سنڌ جو سفر:مڪليءَ جو سيرمڪليءَ جي سير تي ويس. آءُ صبح جو سوير اوڏانهن روانو ٿيس ۽ 4 بجي تائين اتي گهمندو رهيس. هيءَ مشهور ٽڪري ٺٽي کان هڪ ميل جي مفاصلي تي آهي، ۽ شهر جي اولهه کان اتر ڏانهن وڃي ٿي. اٺ ميل ڊگهي ۽ هڪ ميل کن ويڪري آهي ۽ سندس سراسري اوچائي 55 فوٽ آهي. چيو وڃي ٿو ته هن ٽڪريءَ تي اهو نالو اتي رهندڙ هڪ مهاڻيءَ عورت تان پيو آهي. جنهن جو ڪنهن زماني ۾ اتي مڇين ۽ پَلن جو ڪاروبار هوندو هو. هن مختصر ٽڪريءَ 500 کن قبن واريون، ۽ بيشمار اهڙيون قبرون آهن، جن تي ڪابه ڇت ڪانه آهي. هيءُ ڄڻ هڪ تمام وڏي آباديءَ وارو شهر خموشان آهي. مون کي فقط هيٺين وڏين جاين کي چڱيءَ طرح ڏسڻ جو وقت ملي سگهيو. 1. عيد گاه، جا هڪ شاندار مسجد آهي، جتي هر سال ٻه دفعا شهر جا سمورا مسلمان گڏ ٿي خداوند ڪريم جي حضور ۾ شڪراني جي نماز ادا ڪندا آهن، اها مسجد (عيدگاه) سنڌ جي هڪ گورنر يوسف خان جي ٺهرايل آهي، ان تي وڏن سهڻن نستعليق اکرن ۾ هيٺين عبارت جو هڪ ڪتبو لکيل آهي. ”هي عبادت گاه طاقتور حاڪم يوسف خان جي ٺهرايل آهي. هن ان کي اهڙوئي عظيم الشان بنايوآهي، جهڙي عظيم سندس قسمت آهي“. [1]هن عمارت جي تڪميل جو سال 1043هه مطابق 1633ع ڄاڻايل آهي. 2. ٻن اڳوڻن وزيرن، مرزا جانيءَ ۽ مرزا غازيءَ جا مقبرا _ هي 1695ع جا ٺهيل آهن. 3. طغرل جي ٺهرايل شاهي مسجد، جنهن جي تعمير 1090ع بمطابق 1679هه ۾ ٿي آهي. 4. ٺٽي جي ٻن سابق گورنرن مرزا عيسيٰ ۽ مرزا عنايت الله جا مقبرا. هي نهايت عمدي پيلي رنگ جي پٿرن جا ٺهيل آهن، جن تي سهڻيون گلڪاريون اُڪريل آهن. هي مقبرا مڪليءَ جي سڀني عمارتن ۾ سهڻا آهن. 5 . هڪ وزير جو مقبرو، جو 1084هه مطابق 1638ع ۾ جڙيو آهي. 6. هڪ نواب جو مقبرو، جو 966هه ۾ مطابق 1558ع ۾ جڙيو آهي. 7. قاضي پير اسد جو مقبرو، جو 9 فوٽ ڊگهو آهي. ان جي تعمير جو سن پڙهڻ ۾ نٿو اچي. 8. بغداد واري بزرگ سيد پيران پير عبدالقادر جيلانيءَ جي فرزند سيد عبدالله جو مقبرو. 9 . ميران محمد جو مقبرو، جو 1059هه مطابق 1649ع ۾ جڙي راس ٿيو آهي. 10. شيخ ضياءَ جو مقبرو، جو 1129هه مطابق 1719ع ۾ ٺهيو آهي. 11. هڪ بادشاهه جو مقبرو، جو 1109هه مطابق 1797ع ۾ تعمير ٿيل آهي. 12. بابا عيسيٰ لنگوٽيا بند جو مقبرو، جيڪو 920هه مطابق 1514ع جو جڙيل آهي. 13. جوکيا قوم جي مرشد سيد علي شيرازي جو مقبرو، جيڪو 1190هه مطابق 1776ع ۾ ٺهي راس ٿيو آهي. مون کي پنهنجي سرڪاري ذميدارين جي سلسلي ۾ هن دفعي 13نقطن واري ان رٿيل معاهدي کي فارسيءَ ۾ ترجمي ڪرڻ جو فخر نصيب ٿيو، جيڪو انگريز ميرن جي ڪومت تي، مڙهڻ وارا هئا، مون سڄي رات جاڳي هيءُ ڪم ڏهن ڪلاڪن اندر پورو ڪيو. صبح جو هي ترجمو منظوريءَ لاءِ ريزيڊنٽ صاحب جي اڳيان پيش ڪيم، جنهن (پنهنجي ڏکئي خط ۾ لکيل) انگريزي مسودو هٿ ۾ جهلي مون کي ان جي فارسي ترجمي پڙهڻ جو حڪم ڏنو، جو صحيح ثابت ٿيو، ۽ ريزيڊنٽ ان جي منطوري ڏني. ڪئپٽن ايسٽوڪ منهنجي خدمتن لاءِ پسنديدگي ڪندي، پنهنجي کيسي مان مون کي 500 رپيا انعام ڏنا ۽ ريزيڊنٽ ان کان به وڌيڪ انعام ڏيڻ جو واعدو ڪيو. پنجين تاريخ جو، اسان جي پهريدارن هڪڙي مڪاني بلوچ باشندي کي خون ڪري وڌو. هن کي ڪئمپ ۾ ديسي شراب وڪڻندي گرفتار ڪيو ويو ۽ کيس دُرن جي سزا ڏني وئي هئي. هن غريب ڏوهه ته ڪيو هو، مگر کيس ان جي سزا جي ڪابه خبر نه هئي. جڏهن کيس پڪڙي گارڊ ڪوارٽر ڏانهن نيو پئي ويو، ته هو پنهنجي تلوار ڍال کان ڪم وٺڻ لڳو هڪ پهريدار تي هن تلوار جا ٽي وار ڪيا، جن ۾ هن جي بندوق جو قنداق به ڀڄي پيو. چوڪيدار جي ڦٽي هو اٿي ڀڳو. مگر جڏهن سرجان ڪين ۽ ڪرنل مئڪڊونالڊ جي تنبن وٽ آيو، ته مٿس گوليون ڇٽيون، جن مان هڪ سندس سيني مان پار ٿي وئي ۽ جوان اچي هيٺ ڦهڪو ڪيو. زمين تي ڪرڻ شرط سندن روح خاڪي جسم مان پرواز ڪري چڪو هو. ان طرح هو چهبڪن جي سزا کان بچي ويو! قادر بخش نظاماڻي جي ڪتاب۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ” سنڌ جو سفر“ مان ورتلمڪليءَ جي سير تي ويس. آءُ صبح جو سوير اوڏانهن روانو ٿيس ۽ 4 بجي تائين اتي گهمندو رهيس. هيءَ مشهور ٽڪري ٺٽي کان هڪ ميل جي مفاصلي تي آهي، ۽ شهر جي اولهه کان اتر ڏانهن وڃي ٿي. اٺ ميل ڊگهي ۽ هڪ ميل کن ويڪري آهي ۽ سندس سراسري اوچائي 55 فوٽ آهي. چيو وڃي ٿو ته هن ٽڪريءَ تي اهو نالو اتي رهندڙ هڪ مهاڻيءَ عورت تان پيو آهي. جنهن جو ڪنهن زماني ۾ اتي مڇين ۽ پَلن جو ڪاروبار هوندو هو. هن مختصر ٽڪريءَ 500 کن قبن واريون، ۽ بيشمار اهڙيون قبرون آهن، جن تي ڪابه ڇت ڪانه آهي. هيءُ ڄڻ هڪ تمام وڏي آباديءَ وارو شهر خموشان آهي. مون کي فقط هيٺين وڏين جاين کي چڱيءَ طرح ڏسڻ جو وقت ملي سگهيو. 1. عيد گاه، جا هڪ شاندار مسجد آهي، جتي هر سال ٻه دفعا شهر جا سمورا مسلمان گڏ ٿي خداوند ڪريم جي حضور ۾ شڪراني جي نماز ادا ڪندا آهن، اها مسجد (عيدگاه) سنڌ جي هڪ گورنر يوسف خان جي ٺهرايل آهي، ان تي وڏن سهڻن نستعليق اکرن ۾ هيٺين عبارت جو هڪ ڪتبو لکيل آهي. ”هي عبادت گاه طاقتور حاڪم يوسف خان جي ٺهرايل آهي. هن ان کي اهڙوئي عظيم الشان بنايوآهي، جهڙي عظيم سندس قسمت آهي“. [1]هن عمارت جي تڪميل جو سال 1043هه مطابق 1633ع ڄاڻايل آهي. 2. ٻن اڳوڻن وزيرن، مرزا جانيءَ ۽ مرزا غازيءَ جا مقبرا _ هي 1695ع جا ٺهيل آهن. 3. طغرل جي ٺهرايل شاهي مسجد، جنهن جي تعمير 1090ع بمطابق 1679هه ۾ ٿي آهي. 4. ٺٽي جي ٻن سابق گورنرن مرزا عيسيٰ ۽ مرزا عنايت الله جا مقبرا. هي نهايت عمدي پيلي رنگ جي پٿرن جا ٺهيل آهن، جن تي سهڻيون گلڪاريون اُڪريل آهن. هي مقبرا مڪليءَ جي سڀني عمارتن ۾ سهڻا آهن. 5 . هڪ وزير جو مقبرو، جو 1084هه مطابق 1638ع ۾ جڙيو آهي. 6. هڪ نواب جو مقبرو، جو 966هه ۾ مطابق 1558ع ۾ جڙيو آهي. 7. قاضي پير اسد جو مقبرو، جو 9 فوٽ ڊگهو آهي. ان جي تعمير جو سن پڙهڻ ۾ نٿو اچي. 8. بغداد واري بزرگ سيد پيران پير عبدالقادر جيلانيءَ جي فرزند سيد عبدالله جو مقبرو. 9 . ميران محمد جو مقبرو، جو 1059هه مطابق 1649ع ۾ جڙي راس ٿيو آهي. 10. شيخ ضياءَ جو مقبرو، جو 1129هه مطابق 1719ع ۾ ٺهيو آهي. 11. هڪ بادشاهه جو مقبرو، جو 1109هه مطابق 1797ع ۾ تعمير ٿيل آهي. 12. بابا عيسيٰ لنگوٽيا بند جو مقبرو، جيڪو 920هه مطابق 1514ع جو جڙيل آهي. 13. جوکيا قوم جي مرشد سيد علي شيرازي جو مقبرو، جيڪو 1190هه مطابق 1776ع ۾ ٺهي راس ٿيو آهي. مون کي پنهنجي سرڪاري ذميدارين جي سلسلي ۾ هن دفعي 13نقطن واري ان رٿيل معاهدي کي فارسيءَ ۾ ترجمي ڪرڻ جو فخر نصيب ٿيو، جيڪو انگريز ميرن جي ڪومت تي، مڙهڻ وارا هئا، مون سڄي رات جاڳي هيءُ ڪم ڏهن ڪلاڪن اندر پورو ڪيو. صبح جو هي ترجمو منظوريءَ لاءِ ريزيڊنٽ صاحب جي اڳيان پيش ڪيم، جنهن (پنهنجي ڏکئي خط ۾ لکيل) انگريزي مسودو هٿ ۾ جهلي مون کي ان جي فارسي ترجمي پڙهڻ جو حڪم ڏنو، جو صحيح ثابت ٿيو، ۽ ريزيڊنٽ ان جي منطوري ڏني. ڪئپٽن ايسٽوڪ منهنجي خدمتن لاءِ پسنديدگي ڪندي، پنهنجي کيسي مان مون کي 500 رپيا انعام ڏنا ۽ ريزيڊنٽ ان کان به وڌيڪ انعام ڏيڻ جو واعدو ڪيو. پنجين تاريخ جو، اسان جي پهريدارن هڪڙي مڪاني بلوچ باشندي کي خون ڪري وڌو. هن کي ڪئمپ ۾ ديسي شراب وڪڻندي گرفتار ڪيو ويو ۽ کيس دُرن جي سزا ڏني وئي هئي. هن غريب ڏوهه ته ڪيو هو، مگر کيس ان جي سزا جي ڪابه خبر نه هئي. جڏهن کيس پڪڙي گارڊ ڪوارٽر ڏانهن نيو پئي ويو، ته هو پنهنجي تلوار ڍال کان ڪم وٺڻ لڳو هڪ پهريدار تي هن تلوار جا ٽي وار ڪيا، جن ۾ هن جي بندوق جو قنداق به ڀڄي پيو. چوڪيدار جي ڦٽي هو اٿي ڀڳو. مگر جڏهن سرجان ڪين ۽ ڪرنل مئڪڊونالڊ جي تنبن وٽ آيو، ته مٿس گوليون ڇٽيون، جن مان هڪ سندس سيني مان پار ٿي وئي ۽ جوان اچي هيٺ ڦهڪو ڪيو. زمين تي ڪرڻ شرط سندن روح خاڪي جسم مان پرواز ڪري چڪو هو. ان طرح هو چهبڪن جي سزا کان بچي ويو! قادر بخش نظاماڻي جي ڪتاب۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ” سنڌ جو سفر“ مان ورتل