يونيورسٽين جي حالات جو ذميوار ڪير آهي۔۔؟

'راءِ شماري' فورم ۾ مست طرفان آندل موضوعَ ‏12 آڪٽوبر 2009۔

  1. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    اسلام عليڪم دوستو!
    دوستو! توهان سنڌ جي يونيورسٽين جي حالات کان واقف ته آهيو ئي،
    مان به گذريل سال سنڌ يونيورسٽيءَ مان ٽيليڪام جي ڊگري مڪمل ڪئي آهي... الله جو لک لک شُڪر آهي جو اسان جي پڙهائيءَ جي عرصي دوران ڪلاسن جا بائيڪاٽ بلڪل گهٽ ٿيا... جيڪڏهن ٿيندا به هئا ته ڪنهن حد تائين ۽ شرافت جي حد ۾... پر هاڻي روز بائيڪاٽ، جهيڙا جهڳڙا، فائرنگ جا واقعا، ان کان علاوه ڪلاسن جو نه هلڻ، بدامني ۽ هاڻي ته اهو وقت اچي ويو آهي جو يونيورسٽين ۽ انهن جي هاسٽلن ۾ ڪنهن جي جان محفوظ نه آهي،
    سال اڳ ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جي انٽرنيشنل هاسٽل ۾ ٻن ڌرين جي دوبدو فائرنگ ۾ هڪ شاگرد عبدالنبي بروهي مارجي ويو هو، ان کان ڪجهه ڏينهن پوءِ بلاڪس هاسٽل ۾ هڪ شاگرد جي پراسرار موت، وري ڪجهه مهينا اڳ مهراڻ يونيورسٽيءَ ۾ ٻن سياسي ڌرين جي درميان فائرنگ ۾ هڪ فائينل ايئر اسٽوڊنٽ مري ويو۔۔ ٻيا ته هلڪا ڦلڪا کوڙ سارا واقعا يونيورسٽين ۾ پيش اچن پيا۔۔ موبائلون روڪ رقم ڦُر ڪرڻ، ريگنگ جي دوران حد کان وڌيڪ ٽپي وڃڻ، جونيئر شاگردن کي هراسان ڪرڻ،
    پوءِ اهڙي حالات جي ڪري روز ڪلاسن جا بائيڪاٽ ٿين ٿا... اهو ڪورس جيڪو محض 54 ڪلاسن تي مشتمل هجي ٿو سڄي سيميسٽر ۾ انهن جو اڌ به مڪمل ٿي نه ٿو سگهي... ڇا اها ستم ظريفي نه آهي جو هڪ ڪلاس هلندڙ هجي ۽ محترم اُستاد ليڪچر ڏئي رهيو هجي، ڪيترا ئي مستقبل جا معمار شاگرد اُهو ليڪچر وڏي شوق ۽ ڌيان سان ٻڌي رهيا هجن ۽ اوچتو بائيڪاٽ بائيڪاٽ جي نعرن سان ڊپارٽمينٽ گونجي اُٿي ۽ ڪو وات ڳاڙهو ڪامريڊ ڇوڪرو مقدس ڪلاس جي مقدس در کي لت هڻي چئي ته نه ٿيندو ڪلاس.. بائيڪاٽ آهي بائيڪاٽ...
    انهن سمورين ڳالهين ۾ ته ظاهري طور سياسي پارٽين جا ماڻهو ملوث نظر اچن ٿا۔۔۔ پر توهان ڇا ٿا چئو۔ ته انهن ڳالهين جو ذميوار ڪير آهي۔۔۔؟
    ڇا يونيورسٽين جا منتظم ذميوار آهن، جيڪي انهن کي ايڏي ڇوٽ ڏين ٿا؟
    ڇا اهي ڪم ايجنسين جي چوڻ تي ڪيا وڃن ٿا۔۔؟
    يا انهن جا ذميوار اهي سينيئر شاگرد اڳواڻ آهن، جيڪي سياسي پارٽين جي زور تي اُصولن جي ڀڃڪڙي ڪن ٿا۔
    پنهنجي قيمتي راءِ ڏيڻ نه وساريندا۔۔۔۔۔
     
  2. عظيم

    عظيم
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏9 جون 2009
    تحريرون:
    520
    ورتل پسنديدگيون:
    28
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    سائين ڄامشورائي صاحب
    نهايت ئي اهم موضوع تي راءِ شماري وٺي رهيا آهيو
    سائين هر قوم جي ترقي جو سبب انهن جي تعليم ۽ تربيت تي دارومدار هوندو آهي
    اسان وٽ ڪجھ اهڙا افراد ۽ اهڙيون تنظيمون آهن جيڪي ظاهر ۾ ته سنڌ جا هڏ ڏوکي سڏرائين ٿا پر الاءِ ڇو سنڌ جي ترقي جي سببن ۾ رڪاوٽ بڻجن ٿا تعليم جو معيار اسان وٽ ڇو نٿو ترقي ڪري
    ڪو وڏيري جو۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ڪوڪامريڊ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ڪوفلاڻي تنظيم جو ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
    يونيورسٽين جا منتظم به آخر ڇاڪن ڪنهن کي چون ڪنهن کي ؟؟؟؟؟؟؟؟
    نه ڪنهن قانون جو خوف ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
    صرف سادي سٻاجھڙي لاء ۔۔۔
    وڌيڪ توهان جي جواب ۾ ڇا لکجي آخر ڪنهن کي ذميوار قرار ڏيو اميد ته توهان منهنجي لفظن ۾ سمجھي ويا هوندا
    sindhsalamatsaathsal
     
  3. ٻروچ

    ٻروچ
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏2 جون 2009
    تحريرون:
    289
    ورتل پسنديدگيون:
    330
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ان ۾ ڪو شڪ ڪونهي ته سنڌ جي تعليم جي تباهي ۾ايجنسيون ملوث آهن ۽ يونيورسٽي انتظاميه به بيوروڪريسي جي پسنديده هوندي آهي ۽ 1يجنسين جي مرضي مطابق ئي ڪم ڪندي۔

    پر ڏک ته پنهنجن جو آهي، جيترو نقصان نام نهاد ڪامريڊن پهچايو آهي، ان جو ازالو ڪرڻ مشڪل آهي۔ يونيورسٽي جي ڪا به هڪڙي مثبت ڳالهه ڪانهي جيڪا ڪامريڊن جي ڪري مشهور هجي، صرف منفي ۽ تباهي واريون حرڪتون مشهور آهن۔

    منهنجي نظر ۾ ڪامريڊ سڀ کان وڌيڪ ذميوار آهن، جن جا عمل سنڌ جو طالبانن وارو آهي، جيڪي سنڌ جو ٻيڙو ٻوڙڻ ٿا چاهن
     
  4. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    ادا توهان بهترين نموني رايو ڏنو آهي، ڏسون ته ٻيا دوست توهان جي ڳالهه سان متفق آهن يا نه،،،
     
  5. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    بلڪل ادا۔۔۔۔۔ ڪامريڊن جي ڪيل نقصانن جو ڪڏهن ازالو نه ٿيندو
     
  6. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    مان ادا عظيم سان متفق آهيان

    sadayeen gud
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو