• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

اَڇي ڏاڙهي، اَٽو خراب

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ مگسي
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ

مگسي

سينيئر رڪن
سنڌ جا ٻه نواب، جي دنگئي پَلئي هئا، تن مان هڪڙي، هڪ اڇي ڏاڙهي وارو ماڻهو مقرر ڪيو، جو ٻئي نواب جي دِڳي مان ڳَرٽ ڳَرٽ ڇوڪرا برغلائي ايندو هو، جن کان ڍڳن ڍورن چارڻ ۽ ٻي خدمت چاڪري جو ڪم ورتو ويندو هو. ٻِئي نواب، وري هڪ چالاڪ ڳڀرو ڇوڪرو پاڻ وٽ رکيو هو، جو وري هُن نواب جي حد مان، اڇي ڏاڙهي وارن کي ڏٽا سٽا ڏيئي، کين مقرر سَراءِ ۾ آڻي ڪڍندو هو، جتي انهن کان چَڪي پيهڻ جو ڪم ورتو ويندو هو.
هڪڙي ڏينهن پوڙهي ۽ ڇوڪري جو هڪ ٻئي سان پَلئه پيو. پوڙهي پَههُ پچايو ته، ”آئون، هن ڇوڪري کي هيٺاهيون مٿاهيون ڏئي، پنهنجي حد ۾ وٺي وڃان.“ ڇوڪري خيال ڪيو ته ”آءُ، هن پوڙهي کي پاڻ سان وٺي وڃان.“
ٻئي پنهنجي پَهن گَهن ۾ مست ۽ مگن!
نيٺ جڏهن هڪ ٻئي جي ڊهَه بَڊهَه (روبرو) ٿيا، تڏهن ڇوڪرو ٽاڙهه ڏيئي، رئندو رئندو، چاچا سائين، چاچا سائين، ڪندو، اچي پوڙهي جي پيرن تي پيو. روئي جو روئي پيو زارو زار! پوڙهي کي هن جي روئڻ تي رحم آيو. سو ڳرٽڙي پائي، پڇيائينس ته، ”ابا، روءُ نه، خبر ڪر ته روئين ڇو ٿو؟“ . ڇوڪري ڏاڍي ڍنَگَ پيچ ۽ ڦَند سان ڇَند ڪري، چيو ته ”بابو ويچارو راه رباني وٺي ويو، اما ۽ ٽي ڀينرون ڇڏي ويو آهي. ڏوڪڙ پيسو، ۽ ٻني ٻارو به آهي، پر سنڀالي ڪير؟ اما چيو ته، ”پٽ، تنهنجو چاچو هتان رُسي ويو آهي، اُن کي ڳولي ڦولهي اچ. ڏَسَ پَنڌَ ۽ پار پَتا، جيڪي ڏنا اٿس، سي سڀ چاچا، تو ۾ آهن، سو مهرباني ڪري هاڻي هَل، ۽ هلي سار سنڀال لَههُ. ، مطلب ته ڇوري، اهڙا ته حيلا هلايا، جو پوڙهو فريب ۾ ڦاسي ويو. ڇوڪري کي چيائين ته، ”پُٽ، ماٺ ڪر، روءُ رڙ نه، مون سڀ ڪاوڙ ڇڏي، هل ته هاڻي ئي هلون ٿا.“ ڇوڪر اڳيان، پوڙهو پويان. جڏهن مقرر سراءِ جي ڀرسان آيا، تڏهن ڇوڪري، پوڙهي کي چيو ته، ”چاچا، تون هل، انهيءَ جاءِ ۾، ته آئون جھنگ جو خيال لاهيو ٿو اچان.“ پوڙهو خوشيءَ سان سراءِ ۾ گهڙيو. اُتي ته اڳيئي جوان انتظار ۾ ويٺا هئا، جن پوڙهي کي پهچندو ڏسي، جھلي، چَڪَيءَ (جنڊ) تي ويهاري، ڪاسو اَن جو ڏيئي، چيائونس ته، ”پيھُ اَنُ، نه ته سِر جو خير نه ٿيندءِ“ . اتي پوڙهي سمجھيو ته، ”مار، ڇوڪرو راند هڻي ويو !“.
ڀلا هڪ پيرسن، ٻيو جنڊ ڳورو ۽ اَن گهڻو، ويچارو سو ڪري به ڪري ڇا! جي تڪڙو ٿو هلائي ته اَنُ ڏارو پيو ٿئي، جي هوريان ته اَٽو نه پيو نِبري، اچي ويو سورن ۾! مٿانئس بيٺل ماڻهو، ٿورو ۽ ڏڏريل اَٽو ڏسي، کيس چون ته، ”پوڙها، هي ڇا ٿو ڪرين؟ اَڇي ڏاڙهي ۽ اَٽو خراب!“.
مطلب: جڏهن ڪو ڪم، ڪنهن لياقت مطابق ڪيل نه ڏسڻ ۾ ايندو آهي، تڏهن ائين چئبو آهي
 

مگسي صاحب،
جيڪڏهن توهان ڪمپوزنگ نه ڪئي آهي ۽ ٻي ڪنهن جاءِ تان نقل ڪئي آهي ته مهرباني ڪري، اصل جاءِ ۽ اصل ليکڪ جو حوالو ضرور ڏيو۔ منهنجي حساب سان حوالو نه ڏيڻ هڪ غير اخلاقي فعل آهي۔ ان سلسلي ۾ منتظم اعلي ادا رشيد کي قدم کڻڻ گهرجي۔

(مٿيون پهاڪو وائيس آف سنڌ تان کنيل آهي، ان جو حوالو لکڻ گهرجي۔)
 

مگسي صاحب،
جيڪڏهن توهان ڪمپوزنگ نه ڪئي آهي ۽ ٻي ڪنهن جاءِ تان نقل ڪئي آهي ته مهرباني ڪري، اصل جاءِ ۽ اصل ليکڪ جو حوالو ضرور ڏيو۔ منهنجي حساب سان حوالو نه ڏيڻ هڪ غير اخلاقي فعل آهي۔ ان سلسلي ۾ منتظم اعلي ادا رشيد کي قدم کڻڻ گهرجي۔

(مٿيون پهاڪو وائيس آف سنڌ تان کنيل آهي، ان جو حوالو لکڻ گهرجي۔)

ادا توهانجي ڳاله درست آهي پر مون ۾ ۽ وائيس آف سنڌ ۾ ڪو فرق ناهي۔ائين سمجهو وائيس آف سنڌ منهنجي سائيٽ آهي۔

سڌو سئون چئو ته مان ٻيهر شيئرنگ نه ڪيان۔
 


منهنجا مٺا،

ان ۾ ناراض ٿيڻ جي ڪا به ڳالهه ڪانهي۔ مون ته صرف ايترو لکيو ته، تحرير جو حوالو ڏيڻ گهرجي۔ ان ۾ توهان جي دل آزاري ٿي آهي ته مان معذرت ڪيان ٿو۔

توهان جون پوسٽون ۽ ليک، سنڌي ادب جي بحر جا موتي ۽ لازوال خزانو آهن ۽ اسان جي هن فورم جي سونهن آهن۔ انهن جي ڪا ئي قيمت ڪانهي۔ منهنجو مطلب هرگز اهو نه هيو، جيئن اوهان سمجهيو پر وري به مان معافي ٿو گهران۔

ساٿ سلامت سنڌ سلامت
 

مگسي صاحب،
جيڪڏهن توهان ڪمپوزنگ نه ڪئي آهي ۽ ٻي ڪنهن جاءِ تان نقل ڪئي آهي ته مهرباني ڪري، اصل جاءِ ۽ اصل ليکڪ جو حوالو ضرور ڏيو۔ منهنجي حساب سان حوالو نه ڏيڻ هڪ غير اخلاقي فعل آهي۔ ان سلسلي ۾ منتظم اعلي ادا رشيد کي قدم کڻڻ گهرجي۔

(مٿيون پهاڪو وائيس آف سنڌ تان کنيل آهي، ان جو حوالو لکڻ گهرجي۔)

ادا سلطان توجه ڏيارڻ جي تمام گهڻي مهرباني اصل ۾ هڪ اهڙو مواد آهي جنهن ۾ حوالي جي سخت ضرورت آهي جيئن ته شاعري ڪهاڻي وغيره ان ۾ اگر ليکڪ جو نالو نه ڏنو وڃي ته اها سراسر ان سان نا جائزي آهي باقي هن قسم جي شيئرنگ ڪنهن سايٽ تان کنئي وئي آهي ڏسڻ ضروري ناهي ماڻهون ڪنهن سايٽ جو حوالو پيش ڪري اگر سايٽ جو نالو هي لڪڻو آهي ته پوء ات جي لنڪ ڏئي ڇڏجي پوء فورم تي پوسٽ ڪرڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي
باقي هي فورم اوهان سڀني سنڌي دوستن جو آهي سڀ ڪي پهنجي راء ڏيڻ جو ۽ مشورو ۽ اصلاح جو پورو پورو حق آهي ۽ جيڪڏهن اسان جي ڀاء مگسي صاحب جي ادي سلطان جي ڳاله تي ڏک ٿيو آهي ته ان لا مان به سنڌسلامت ٽيم طرفان اوهان کان معزت خواه آهيان
 
ادا مٺا ڪنهن به فورم تي ٻي سائيٽ جو نالو لکڻ غير قانوني ڪم هوندو آهي۔
باقي چوڻيون ۽ محاورا ڪنهن جا لکيل نه هوندا آهن اهي ته صدين کان آهن۔
آئندا لاءِ ڪوشش ڪندس ته حوالو ڏيان۔
مهرباني
 
ادا علي علي، ادا سلطان ۽ ادا مگسي جي ڪافي بحث کان پوءِ مان بطور ايڊيٽر هڪ عرض ڪندس ته ادا هن فورم ٺاهڻ جو مقصد ئي اهو آهي ته سنڌ ۽ سنڌ ۾ رهندڙ اٻوجهه ماروئڙن کي هڪ اهڙو پليٽ فارم مهيا ڪجي جتان اڄڪلهه جي جديد ٽيڪنالاجي واري دؤر ۾ اسان جا سنڌي ساٿي پنهنجي مٺڙي سنڌي ٻولي ۾ جديد معلومات، پنهنجي اٻوجهه ماروئڙن تائين پهچائڻ، پوءِ اها ڪنهن به ويب سائيٽ تان ورتل يا ڪاپي ڪيل ڇو نه هجي، پر رهي ڳالهه حوالو ڏيڻ جي ته ٻين ٻولين جي مختلف فورم تي واقعي ڪنهن به سائيٽ جو حوالو نه ڏنو ويندو آهي، البته وڌيڪ تفصيل پڙهڻ لاءِ انهي سائيٽ جي لنڪ ڏني ويندي آهي۔
سڀ کان پهريان مان ادا مگسي جو شڪريو ٿو ادا ڪيان جنهن سنڌ سلامت فورم جي سٿ ۾ شامل ٿيڻ کان پوءِ پنهنجي شيئرنگ کي تمام تيزي سان جاري رکيو آهي، پر هڪ گذارش ڪندو هلان ته جيڪڏهن مواد ڪنهن سنڌي ويب سائيٽ تان جيئن جو تيئن کنيو ويو آهي ته مناسب رهندو ته ان سائيٽ جو حوالو لکجي۔ پر جيڪڏهن مواد ۾ ڪا ٿوري يا گهڻي تبديلي ڪئي وئي آهي يا اهو مواد ڪنهن ڌاري ٻولي مان ورتو ويو آهي ته حوالو ڏيڻ جي ضرورت نه آهي۔
ادا علي علي جي ڳالهه سان مان 100 فيصد متفق آهيان ته شاعري ۽ ڪهاڻي جي سيڪشن ۾ ان جي اصل ليکڪ جو نالو ضرور ڏنو وڃي۔
هي ناچيز ادا سلطان جو به سنڌ سلامت ٽيم طرفان ٿورائتو آهي ته جنهن مشورو ڏنو۔
يقينن ادا رشيد سمون فورم جي قانون ۽ قاعدن تي ڪم ڪري رهيو هوندو جيڪي ڪجهه ڏينهن ۾ هن فورم تي لاڳو ڪيا ويندا.
هڪ دفعو وري گذارش ڪندو هلان ته اسان جي هن فورم جو مقصد ئي اهو آهي ته سنڌي ٻولي ۾ جيڪو به ڪم ٿي رهيو آهي اهو هن فورم تي پيش ڪجي پوءِ اهو سنڌي ۾ ٺهندڙ ويب سائيٽ هجي، يا گلوءِ جي دوڪان تي ويٺل ويچاري ولوءِ جا احوال ڇو نه هجن.
 
Back
Top