سيد ڪير آهي؟ جوکيو شفيق احمد

'اکر پڙهه الف جو' فورم ۾ جوکيو شفيق احمد طرفان آندل موضوعَ ‏4 آگسٽ 2012۔

  1. جوکيو شفيق احمد

    جوکيو شفيق احمد
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏11 جنوري 2010
    تحريرون:
    113
    ورتل پسنديدگيون:
    223
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    استاد
    ماڳ:
    ڪراچي،سنڌ
    سيد ڪير آهي؟

    سيد اهو صالح انسان، ملائڪ ۽ جن آهي، جيڪو پنهنجي رب الله وحده لاشريڪ له هڪڙي الله جي ذات جي محبت عشق ۾ فنا في الله هجي جنهن جو لاڳاپو لاهوت لا مڪان ۽ عرش جي هيٺان عرش واري جماعت سان هجي، ملاء الاعليٰ، اعليٰ عليين ۽ مقدس روحن واري جماعت سان هجي جتان نازل ٿيندڙ وحيّ الهام جو ادراڪ رکندڙ سمجهندڙ هجي.

    پر هتي رڳو بحث انسان تي آهي، خاص طور سيد ڪير آهي؟

    سيد اهو صالح انسان آهي، جيڪو آدم عليه السلام کان وٺي جن رسولن نبين جو ذڪر قرآن حڪيم منجهه آهي يا ناهي؛ مثلاَ يونان فارس ۽ هند سنڌ جي نبين کان وٺي نوح، ابراهيم ۽ ابراهيم جو اولاد يعني اسرائيل (يعقوب) ۽ اسرائيل (يعقوب) کان سندس اولاد موسيٰ عيسيٰ ۽ پڇاڙيء واري خاتم النبيّن محمّد ڪريم عليهم السلام تي ايمان هجي انهن جي سنت تي پورو هجي ان پاران جيڪي الهامي ڪتاب آندا ويا تن تي ايمان هجي.

    خاص طور آخر رسول صلي الله عليه وسلم تي ايمان هجيس، انجي سنت تي پورو هجي، سيد صالح هجي راحمين هجي، عادل هجي نقي هجي تقي هجي سجاد هجي، صلواة جو قائم ڪندڙ هجي، صائم هجي، بيت الله جو حاجي زائر هجي، فاروق هجي، انسانن ۾ عدل مساوات هڪجهڙائي جو قائل هجي، انسانن کي الله جو عيال سمجهي ۽ پاڻ کي ان عيال ۾ شامل سمجهي، نسلي فوقيت نفس ۾ نه هجيسِ،
    سرمائيدارانه جاگيردارانه نظام سسٽم جو ويري هجي، دولت ايتري رکي جيتري ڪم اچيس، زمين پاڻ کيڙي کائي، وڌاو دولت ناڻو زر زمين فالتو اضافي مال کي انفاق في سبيل الله ڪري مسڪينن منجهه ونڊي ورڇي ورهائي تقسيم ڪري، الله جي حڪم جي تعميل ڪندڙ هجي.

    پاڻ کي انسان سمجهي ۽ ما فوق الفطرت مخلوق نه سمجهي، نسلي پيشوائيت کان نفرت ڪندڙ هجي.

    غير سادات هاشمي علوي حسني حسني کي پاڻ جهڙو انسان سمجهي.

    الله جي ڪنهن به حڪم جي عدولي نه ڪري تقويٰ پرهيزگار هجيسِ ۽ الله کان تمام گهڻو ڊڄندڙ هجي.

    فسوق عصيان معاصيت کان پاڻ کي هو صورت ۾ بچائي هلي.

    جيڪو انهن گڻن وصفن خاصيتن کان وانجهيل هوندو، اهو سيد يا سادات يا محمدي علوي حسني حسيني بالڪل نه هوندو

    پڇاڙي ۾ هڪ اهم ٽٻڪو نقطو شرظ آهي ته، سيد صالح اهو هوندو جيڪو سيدنا محمّد ڪريم صلي الله عليه وسلم جي سنت (عقائد توحيدي الله تي ايمان ۽ جنهن لاء الله چيو آهي ته انهن تي ايمان ۽ ان تي پورو هوندو ۽ ان جي جماعت جي اتباع ڪندو ۽ ان مقدس محمدي جماعت يعني: جنهن لاء قرآن حڪيم هن چيو آهي ته؛

    مُحمّد الله جو موڪليل آھي، ۽ جيڪي سندس سنگتي آھن سي ڪافرن تي ڏاڍا سخت آھن ۽ پاڻ ۾ مھربان آھن کين رڪوع ڪندڙ سجدو ڪندڙ ڏسندو آھين الله جو فضل ۽ رضامندي طلبيندا آھن، انھن جي نشاني سندن منھن ۾ سجدي جي اثر کان (پڌري) آھي، اھا سندن وصف توريت ۾ آھي، ۽ سندس وصف اِنجيل ۾ آھي، (اھي) اُنھيءَ پوک وانگر آھن جنھن پنھنجو سَلو ڪڍيو پوءِ اُن کي مضبوط ڪيائين پوءِ ٿلھو ٿيو پوءِ پنھنجي سلي تي سڌي بيٺي جو ڪڙمين کي پئي وڻي (اسلامي غلبي جو به آخر اھڙو حال آھي) تانجو مؤمنن جي (ڏسڻ) ڪري ڪافرن کي ڪاوڙائي، جن ايمان آندو ۽ منجھائن چڱا ڪم ڪيا (تن کي) بخشش ۽ وڏي اجر جو الله انجام ڏنو آھي. (29) سورة الفتح

    جيڪي آسمانن ۾ آھي ۽ جيڪي زمين ۾ آھي سو (سڀ) الله جي پاڪائي بيان ڪندو آھي (جو) بادشاھ تمام پاڪ (ذات) غالب حڪمت وارو آھي. (1) (الله) اُھو آھي جنھن اڻ پڙھيلن ۾ انھن (جي قوم) مان ھڪ پيغمبر پيدا ڪيو جو وٽن سندس آيتون پڙھندو آھي ۽ کين پاڪ ڪندو آھي ۽ کين ڪتاب ۽ دانائي سيکاريندو آھي، ۽ بيشڪ اِھي (ھن کان) اڳ پڌري گمراھي ۾ ھوا. (2) ۽ انھن مان ٻـين لاءِ به جي اڃا انھن (مسلمانن) سان نه مليا آھن، ۽ اُھو غالب حڪمت وارو آھي. (3) اِھو الله جو فضل آھي انھن کي ڏيندو آھي جنھن کي وڻندو اٿس، ۽ الله وڏي فضل وارو آھي. (4) سورة الجمعة

    جڏھن الله جي مدد ۽ سوڀ اچي، (1) ۽ ماڻھن کي الله جي دين ۾ ٽوليون ٽوليون ٿي گھڙندو ڏسين، (2) تڏھن (تون) پنھنجي پالڻھار جي ساراھ سان گڏ پاڪائي بيان ڪر ۽ کانئس بخشش گھر. بيشڪ اُھو ٻاجھ سان موٽندو آھي. (3) سورة النصر

    مٿي قرآني فڪر حۡڪم تي عمل ڪندي محمّدي جماعت لاء هي فڪر رکندو، جيڪو مٿي قرآن حڪيم منجهان ثابت آهي يعني قرآن حڪيم کي سچو سمجهي ان جي تعليمات جو انڪار ڪفر نه ڪندو

    ان محمّدي انقلابي جماعت تي تبره وغيره نه ڪندو. سواء نسل پرست سيد جي.


    ڀل چوڪ معاف جي ڪڏهن هوندي ته ان جي تصحيح ڪرڻ مونتي واجب آهي.

    جوکيو شفيق احمد
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو