بي بي سي فيسبڪ جي ٿورن سان لنڊن جي K_A_S_H_M_I_R نالي هوٽل جي جناح هال، جنهن جو افتتاح 1996ع ۾ نوازشريف ڪيو هو، ۾ هڪ اجلاس هلي رهيو هو. جنهن ۾ ويهه جي لڳ ڀڳ ڏکڻ ايشيائي مرد ۽ هڪ سفيد فام عورت صدارتي ميز روايتي کُليل شلوارن ۽ ڊگهين قميصن ۾ ملبوس درجا بندي جي لحاظ کان ڏاڙهين جي قبضي ۾ هُئي. منبر تي هڪ ڪلين شيو آمريڪي ڪانگريس جو ڊيموڪريٽڪ ميمبر هو. حاضرين مان ڪجهه ماڻهو اهڙا به هئا جيڪي باريش نه هئا، انهن مان هڪ بيهي ڪانگريس جي ميمبر کي مخاطب ٿيو: “براءِ مهرباني! اسان جا خدشا ختم ڪريو. افغانستان ۾ اسان سرخ فوج کي شڪست ڏيڻ ۾ مدد ڏني. انهن ڏينهن ۾ اوهان کي اسان جي ضرورت هئي ۽ اسان پوري ريت اوهان جا وفادار هئاسين. هاڻي اوهان ڀارت جي ڪري اسان کي ڇڏي ڏنو آهي. مسٽر ڪلنٽن ڪشمير ۾ انساني حقن بدران ڀارت جي حمايت ڪري ٿو. ڇا پراڻن دوستن سان اهڙو ورتاءُ روا رکڻ گهرجي؟ سوال ورجائجڻ تي ڪانگريس جي ميمبر کي ڪاوڙ تي ڏاڍي آئي. ان سوال جو جواب هن شڪايت جي روپ ۾ ڏنو ته حاضري ۾ عورتون موجود ناهن. حاضرين جو زالون ۽ ڌيئرون اجلاس ۾ ڇو ناهن آيون؟ باريش چهرا بلڪل متاثر نه ٿيا نه ئي وري ڪنهن ان سوال جو جواب ڏنو. شايد آمريڪي ڪانگريس جي ميمبر کي اها خبر نه هئي ته اهي حضرات ٻين جي لاءِ مساوات ۽ مساوي حقن جي ڳالهه ته ڪن ٿا پر پنهنجي ذات سان سلهاڙين جنس مخالف جي زندگين کي پنهنجي ملڪيت سمجهي انهن سان جيڪا ڪار ڪنديون آهن ان لاءِ لفظ “ڀيانڪ” به ننڍڙو آهي. جيئن اسان وٽ هڪ سياسي پير صاحب آهي، جنهن جو ٽي ڀينرون حق بخشرايل آهن. هي انهن ئي ماڻهن جو تسلسل آهي جيڪي 1971ع ۾ بنگلاديش ۾ وڏي پيماني تي اجتماعي آبروريزي لاءِ رسا ڇنائي رهيا هئا. آفيسر اهو چوندي ٻڌا ويا ته ان عمل سان توهان هندو بنگالي نسل کي بهتر انسان بڻائي رهيا آهيو. ضياءَ واري نجس آمريت واري دور کان اهي ماڻهو ڪائناتي ڌرم جا ٺيڪيدار بڻيل آهن. ضياءَ جي ڇڏيل ورثي جا مجاور ته اهي ڪراچي وارا به آهن جيڪي دنيا جي باقي حصن ۾ وڃي پنهنجي لشڪري ٻولي تياڳڻ تي ته تيار آهن پر سنڌ ۾ اچي کين پنهنجي قومي ۽ پنهنجي اها قومي تشخص ياد اچي ٿي جيڪا آهي ئي ڪانه؟ ڪمال آهي، ۽ ها اسٽيبلشمينٽ انهن کي سدائين پاڙيسر ملڪن جا ايجنٽ سڏيندي رهي ۽ آخرڪار ساڻن ٺاهه ڪري پاڻ سان گڏ سنڌين تي حاڪميت جو حق به کين ئي ڏئي ڇڏيائين. اهڙن ئي ماڻهن جي باقيات جڏهن برما پهتي ته اتي به سندن رويو اهڙو ئي رهيو جهڙو سنڌ ۾. پر برما وارن کان سٺو نه ٿيو ۽ کين “برتر هُجڻ واري خوشفهمي” تي خار آئي ۽ پوءِ جيڪو ٿيو، سو سڀني جي سامهون آهي. هاڻي “باريش” برما ۾ “جهاد” جو سوچي رهيا آهن. ڪيڏي نه عجيب ڳالهه آهي ته اهي حضرات مُلڪ اندر ٿيندڙ استحصال، جبر ۽ قتل و غارت گريءَ تي خاموش آهن. بلوچستان ۾ بلوچن سان جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي اتي دين جا هي ٺيڪيدار خاموش آهن، سوين ماڻهن (جيڪي مسلمان ئي آهن) جي لاپتا هجڻ تي کين ڪو به ڏک نٿو ٿئي. جاگيردار سسٽم کان وڌيڪ ڪراچي جي پيڙهجندڙ عام ماڻهو تي سندن اک ئي نٿي ٻڏي هر نئين ڏينهن لاشن جي نيون تصويرون اخبارن ۾ ڇپجن ٿيون پر ان سان کين ڪهڙو سروڪار؟ کين ته جهاد برما ۾ وڃي ڪرڻو آهي. اها ٻيائي ناهي ته ٻيو ڇاهي؟هي لفظ ذهن ۾ رکيا وڃن ته جيڪر سنڌي ماڻهو چپ رهيا ته ڏسجو ته اهي برمي به اچي هن سنڌ ڌرتيءَ تي ٽٽندا. اها عجب جهڙي ڳالهه ناهي ته افغانستان ۾ هاد ٿئي ته به پناهه گير / ڪُوچي ڪئمپون سنڌ ۾ آباد ٿين، بنگال ۾ ٽي پيڙهيون ڳاريندڙ بهاري به جڏهن اتان نڪرن ته سنڌ ۾ بهاري ڪئمپون جڙن ۽ ڪشمير، گلگلت بلتستان يا سوات کي ڪو سيڪ اچي ته اهي به اچي سنڌ ۾ آباد ٿين. برما ۽ آسام جي مسلمانن جي حالت زار تي ڳڻتي ۾ ورتل حضرات کي ڀلا سونهاري سنڌ ڪڏهن نظر ايندي؟
پرين پيارا لڳي ايئن ٿو ته شايد ( شايد ) توهان کي ذوالفقار آباد جي خبر نه آهي يا تفصيل کان بي خبر آهيو !!!
سائين نثارابڙو توهان جي ڳالهه درست آهي ته پاڻ واري ڪراچيء وارن مجاورن کي سنڌي سکڻ جي ڳالهه به بري ٿي لڳي جڏهن ته هنن جا نسل به هتي جوان ٿي ويا۔ جڏهن هنن جي دل ۾ سنڌ ء سنڌي ٻوليء لاء مير آهي ته پوء هتان هليا ڇون ٿا وڃن اهي ڀتا خور سنڌ جا سڄڻ نٿا ٿي سهگن۔ جيڪڏهن اڄ به سنڌي قوم هوٽلن تي ويهڻ کان واندي نه ٿي پوء برما جهڙو وقت اچي ويندو ء اسان هوٽلن تان به ڪونه اٿي سگهنداسين۔
افغانستان ۾ هاد ٿئي ته به پناهه گير / ڪُوچي ڪئمپون سنڌ ۾ آباد ٿين، بنگال ۾ ٽي پيڙهيون ڳاريندڙ بهاري به جڏهن اتان نڪرن ته سنڌ ۾ بهاري ڪئمپون جڙن ۽ ڪشمير، گلگلت بلتستان يا سوات کي ڪو سيڪ اچي ته اهي به اچي سنڌ ۾ آباد ٿين. برما ۽ آسام جي مسلمانن جي حالت زار تي ڳڻتي ۾ ورتل حضرات کي ڀلا سونهاري سنڌ ڪڏهن نظر ايندي؟ لڱ ڪانڊاريدڙ ڳالهيون، جنهن لاءِ سوچڻ نه پر عمل ڪرڻ جي ضرورت آهي۔ سنڌ سونهاري آخر ڪيستائين ڀوڳيندي۔ڪيستائين؟؟