• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

يوٽيوب جون وڊيوز ڪنورٽ ٿيل فارميٽ ۾

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ مست
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ

مست

سينيئر رڪن
اسلام عليڪم دوستو!
سنڌ سلامت هجي سدا۔۔۔
اڳ ۾ مان توهان سان يوٽيوب تان وڊيو ڊائونلوڊ ڪرڻ جو هڪ سهڻو ۽ مختصر مگر جامع طريقو شيئر ڪيو هو پر اُن ٽِپ سان جيڪي وڊيوز ڊائونلوڊ ٿين پيون انهن ۾ هڪ مسئلو هو ته اهي موبائل يا ڪمپيوٽر ۾ هلائڻ لاءِ ڪنورٽ ڪرڻيون پَون پيون۔ يا وري اُنهن کي هلائڻ لاءِ ڪنهن مخصوص سافٽ ويئر يا ڪوڊيڪ جي ضرورت پوي پئي۔۔۔ انهي مسئلي کي نظر ۾ رکندي اڄ جيڪا سائٽ مان توهان سان شيئر ڪيان پيو، اُها به پنهنجي حساب سان تمام بهترين آهي۔۔
هن ويب سائٽ تان توهان ڪا به يوٽيوب جي وڊيو ٿري جي پي، ايم پي فور يا ايف ايل وي فارميٽ ۾ ڊائون لوڊ ڪري سگهو ٿا جنهن سان اهي وڊيوز آساني سان ڪنهن به موبائل يا ڪمپيوٽر ۾ هلي وينديون۔۔
طريقو سولو آهي۔۔ توهان جنهن وڊيو کي ڊائونلوڊ ڪرڻ چاهيو ٿا اُن جو لنڪ ڪاپي ڪري ورائيٽ لنڪ هيئر واري جڳهه تي پيسٽ ڪريو ۽ فارميٽ سليڪٽ ڪري ڊائون لوڊ جي بٽڻ تي ڪِلڪ ڪريو، اڳئين پيج ۾ هيٺ مطلوبه وڊيو جو ڊائونلوڊ لنڪ اچي ويندو۔۔
www.esmsplace.com/youtube
دعائن سان اجازت ڏيندا۔۔۔
 
sadayeen gud



21716211.jpg
 
ادا ڄامشورائي توهان جي شيئرنگس جو جواب ناهي توهان يقين ڪريو ته مان ان مونجھاري ۾ هو س ته يو ٽيوب ته وِيڊيو ڊائونلوڊ ڪرڻ کان پو۽ ڪنورٽ ڪرڻ جو مسئلو هو جيڪو توهان حل ڪري ڏنو مهرباني ادا

توهان جي اهڙي بهترين شيئرنگ جو انتظار رهندو مهرباني ادا
 
ادا هڪ ڳالهه جي وضاحت ڪريان۔۔ هن سائٽ تان جيڪو ايم پي فور فارميٽ ۾ وڊيو ڊائونلوڊ ٿئي ٿو۔،، اهو ڪجهه موبائلز ۾ هلي ٿو ۽ ڪجهه ۾ نه
 
Back
Top