيف جو مقصد آهي تخليقڪار کي پنهنجين ڪاوشن لاءِ اقتصادي فائدا حاصل ڪرڻ جي اجازت ڏيڻ ۽ اهڙيءَ ريت همٿائڻ، جو مستقبل ۾ نئين مواد جي تخليق ۽ ترقي جاري رهي، جيڪا اسان سڀنيجي فائدي لاءِ آهي. حق تصنيف وارو مواد اڪثر ڪري تخليقي هنر ۽/يا مکيه پورهئي ۽/يا سيڙپ جو نتيجو هوندو آهي، پر حق تصنيفواري تحفظ کان سواءِ، ٻياماڻهو اصل تخليقڪار کي بنا ڪنهن معاوضي ادا ڪرڻ جي ان مان آسانيءَ سان فائدو وٺيسگهن ٿا. حق تصنيف واري مواد جو گهڻو استعمال ڪرڻ لاءِ اڪثر ڪري حق تصنيف جي مالڪ کان اجازت وٺڻي پوندي آهي. تنهن هوندي به، حق تصنيف ۾ ڪجهه رعايت آهي، تنهنڪري ان جا ننڍڙا استعمال، ان جي ڀڃڪڙيءَ جو سبب نه ٿا بڻجن. حق تصنيف جي نشان/تنبيهه/اعلان(Copyright Notices) جي ذريعي عوام الناس کي اها سڌ پوندي آهي ته جيڪا تخليق انهن جي هٿ يا استعمال ۾ آهي سا حق تصنيف جي قانون موجب تحفظ ۾ ورتل آهي. اهو نشان تحفظ ۾ ورتل تخليق ۾/تي ڇپيل هوندو آهي، جيڪو هيٺينءَ ريت هوندو آهي: انگريزي الفابيٽ جو ٽيون اکر(ننڍو) يعني c ۽ اهو گول دائري جي اندر هجي، جهڙوڪ: © يا انگريزي ۾ ڪاپي رائيٽ (Copyright). لفظ جو مخفف جهڙوڪ: ”Copr.“ يا انگريزيءَ ۾ ڪاپي رائيٽ لفظ مڪمل طور، جهڙوڪ: ”Copyright“. ان سان گڏ تخليق جي ڇپائيءَ يا شايع ٿيڻ جو سال ۽ حق تصنيف جي مالڪ جو نالو استعمال ڪرڻ گهرجي. آخر ۾ هڪ فقرو جهڙوڪ: ”سڀ حق ۽ واسطا محفوظ“ (All rights reserved) پڻ استعمال ڪيو ويندو آهي. موجوده بين الاقواميحق تصنيف جي قانونن موجب مٿيون بيان ڪيل حق تصنيف جو نشان فرض ٿيل نه آهي. اهو اوهان جي مرضيءَ تي ڇڏيل آهي، ڇاڪاڻ جو حق تصنيف وارو تحفظ خودڪار آهي. جيئن ئي مواد ڪنهن به نموني ۾ تخليق ٿيندو ته اهو حق تصنيف واري قانون جي دائري ۾ اچي ويندو آهي، پر حق تصنيف جي خلاف ورزيءَ واري صورت ۾ تخليقڪارن کي تخليق کي پنهنجو بڻائڻ ۽ سچ ثابت ڪرڻ لاءِ ريجسٽريشن ڪرائڻي پوندي آهي. اها ريجسٽريشن اڳواٽ ٿيندي آهي. 2. حق ايجاد (Patent): حق ايجاد، هڪ اهڙو قانوني دستاويز/سَنَدَ آهي جيڪو ملڪ جي سرڪار يا ڪنهن ٻئي ملڪ جي سرڪار کان ايجاد ڪندڙ/مُوَجِدَ جي درخواست تي جاري ڪيو وڃي، جنهن ۾ مُوَجِدَ يا اصلوڪي مالڪ کي ان نئين ايجاد (Invention)/طريقي (Process)/شَي (Product)کي تيار ڪرڻ، استعمال ڪرڻ يا کپائڻ جا مخصوص حقَ محدود مدي تائين ڏنا ويندا آهن. ان دستاويز کي حق ايجاد جي سرڪاري دفتر(Patent Office) مان جاري ڪيو ويندو آهي، جنهن کي اندراج نمبر (Patent Number)پڻ ڏنو ويندو آهي، جيڪو ان نئين ايجاد وغيره جي حوالي طور ڪم آندو ويندو آهي. حق ايجاد جي سَنَدَ نئين ايجاد/طريقي/شيءِ جي فني ۽ عملي (ڪم وارن) پهلوئن بابت هوندي آهي. مختلف ملڪن ۾ حق ايجاد جو مختلف مدو هوندو آهي. جڏهن حق ايجاد جو مدو پورو ٿي ويندو آهي، ته پوءِ اها ايجاد عوام ۾ عام ڪئي ويندي آهي. حق ايجاد مُوَجِدَ ۽ سندس ڪمپنيءَ (جيڪڏهن ڪمپنيءَ جو مالڪ آهي)، مثال طور: فلپس، سونِي يا سام سنگ وغيره لاءِ وڏو لاڀائتو، اهميت وارو ۽ تحفظ بخشيندڙ آهي. حق ايجاد کي خريد، وڪڻي يا ٻين کي منتقل ڪري سگهجي ٿو. حق ايجاد، مُوَجِدَ کان وڌيڪ ٻين ماڻهن کي فائدو ڏئي سگهي ٿو، ڇاڪاڻ جو ٻيا ماڻهو حق ايجاد مان گهڻي معلومات سکي سگهن ٿا ۽ اهڙيءَ طرح ٻيا مُوَجِدَ، ايجادن جي دُهراءَ کان بچي وڃن ٿا ۽ پنهنجو وقت ٻين نين ايجادن ۾ خرچ ڪري سگن ٿا. حق ايجاد، مُوَجِدَ جي اجازت کان سواءِ، محدود مدي تائين ان جي ايجاد کي ٺاهڻ، استعمال ڪرڻ يا کپائڻ جي روڪڻ لاءِ حق بخشي ٿو. اهو مُوَجِدَ ۽ ملڪ/رياست جي وچ ۾ هڪ قسم جو وهنوار آهي جيڪو مُوَجِدَ کي ننڍڙي مدي جو اختيار ڏيندو آهي ته جيئن ايجاد جي عوام ۾ عام ٿيڻ کان اڳ پنهنجي ڪاوش جي عيوض ڪجهه مالي فائدو ۽ ناماچار حاصل ڪري سگهي. حق ايجاد، کي عام ٽيڪنالاجيءَ جي ميدان ۾ اضافي سڌاري جيان ڄاتو وڃي ٿو يعني ارتقائي سڌارو. حق ايجاد مُوَجِدَ کي اتساهه ڏيندو آهي ۽ ٻين کي وري وڌ کان وڌ ۽ نت نين ايجادن لاءِ تحقيق ڪرڻ لاءِ رِيسَ ڏياريندو آهي. 3. واپاري مارڪوڇاپ (Trademark): واپاري مارڪو/ڇاپ اهڙي نشاني آهي جيڪا هڪ واپاريءَ جي شين (Goods) ۽ خدمتن(Services) کي ٻين واپارين جي شين ۽ خدمتن کان نمايان ڪندي آهي. ان نشانيءَ ۾ لفظَ، لوگا، رنگ، نعرا، ٽه-طرفي ((Three-Dimensional نمونا، آواز ۽ تاثــرَ وغيره شامل آهن. واپاري مارڪو/ڇاپ اهڙيءَ طرح واپار جي اصليت جو ٻِلُ، ٻِلو، نشاني يا امتيازي علامت وغيره آهي. اهو بازاري اوزار آهي، جنهن کي اهڙيءَ طرح استعمال ڪيو ويندو آهي ته جيئن گراهڪَ ڪنهن به شَي جي هڪ مخصوص واپاريءَ کي سڃاڻي سگهن. واپاري مارڪي جي نشان/تنبيهه/اعلان(Trademark Notices) جي ذريعي عوام الناس کي اها سڌ پوندي آهي ته جيڪا شَي(Product) انهن جي هٿ يا استعمال ۾ آهي سا واپاري مارڪي جي قانون موجب تحفظ ۾ ورتل آهي. اهو نشان/تنبيهه/اعلان تحفظ ۾ ورتل شَي ۾/تي ڇپيل هوندو آهي، جيڪو هيٺينءَ ريت آهي: انگريزي الفابيٽ جو ارڙهون اکر(وڏو) يعني”R“ ۽ اهو گول دائري جي اندر هجي، جهڙوڪ: ® يا انگريزي ۾ ٽريڊ مارڪ (Trademark) لفظ پڻ استعمال ڪيو ويندو آهي. جيڪڏهن ڪنهن به شي جي رجسٽريشن وارو مرحلو مڪمل نه هوندو آهي ته پوءِ ان صورت ۾® جي بدران ™ اکر استعمال ڪيا ويندا آهن. 4. واپاري رازَ(Trade Secrets): واپاري رازُ ذهني ورثيجو اهڙو قسم آهي جنهن جي ذريعي ڪنهن به واپاري/ڪمپني تعلق رکندڙ ڳجهي معلومات کي تحفظ ڏنو وڃي ٿو، جنهن وسيلي واپاري/ڪمپني پنهنجو تقابلي فائدو برقرار رکي ٿي.مثال طور ڪوڪا ڪولا بوتل ٺاهڻ جو فارمولو هڪ واپاري راز (Trade Secret) آهي ۽ اهو واپاري راز ذهني ورثيجي قانون تحت محفوظ ٿيل آهي. اهو راز ڪمپنيءَ جي چند ماڻهن کي معلوم آهي پر ان راز جي کولَ ڪمپنيءَ کي ڪاپاري ڌڪ رسائي سگهي ٿي. 5. واپاري نانءُ(Trade Name): واپاري نانءٌ ۾، ڪنهن به خدمت ڏيندڙ اداري يا ڪمپنيءَ جو نالو يا لقب/خطاب شامل آهي، جنهن ذريعي اها سڃاتي ويندي آهي. اڪثر ملڪن ۾، واپاري نانءٌ واسطيدار سرڪاري اداري ۾ رجسٽر ڪيو ويندو آهي. ان جو سبب اهو آهي ته جيئن هڪ ادارو ڪنهن ٻئي اداري جو نالو استعمال نه ڪري. مثال طور مائيڪرو سافٽ (Microsoft) ڪمپني جو نانءٌ آهي، جڏهن ته ونڊوز(Windows) ان جي شَي(Product) جو نالو آهي. 6. واپاري خدمت مارڪو/ڇاپ (Trade Service Mark): واپاري خدمت مارڪو/نشان کي اڪثر ڪري هيٺ بيان ڪيل ادارا استعمال ڪندا آهن، مثال طور: هوٽل، ريسٽورنٽ، هوائي جهازراني، سياحي ايجنسيون، مسافر بس سروس، ڌوٻي خانه وغيره. 7. واپاري پوشاڪ (Trade Dress): واپاري پوشاڪ ۾ شامل آهي ڪنهن به شي جو نظري ڏيک يا ان جي پيڪنگ جو خاصيتون، عمارتي ڏيک، جهڙوڪ: هوٽل، پئٽرول پمپ، موبائل فون خدمت يا ڪمپني ۽ عمارت ۾ ڪم ڪندڙ عملي جي پوشاڪ. واپاري پوشاڪ پڻ رجسٽرڊ ٿيندي آهي. 8. حق صنعتي ڊزائين (Industrial Design Rights): حق صنعتي ڊزائين ذهني ورثو آهي، جيڪو شين جي نظري (Visual)ڊزائين کي تحفظ مهيا ڪري ٿو، جيڪو بلڪل سونهن يا ٻين معاملن جي فائديمندي تي زور ڏيندڙ نه هوندا آهن. صنعتي ڊزائين ۾ شامل آهن: شَي جي شڪل، صورت يا ڊَول، نموني يا رنگ جي جوڙجڪ، رنگ يا نموني جي جوڙجڪ ٽه طرفي((Three-Dimensional صورت ۾. 9. اشتهار جو حق (Right of publicity): اشتهار جو حقُ ذهني ورثيجو اهڙو قسم آهي جنهن جي ذريعي ڪو به واپاري/ڪمپني پنهنجي شَي جي اشتهار واري مقصد لاءِ پنهنجو نالو، نعرو يا نسبت استعمال ڪري سگهي ٿو. مثال طور ڪو به مشهور واپاري/ڪمپني، پنهنجي ڏنل شي جي مڃتا لاءِ پنهجو نالو استعمال ڪندي فائدو وٺي سگهي ٿو. اهو اشتهار ڪهڙي به نموني ۾ ٿي سگهي ٿو. مثال طور: ريڊيو، ٽيليويزن، انٽرنيٽ، ڪاغذي (اخبار، پمفليٽ، اڪيلا پنا وغيره)، عمارتن جون ڀتيون، چَوڪن جا ڪارنر، سائين بورڊ، وغيره. 10. حق اداڪار (Performers’ Rights): اداڪارن کي پنهنجي اداڪاريءَ ۾ مختلف حق بخشيل آهن، جهڙوڪ: اسٽيج، ڪانسرٽ، فلم، ڳائڻ جي ريڪارڊنگ، وغيره. ڪيترين ئي حالتن ۾، پر اڪثر ڪري نه، اداڪاري حق تصنيف واري تخليقن جي هوندي آهي؛ جهڙوڪ: ادبي، ڊرامائي يا موسيقي؛ تنهنڪري حق تصنيف واري مالڪ کي اداڪاريءَ جي لحاظ کان اداڪارن جا حق اضافي هوندا آهن. اداڪار کي براه راست اداڪاري ڪرڻ لاءِ ڪجهه حق آهن ۽ ان براه راست جي ريڪارڊنگ جي استعمال جي لحاظ کان وري ٻيا جدا حق آهن: · هڪ اداڪار کي عوام ۾ پنهنجي براه راست اداڪاري تي ضابطي جو حق آهي. ان کان اڳ جو ان براه راست اداڪاريءَ جي ريڪارڊنگ ڪئي وڃي، ان سلسلي ۾ اداڪار جي اجازت ضروري آهي. · اداڪاريءَ جي جيڪڏهن ريڪارڊنگ ڪئي وئي ته پوءِ ان جي نقل تيار ڪرڻ لاءِ ان جي اجازت پڻ ضروري آهي. ان جي ريڪارڊنگ کي عوام ۾ نشر ڪرڻ لاءِ ان اداڪار کي معاشي معاوضو ڏنو وڃي. 11. حق ڊيٽابيس (Database Right): ڊيٽابيس جو مطلب آهي ڊيٽا يا ريڪارڊن جو اهڙو مجموعو، جيڪو اهڙيءَ ريت ڪمپيوٽر ۾ ترتيب ڏنو وڃي جو ان جي ڊيٽا يا ريڪارڊن کي فرداً ڳولي سگهجي. ڊيٽابيس کي حق تصنيف يا حق ڊيٽابيس وسيلي تحفظ ڏنو ويندو آهي. حق ڊيٽابيس جي لاءِ درخواست ڏيڻ لاءِ هيٺين نقطن کي ذهن ۾ رکيو وڃي: · ڊيٽا چونڊ جي ترتيب جي لحاظ کان اصل هئڻ گهرجي. · ڊيٽا دماغي سيڙپ جو نتيجو هجي. · ڊيٽابيس ڪمپيوٽر جي گهربل ترتيب مطابق هئڻ گهرجي. · ان سان گڏوگڏ ڊيٽابيس حق تصنيف يا حق ڊيٽابيس جي گهربل ضرورتن موجب پڻ هئڻ گهرجي. حق ڊيٽابيس جي لاءِ ڪنهن به ريجسٽريشن جي ضرورت نه آهي، اهو خودڪار آهي، جيئن مواد (ڊيٽابيس) تخليق ٿيندو آهي ته اهو تحفظ ۾ اچي ويندو آهي. حق ڊيٽابيس ٻنهي نمونن يعني (ڪاغذي يا اليڪٽراني) تي لاڳو آهي. حق ڊيٽابيس جو مدو تمام ٿورو آهي. ڊيٽابيس جو حق ان جي تخليق ٿيڻ کان پوءِ 15 سال آهي ۽ جيڪڏهن شايع ڪيو ويو ته پوءِ شايع ٿيڻ جي وقت کان 15 سال مدو آهي. اهو ذهن نشين ڪرڻ تمام ضروري آهي ته ڪيترائي ڊيٽابيس حق تصنيف واري تخليقن جا مجموعا هوندا آهن، جھڙوڪ: آن لائين شاعريءَ جو ڊيٽابيس. جنهن ۾ گذريل 50 سالن جا بيت شامل آهن ۽ هر هڪ بيت حق تصنيف کان تحفظ ۾ ورتو ويندو. تنهنڪري ماڻهو جيڪي ڊيٽابيس مرتب ڪن ٿا، انهن کي حق تصنيف واري مالڪ کان سندن مواد استعمال ڪرڻ جي اجازت وٺڻ گهرجي ۽ ماڻهن کي حق تصنيف واري مالڪ جي حقن ۽ پڻ حق ڊيٽابيس مالڪ جي حقن کان به باخبر رهڻ گهرجي. 12. حق شرطيه رسد/پهچ واري ٽيڪنالاجي (Conditional Access Technology Right): ڪجهه قسمن جي نشريات ڪوڊيڊ نموني ۾ هوندي آهي ته جيئن اها فقط اهو ماڻهو حاصل ڪري سگهي يا ڏسي سگهي جنهن کي صحيح ڊيڪوڊ ڪرڻ وارو اوزار هجي. نشرياتي ادارا ان ڪري پنهنجي نشريات جا سگنل ڪوڊيڊ نموني ۾ نشر ڪندا آهن ته جيئن اهي پنهنجي نشريات لاءِ ڪجهه ڪمائي سگهن. مقر ڪيل رقم ادا ڪرڻ کان پوءِ ماڻهن کي ڊيڪوڊ ڪرڻ وارو اوزار يا ڪوڊ فراهم ڪيو ويندو آهي جنهن کان پوءِ اهو نشريات کي ڏسڻ جي لائق ٿيندو آهي. ان ساڳئي مقصد لاءِ سمارٽ ڪارڊ پڻ جاري ڪيو ويندو آهي جيڪو ڊيڪوڊر واري اوزار ۾ لڳايو ويندو آهي. نمونو ڪهڙو به هجي پر اهو سڀ شرطيه رسد/پهچ واري ٽيڪنالاجي آهي. اڄڪلهه ماڻهو غير اختياري سمارٽ ڪارڊ يا ٻيو ڊيڪوڊنگ وارو اوزار ٺاهڻ واري طريقي سان حق تصنيف واري ڪم/تخليق جي حق جي ڀڃڪڙي ڪري رهيا آهن، ان نيت سان ته هُو قانوني ڊيڪوڊرن جي ڀيٽ ۾ انهن کي گهٽ قيمت تي وڪڻندا ۽ اهڙي طريقي سان انهن ناشري ادارن جي روڪڙ کي هڙپ ڪندا. اهڙن غيرقانوني ڊيڪوڊرن جي وڪڻڻ يا ٻين وهنوارن جي روڪ ٿام لاءِ قانون سازي ٿيل آهي. 13. نباتات پيدا ڪندڙن جا حق (Plant Breeders’ Rights): مختلف جِيڻِي بيمارين جي تحفظ ۽ خوراڪ جي کوٽ کي منهن ڏيڻ لاءِ جِيڻِي ٽيڪنالاجيءَ وسيلي ٻوٽن جون جديد جنسون تيار ڪري سگهجن ٿيون. ان مسئلي کي منهن ڏيڻ لاءِ لڳ ڀڳ سڄي دنيا جون ملڪي سرڪارون دلچسپي وٺي رهيون آهن ۽ سرڪاري طور تي زرعي سائنسدانن کي همٿايو ويو آهي. اهڙي سلسلي ۾ پيدا ڪيل تخليق جا حق ۽ حق کي تحفظ ڏيندڙ قانون موجود آهن. تازو انڊيا ۽ پاڪستان جي سرڪار وچ ۾ باسمتي چانورن جي جنس تي تڪرار شروع ٿيو جيڪو اڃا نه نبريو آهي، ان جنس لاءِ ٻئي ملڪ دعوى ڪري رهيا آهن ته اها جنس انهن جي آهي. 14. جاگرافيائي نشان (Geographical Indications): جاگرافيائي نشانُ هڪ اهڙو نشان آهي جيڪو سامان/شين تي ڇاپيو ويندو، جن کي هڪ مخصوص جاگرافيائي اصليت هوندي آهي ۽ پنهنجي ان اصليت واري جڳهه جي ڪري خاصيتون يا معتبرائپ رکندا آهن. خاص ڪري زرعي شين کي خاصيتون هونديون آهن جيڪي اهي پنهنجي پيداوار واري جڳهه مان حاصل ڪندا آهن ۽ اهي خاصيتون، مخصوص مقامي سببن (جهڙوڪ: آبهوا، زمين وغيره) جي سبب ڪري هونديون آهن. اها نشاني ملڪي/قومي سڃاڻپ جو ڪم ڏئي ٿي يا وري گراهڪن جي شعور/پروڙ/ڄاڻ لاءِ استعمال ڪئي ويندي آهي. جاگرافيائي نشان زرعي شين جي لاءِ پڻ استعمال ڪيو ويندو آهي، جهڙوڪ: · تسڪني (Tuscany) اٽليءَ جي واري علائقي مان حاصل ڪيل زيتون جو تيل. · راڪفورٽ (Roquefort) فرانس واري علائقي مان حاصل ڪيل پنير (Cheese). · ڪينيا (Kenya) آفريڪا واري علائقي مان حاصل ڪيل چانهه. جاگرافيائي نشان جو استعمال زرعي شين جي لاءِ محدود نه آهي، ان کي ٻين شين جي مخصوص خاصيتن کي اجاگر ڪرڻ لاءِ پڻ استعمال ڪري سگهجي ٿو جيڪي ان شَي جي علائقائي اصليت واري انساني سببن جي ڪري هونديون آهن، جهڙوڪ: ان شَي جي تيار ڪرڻ ۾ انساني هنر ۽ رواج. علائقائي اصليت ۾ ڳوٺ، شهر، علائقو يا ملڪ شامل آهن، جهڙوڪ: · سئس يا سئزرلينڊ جون واچون، · جاپان جون ٽيلِيوِيزنون، · هالا جا اجرڪ ۽ جنڊيءَ تي ٺهيل ڪاٺ جو فرنيچر. مثال طور: Made in Japan, Swiss Made, Korean Made, Made in Pakistan جاگرافيائي نشان کي قومي/ملڪي قانون موجب مختلف تصورن تحت تحفظ ۾ ورتو ويندو آهي، جهڙوڪ: غير منصفاڻي چٽاڀيٽيءَ خلاف قانون، گراهڪن جي تحفظ وارو قانون، سَنَدِي نشانن جي تحفظ جو قانون يا جاگرافيائي نشان جي تحفظ جا خاص قانون. بنيادي طور تي، غير اختياري ڪمپني ڪنهن ٻئي قوم/ملڪ جي جاگرافيائي نشان کي استعمال نه ٿي ڪري سگهي. اهڙو استعمال گراهڪن کي شين جي جاگرافيائي اصليت بابت دوکو رسائيندو آهي. جاگرافيائي نشان کي غير اختياري استعمال ڪرڻ جي سزا/ڏنڊ هر هڪ ملڪ ۾ مختلف ٿئي ٿو جنهن ۾ جيل وڃڻ پڻ شامل آهي. 15. سيمي ڪنڊڪٽر انٽيگريٽيڊ سرڪٽ (Semi Conductor Integrated Circuit/I C): سيمي ڪنڊڪٽر انٽيگريٽيڊ سرڪٽ يعني آءِ.سِي. هڪ تمام وڏي تفصيلي منصوبي ۽ ڊزائن تحت تيار ڪيا ويندا آهن، جيڪي انساني دماغ جي تخليق هوندا آهن. اهي وڏي تجربي ۽ ماليات جي سيڙپ جو نتيجو هوندا آهن. تمام ٿوري خرچ ذريعي انهن جي منصوبي ۽ ڊزائين کي نقل ڪرڻ ممڪن آهي. سيمي ڪنڊڪٽر انٽيگريٽيڊ سرڪٽ کي حق ايجاد يا حق صنعتي ڊزائين ذريعي تحفظ ۾ ورتو ويندو آهي.