سنڌ جو سفر: سيوهڻ جو سير22 تاريخ چڱو سيءُ هو. آسمان ڪوهيري سان ڀريو پيو هو. مان سيوهڻ جو شهر ڏسڻ ويس، جنهن ۾ اٽڪل 5 هزار کن گهر آهن ۽ 15 هزار آبادي آهي. لال شهباز جو قبو نهايت شاندار آهي. هيءَ عمارت 1148هجري جي ٺهيل آهي. دروازي تي ڪاٺ جي پڃري ۾ هڪ وڏو شينهن بيهاريل آهي. 23 تاريخ 9 ميل مارچ ڪري، اسين ٽلٽيءَ جي ڳوٺ ۾ پهتاسون. اسان جي فوج کي سيوهڻ وٽ درياءَ جي هڪ شاخ اڙل کي پار ڪرڻو هو. اسان جي انجنيئرن هن شاخ مٿان ٻيڙين جي هڪ سٺي پل ٺاهي ورتي هئي. فوج جو مال اسباب اڳيئي هُن ڀر موڪليو ويو هو. ٽلٽي ٻن هزار گهرن وارو وڏو ڳوٺ آهي، جو تازي مٺي پاڻيءَ جي هڪ شاهي ڍنڍ جي ڪناري تي ٻڌل آهي. اسان جو 24 تاريخ وارو مارچ ڏاڍو تڪليف وارو هو. 25 تاريخ پوني واري گهوڙن جي دستي (پونا اريگيولر هارس) جو ڪمانڊر” ڏاجي گهورپور“ مون سان ملڻ آيو. هو هڪ خانداني شخص آهي. جو انگريزي فوج ۾ گهڙڻ کان اڳ پيشوا جي نوڪريءَ ۾ هو. هو ڪشادن خيالن جو هڪ معزز ماڻهو هو. ڪالهه واري گوڙ ۾ ڊاڪٽر روڪ (Dr. Rock) جو ڪجهه سامان چورائجي ويو. اڄ عيدالاضحيٰ جو ڏينهن آهي، سڀني مسلمان دوستن مون کي خطبي پڙهڻ لاءِ چيو، پر ٿَڪُ هئڻ جي ڪري معذرت ڪيم، رڪن جو ڳوٺ، جتي هاڻي اسين پهچي ويا هئاسون، هڪ وڏو ڳوٺ آهي ۽ سيوهڻ کان 30 ميلن جي مفاصلي تي آهي. هن ڳوٺ جو ملان بلڪل اڻ پڙهيل سنڌي هو. اڄوڪي عيد جي مقدس موقعي تي اسين نماز کان محروم رهجي وياسون، ۽ منهنجي زندگيءَ ۾ اهو پهريون واقعو هو. 26 تاريخ صبح جو، ڏاڍي ٿڌ هئي ۽ رات اسان جي مَٽن ۽ گهڙن ۾ به پاڻي ڄمي ويو هو. اڄ ڏهه ميل مارچ ڪري اسين گهلوءَ جي ڳوٺ ۾ پهتاسون. گذريل ٽن منزلن کان وٺي زمين لوڻاٺي ڏسڻ ۾ اچي رهي آهي. هن ضلعي ۾ لوڻ جام پيدا ٿو ٿئي. وڏا ڍڳ ٺاهي، مٿانس مٽيءَ جو تهه ڏئي، ان کي رکيو وڃي ٿو. جاچ ڪرڻ تي مون ڏٺو ته هتان جي لوڻ ۾ شوري جو جزو هندستان جي ٻين حصن کان وڌيڪ ٿئي ٿو. 27 تاريخ 16 ميل پنڌ ڪري گهاري وٽ آياسون جو پير پنجي کان 6 ميل پرڀرو آهي، پير پنجي ۾ ان نالي جي هڪ بزرگ جي مزار آهي. هيءُ بزرگ مسلمان بزرگن جي ان فرقي مان هو، جيڪي سدائين پاڻ کي فقط ڪاري ڪمبل يا کٿي ۾ ملبوس رکندا آهن. هيءَ مسافري ڪافي لنبي ۽ ٿڪائيندڙ هئي. اسان کي ٻيلن مان لنگهڻو پيو، جي هن ٽُڪري ۾ ايترا گهاٽا نه آهن. سيوهڻ کان اتر ڏانهن جيئن مٿي تائين ٽوپين پائڻ جو رواج گهٽجندڙ آهي، هتي گهڻو ڪري مٿن تي سهڻا سفيد پٽڪا ٻڌا وڃن ٿا. 28 تاريخ 6 ميل ڪري چنا ڳوٺ ۾ پهتاسون، رستو سٺو هو ۽ هتان جي زمين سموري ڏاڍي ڀلي ڏسڻ ٿي آئي. ٿڌ به هاڻي گهٽجي رهي آهي. 1 مارچ 1839ع اڄ انگريزي فوج جي سپهه سالار پنهنجي منزل بابت ارادو بدلايو، جنهن ڪري ڪافي مونجهارو پيدا ٿيو آهي. اول هن هتان 16 ميلن جي پنڌ تي ”ڳوري ڳوٺ“ ۾ منزل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. پر وري حڪم ڪيائين ته 10 ميلن جي پنڌ تي فتحپور جي ڳوٺ ۾ منزل ڪئي ويندي. ڪيترا هن گڙٻڙ ۾ رستو ڀلجي ويا ته ڪن کي وري ڳوري تائين پهچي، اتان واپس فتحپور موٽڻو پيو. 2 تاريخ 16 ميل پنڌ ڪري باقراڻي ڳوٺ ۾ آياسون ڇوجو رستي ۾ درياءَ جي هڪ شاخ (الهندو نارو) هئي، جنهن تان فوج کي ننڍين ٽولين ۾ پار ڪرڻو هو. 3 تاريخ اسان کي اتي ئي گذارڻي پئي. هن واهه جي وچ ۾ پاڻي 6 فوٽ اونهو هو. قادر بخش نظاماڻي جي ڪتاب۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ” سنڌ جو سفر“ مان ورتل