اسلام عليڪم دوستو! سدا سنڌ سلامت رهي۔۔۔ دوستو! اسان مان تقريبا سڀ دوست هن وقت تعليم جي مراحل مان گذري رهيا آهن، يقيني طور تي ڪي فائنل ايئر ۾ هوندا ته ڪي وري فائنل ڪري رزلٽ جي انتظار ۾ هوندا يا وري نوڪرين جي تلاش ۾ هوندا۔۔ اهڙن سڀني دوستن جو مقصد اهو هوندو آهي ته ڪا سٺي نوڪري حاصل ڪري ملڪ ۽ قوم جي خذمت ڪرڻ سان گڏ پنهنجو به مستقبل سنوارجي۔۔۔ ته نوڪرين جي تلاش ڪرڻ ڪا سولي نه آهي، اخبارن ۾ نوڪرين جون ڪٽنگس ڏسڻ ۽ اُنهن کي گڏ ڪرڻ هڪ مشڪل مرحلو آهي۔۔ اڳي ته انٽرنيٽ نه هوندي هئي ته هوند اها ڳالهه ڏاڍي ڏکي هئي پر هاڻي انهيءَ مسئلي جو حل انٽرنيٽ تي موجود آهي۔۔ اڄ جيڪا ويب سائٽ مان توهان سان ونڊ ڪري رهيو آهيان ۔ اُن ۾ ملڪ جي مشهور اخبارن ۾ ايندڙ نوڪرين جا اِسڪين ٿيل اِشتهار موجود آهن۔۔۔ اُنهن اخبارن ۾ ٻه روزاني جنگ، روزاني ڊان، ايڪسپريس ۽ دي نيوز جا اِسڪين ٿيل اشتهار تاريخ جي حساب سان موجود هوندا آهن، ان کان علاوه هن ۾ ايڊميشنز ۽ ٽينڊرس جا به اشتهار موجود هوندا آهن۔۔۔ مان ته سائٽ جو روز جو وزيٽر آهيان۔۔۔ www.paperpk.com sadayeen gud
ادا ڄامشورائي توهان جي وڏي مهرباني جو اهڙي قيمتي ويب سائيٽ شيئر ڪئي اٿئو توهان يقين نه ڪندو ته مان ان مرحلي مان گذري رهيو آهيان ۽ اشتهار ڏسڻ ۽ وري ان کي ڦوٽو ڪاپي ڪرائڻ ڪيترو نه ڏکيو ڪم آهي مون کان بهتر ڪنهن کي به خبر نه هوندي توهان جي ادا مهرباني لک لائق جو توهان اهڙي انمول شيئرنگ پيش ڪئي آهي لاجواب ادا
lajwab-sharinglajwab-sharinglajwab-sharinglajwab-sharing فقير سائين اسان يقين ڪئين نه ڪنداسين مفت واري اخبار وٺي وري ان جي فوٽو ڪاپي ڪرائڻ ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
ادا اسد اوهان جي مهرباني تمام قيمتي ڳالهه شيئر ڪئي آهي ڪيترائي دوست ان مسئلي ۾ مبتلا آهن روز هر اخبار وٺڻ به انهن لاء مسئلو آهي اوهان جي ان ڏسيل سائيٽ تان کين تمام گهڻي معلومات گهر ويٺي معلوم ٿيندي جيڪڏهن اوهان جي ان مدد سان ڪنهن کي نوڪري نصيب ٿي ته ان ڀلائي جي ڪم ۾ توهان جو حصو هوندو ڇو ته حديث شريف ۾ آهي الدال علي الخير کفاعله يعني ڀلائي جي ڪم جو ڏس ڏيندڙ به ان ڀلائي جي ڪم ڪندڙ وانگر آهي مقصد ته ڀلائي جي ڪم جي ڏس ڏيندڙ کي ايترو اجر ملندو جيترو ان ڀلائي جي ڪم ڪرڻ واري کي ملندو۔
ادا سائين تمام بهترين شيئرنگ آهي، خاص ڪري اڄڪلهه جي نوجوانن کي ته انهي شيئرنگ جي سخت کان سخت ضروت آهي، بيروزگار ويچارا جڏهن فوٽو اسٽيٽ وارن وٽ هڪ اشتهار جي لاءِ ويندا آهن جنهن جي جي قيمت 2 روپيا هوندي آهي ان جا 5 روپيا وٺندا آهن. هاڻي ته واه واه ٿي وئي بس اسان بيروزگارن جو مسئلو حل ٿي ويو.
مهرباني ادا رحيم۔۔۔ توهان صحيح ٿا چئو۔۔۔۔ منهنجي اها سوچ هوندي آهي ته منهنجي ٿوڙي لفظن يا عمل سان ڪنهن جو ڀلو ٿئي ته پوءِ ان ۾ منهنجو ڪهڙو نقصان آهي۔۔۔۔ ماڻهو ٻين جي ڀلي لاءِ ڪم ڪندو ته الله پاڪ به انهيءَ انسان جي مقدر کي اوترو ئي بلند ڪندو ويندو۔۔۔۔۔ توهان جي بهترين راءِ جي مهرباني ادا۔۔۔۔۔
بلڪل ادا اها حالت هر بيروزگار ماڻهو سان آهي، مان ته پنهنجي والد جو ٿورائتو آهيان جنهن هي ڪمپوزنگ جو دڪان شروع ڪري ڏنو نه ته بيروزگاري هوند مونکي چٻاڙي ڇڏي ها۔۔۔ ڦوٽو اسٽيٽ وارا جيڪي اسان جهڙن بيروزگارن سان حالت ڪن ٿا اسان کي ئي خبر آهي۔۔۔۔