رياضت ٻرڙوآءٌ انهيءَ جي پيرَ پڻِي سچل، سامي، ڀٽ ڌڻي، جنهن ۾ ڀي ڪا قرب ڪَڻي، آءٌ انهيءَ جي پيرَ پڻي: ڇو ته اُهو هيءَ ڌرتي آ، ڇو ته ڇپر مان ڇاٽَ ڇڻي- هُونءَ ته مون ۾ ’آءُ گھڻي، هُونءَ ته مون ۾ ’آءُ گھڻي. (شيخ اياز) ***5 اپريل کان سڄي پاڪستان ۾ گھر شماري شروع ٿي آهي، جيڪا 19 اپريل تائين ٿِيڻي آهي، جنهن کان پوءِ آدم ڳڻپ جو ٻيو سلسلو شروع ڪيو ويندو. اوهان ڄاڻيندا هوندا ته گذريل آدم شماري 1998ع ۾ ٿي هئي، ۽ وري 12 سالن کان پوءِ هي اهم مرحلو شروع ٿيو آهي.... گھر شماري هجي يا آدم شماري، ٻنهي جو مقصد اهو آهي ته آباديءَ جي، ان جي واڌ جي سُڌ پوي، ته جيئن پاڪستان جي چئني صوبن ۾ رهندڙ ماڻهن جي وچ ۾ مختلف معاملن کي درست طرح نبيري سگھجي ۽ کين وسيلن جي ورڇ ۾ حصو پَتي ڏئي سگھجي.... ان حوالي سان، سرڪار مختلف ٽيمون ٺاهيون آهن جيڪي گھر شماري ڪري رهيون آهن. جيتوڻيڪ ان ڪم جي اهميت کي حڪومتي سياسي ڌُر سميت ٻين سڀني سياسي ۽ سماجي ڌُرين محسوس ڪيو ۽ سمجھيو آهي، ان ڪري ان کي بهتر کان بهتر ۽ وڌ ۾ وڌ ڀرپور ۽ درست بڻائڻ لاءِ اُپاءَ ورتا آهن ۽ عوامي جاڳرتا مهمون هلايون آهن، تڏهن به ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته اها عوامي سجاڳيءَ جي مهم گھر-شماري پوري ٿيڻ واري تاريخ 19 اپريل تان ضرور هلي ۽ پوءِ جڏهن آدم شماري شروع ٿئي ته ساڳئي تسلسل سان برقرار رهي.... ان سلسلي ۾ اوهان پنهنجن پاڙن ۾ ضرور اها ڪوشش ڪيو ته سڀ گھرَ ڳڻپ هيٺ اچن، ڪو به گهر ڳڻپ کان رهجي نه وڃي، هر گهر تي نمبر ضرور لڳي، جنهن گهر ۾ وڌيڪ ڪُٽنب رهندڙ آهن، اهي الڳ الڳ گهر طور ڳڻپ ۾ اچن ۽ انهن جا الڳ نمبر به ٻاهرين مُک در تي لکيا وڃن. اِهو تمام ضروري آهي، ٻيءَ صورت ۾ اهو گهر يا ڪٽنب ڄڻ آهي ئي نه. اميد ته انهن گذارشن تي اوهان سوچ ويچار ڪندا ۽ عمل هيٺ آڻيندا.... ***اڄ اوهان کي قنبر شهر سان تعلق رکندڙ ٻن ڀلوڙ فنڪار ڀائرن بابت مختصراً ڄاڻ ڏيندو هلان، جن گھريلو مجبورين سبب جيتوڻيڪ ٿورا ڪلام ئي ريڊيو تي ڳايا، پر اهي پنهنجي خاص سنڌي رنگ ۾ رڱيل هئا.... انهن ٻن ڀائرن جا نالا آهن استاد محرم علي ٻرڙو ۽ استاد اشرف علي ٻرڙو. سندن والد جو نالو استاد احمد علي خان ٻرڙو هو. استاد اشرف علي ڪيئي سال اڳ 1996ع ۾ دل جي دوري سبب اوچتو گذاري ويو ۽ استاد محرم علي قنبر ۾ گوشه نشينيءَ جي زندگي گذاري رهيو آهي. ٻئي ڀائر جيتوڻيڪ اسڪول ۾ پڙهائيندا هئا ۽ سندن سڃاڻپ هوشيار ۽ لائق استادن واري هئي، پر موسيقيءَ سان سندن چاهه هو. اهڙو ئي چاهه هنن جو هڪ ٻئي سان به هو, جو ٻئي گڏ ئي ڳائيندا هئا، اڪيلي سِر هنن ڪڏهن به نه ڳايو.... سندن بنهه ٿورا ڪلام ريڊيو پاڪستان حيدرآباد ۽ خيرپور تي رڪارڊ ڪيل آهن، پر اهي پنهنجي سنڌي موسيقيءَ جي حوالي سان اهم آهن. ٻئي ڀائر موسيقيءَ جا مختلف انسٽرومينٽ وڄائڻ ۾ ماهر، جن ۾ خاص ڪري هارمونيم، جلترنگ، پيانو، سِتار، ڪِي بورڊ، بينجو ۽ اڪارڊين به شامل هئا.... ٻنهي ڀائرن ۾ وڏو، استاد محرم علي 12 نومبر 1939ع تي پيدا ٿيو. هن ايم اي تائين تعليم حاصل ڪئي ۽ سڄي حياتي پڙهائڻ ۾ گذاري ۽ 1998ع ۾ رٽائرمينٽ ورتي. موسيقيءَ سان سندس لڳاءُ ننڍپڻ کان ئي ٿيو جيڪو سڄي ڄمار رهيو آهي.... ٻئي طرف سندس ننڍو ڀاءُ استاد اشرف علي نالي وارو حڪيم ۽ هيڊماسٽر پڻ رهيو. هُو 20 آگسٽ 1945ع تي پيدا ٿيو. هن پڻ ايم اي پرائيويٽ ڪئي ۽ سڄي ڄمار پڙهائڻ ۾ گذاري. کيس موسيقيءَ جي علم جي پڻ وڏي ڄاڻ حاصل هئي. سندس وفات 22 جنوري 1996ع تي، دل جي دوري سبب، قنبر ۾ ٿي.... ٻنهي ڀائرن وٽ ملاقات لاءِ نالي وارو راڳي استاد امانت علي خان پڻ قنبر ڪَهي ايندو هو. جڏهن ته سندن ملاقاتون استاد حضور بخش خان، خان محمد ’سائل‘، استاد خورشيد علي خان، استاد سلامت علي خان، استاد نزاڪت علي خان، استاد اميد علي خان، محمد يوسف ۽ عابده پروين سان پڻ رهيون.... اهڙيون شخصيتون ڪجھ ماڻهن کي سدا ياد رهندڙ هونديون آهن، پوءِ ڀلي ته زماني جي گردشن ۾ اهي ماضيءَ جي گُڦائن ۾ ڪٿي رهجي به وڃن! ***ڪجھ ڏينهن اڳ مون کي لاڙڪاڻي ضلعي جي ڏکڻ ۾ واقع هڪ شهر باڊهه ۾، اتان جي هڪ سماجي ڀلائيءَ لاءِ ڪم ڪندڙ تنظيم ”باڊهه سوشل فورم“ جي سَڏ تي، نالي واري سائنسدان البرٽ آئنسٽائين جي پيش ڪيل ”ٿيُورِي آف رِليٽِوِٽي“ يعني ”نسبتي نظريي“ تي ليڪچر ڏيڻ لاءِ وڃڻو پيو.... وَين ۾ لاڙڪاڻي کان باڊهه وڃي رهيو هيس ته سفر دوران جن ٻن ڳالهين سڀني مسافرن کي پريشان ڪيو، تن مان هڪ ته لاڙڪاڻي کان ڏوڪريءَ تائين ڊٿل روڊ جو ڏاڍي خراب حالت ۾ هجڻ هو، جيڪو گذريل ٻن اڍائي سالن کان اهڙي خراب حالت ۾ آهي ۽ اڃا تائين ٺهي نه سگھيو آهي، جنهنڪري اچ وڃ ۾ وقتُ به گھڻو لڳي ٿو، ماڻهن پاڻ کي ڏاڍو ڏکيو محسوس ڪن ٿا، ايڪسيڊينٽ جو پڻ امڪان وڌي وڃي ٿو ۽ سڄي واٽ ماڻهو گاڏيءَ ۾ ٿَـڙڪندو رهي ٿو، ۽ ٻيو ته ڊرائيور ويگن کي کٽارا لوڪل بس وانگر هلائي رهيو هو ۽ هِتي هُتي بيهاري رهيو هو.... هڪُ گرميءَ جي مُند، ڏينهن تَپندڙ، ٻيو ڀَڳل ٽُٽل روڊ ۽ ٽيون ڊرائيور جي ان اندازَ مسافرن کي ڏاڍو پريشان ڪيو، هُو دانهُون ڪرڻ لڳا، پر ڊرائيور انهن سڀني ڳالهين کان ڪَن لاٽار ڪيون پنهنجيءَ ۾ لڳو پيو هو. مسافرن لاءِ اها ڳالهه اڃا ڏُکي هئي، پر هُو ٻيو وڌيڪ ڪري به ڇا پئي سگھيا! ان صورتحال ۾ مون کي هڪ ڳالهه جو کُٽڪو هو ته متان ڊرائيور پنهنجي زبانَ تي ڪنٽرول نه رکي سگھي ۽ ماڻهن سان بدتميزيءَ سان نه پيش اچي، ڇاڪاڻ ته اهڙين حالتن ۾ ڪيئي ڀيرا ڊرائيور مسافرن جي بيعزتي ڪندي به دير نه ڪندا آهن. پر هيءُ ڊرائيور ان لحاظ کان چڱو ماڻهو هو، جو هن اهڙي ڪا به ڳالهه نه ڪئي ۽ تهمل سان مسافرن جون ڳالهيون ٻڌندو رهيو، جيڪي پوءِ نيٺ صبر ڪري چُپ ٿي ويا. چوڻ جو مقصد آهي ته اها سٺي ڳالهه آهي ته اسان ٻئي جي ڳالهه ٻڌون، پر جيڪڏهن اها سٺي ۽ درست آهي ته ان تي عمل به ڪيون. ان ريت اسان پنهنجي ماحول ۽ سماج کي سهپ جوڳو بڻائي سگھنداسون. مان واسطيدار اٿارٽين کي به گذارش ڪندس ته اهي ماڻهن جي تڪليفن ۽ ڏکيائيُن تي ڌيان ڏين ۽ انهن کي سهولتون ميسر ڪري ڏين. ***