شوڪيس ۾ درد رکيل آهن

'مختلف موضوع' فورم ۾ رياضت ٻرڙو طرفان آندل موضوعَ ‏5 آگسٽ 2012۔

  1. رياضت ٻرڙو

    رياضت ٻرڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 جون 2012
    تحريرون:
    306
    ورتل پسنديدگيون:
    879
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ماڳ:
    لاڙڪاڻو
    رياضت ٻرڙو
    شوڪيس ۾ درد رکيل آهن

    ايڏو اوندهه منڊُ، جُگـنو هڪ به نه جيـئـرو!
    تـارا سـڀ تــڙجــي ويــا، چــاري نـاهه چــنــڊُ،
    هِي اونداهو کَنڊ! تـڙڦي شَل ڪو تِرورو! (شيخ اياز)
    اسان جون زندگيون ڪيڏي نه مصروفيت ۾ گذرن پيون! ڏسجي ته هر ماڻهو وٺ پڪڙ ۾ لڳو پيو آهي. ڪنهن وٽ به وقت ڪونهي، پوءِ اهو ٻُڍو هجي يا ٻار، جوان هجي يا اڌڙوٽ، ۽ مرد هجي يا عورت! جنهن کان به پڇبو، پيو دانهون ڪُوڪُون ڪندو ته ڪم ڏاڍو آ، نبري ئي نه ٿو، واند ئي ناهي.... ماڻهوءَ جون مصروفيتون ايڏيون آهن جو خبر ئي نه ٿِي پوي، ته صبح مان شام ٿِي وڃي ٿِي، ۽ ڏينهن رات ۾ سمائجي ٿو وڃي. وقت اڏامي ٿو پيو، سج کي پَر لڳل آهن جيڪي روشنيءَ جي رفتار سان ٿا هلن! ۽ سج کي کنڀي وڃي سمنڊ جي گهِراين ۾ ٿا اُڇلن!
    سائين منهنجا! جڏهن انهن مصروفيتن تي سوچيون ٿا ته معلوم ٿو ٿئي ته اهڙيون به مصروفيتون آهن جن کي الائي ته ڪنهن مصروفيت جو نالو ڏنو آهي! مثال طور، جيڪڏهن ماڻهوءَ جو وقت هوٽل تي چانهن جي انتظار ۾ ويٺي ويٺي گذري ٿو وڃي، ته به هو مصروف آهي.... جيڪڏهن ماڻهو ڪنهن ٻئي شهر وڃي رهيو آهي ۽ ويگن يا بس جي انتظار ۾ بيٺو آهي يا اُنهيءَ ۾ ويٺو آهي، ته به مصروف آهي، جيتوڻيڪ هُو اهو وقت ڪنهن چڱي ڪم ۾ گذاري سگھي ٿو يعني ڪو ڪتاب پڙهي سگھي ٿو، اخبار مان مستفيض ٿي سگھي ٿو يا پنهنجيءَ موبائيل تي ايف ايم ريڊيو هلائي ڪا نيوز بليٽن، ڪا سٺي ڳالهه يا ڪو چڱو گانو ٻڌي سگھي ٿو.
    ڏسجي ته اهڙيون مصروفيتون جيڪي حقيقت ۾ بهانا ئي آهن ڪن ٻين ڳالهين يا ڪمن کان ڪَن لاٽار ڪرڻ جا يا پاڻ کي زماني جي وڪڙن ۾ ڏاڍو ڦاٿل هجڻ ظاهر ڪرڻ جا.... ڀلا جيڪڏهن اسان پنهنجي ڊيوٽي ايمانداريءَ سان ڪيون ٿا ته ان کي مصروفيت ٿورو ئي چئبو، اها ته حلال جي ماني ٿِي کائڻِي، يا جيڪڏهن اسان ڪنهن مريض کان سندس طبيعت پڇڻ يا حال ڀائي ٿيڻ وڃون ٿا ته اها مصروفيت ناهي، اها ته هڪ چڱائي آهي، جيڪا انسان هئڻ ناتي اسان جي فرض ۾ شامل آهي.... شايد مصروفيت اهو بهانو آهي جيڪو اسان پاڻ کي ڪنهن ماڻهوءَ کان ملڻ کان لهرائڻ لاءِ ٻڌايون ٿا، يا جيڪو اسان وقت تي ڊيوٽيءَ تي پهچڻ کان بچڻ لاءِ استعمال ڪيون ٿا، يا ڪو چڱائيءَ جو اهڙو ڪم ڪرڻ کان نٽائڻ لاءِ ٻڌايون ٿا جنهن ۾ اسان کي پنهنجي وقت ۽ پئسي جي قرباني ڏيڻي پوي ٿِي....
    ڪهڙي به ڪم کي نه ڪرڻ لاءِ هزار بهانا جوڙي سگھجن ٿا پوءِ اهي ٺهڪندڙ هجن يا نه، جيتوڻيڪ سمجھي هر ڪو ويندو آهي، پر گذارش اها ڪرڻ ٿو چاهيان ته وقت واقعي به وڏي وَٿ آهي، جيڪڏهن اهو سجايو ڪيون ٿا. ماضيءَ ۾ نهارڻ سان اسان کي ڪيئي سال، جِي ها ڪيئي سال، اهڙا نظر ايندا، جيڪي الائي ته ڪيئن گذري ويا، جيتوڻيڪ اسان انهن کي تنهن وقت ڏاڍي مصروفيت ۾ گذاريو هوندو، ته پوءِ، جيڪو وقت هاڻي ڏاڍي مصروفيت ۾ گذاريون ٿا، اهو به ٿي سگھي ٿو ته جڏهن ماضيءَ جو حصو بڻجي وڃي ته ايئن ئي محسوس ٿئي، ڄڻ اجايو ويو. ان ڪري اسان کي پنهنجي سوچڻ جا انداز ٻيا بڻائڻا پوندا، اهڙا اندازَ، جيڪي مجموعي طور انسانذات جي چڱائي نه رڳو چاهيندڙ هجن، پر ان لاءِ لوچيندڙ به هجن.
    ***
    دوستو! درد جون ڪيفيتون به عجيب ٿين ٿيون. سنڌ جي هڪ ڀلوڙ شاعر ملڪ نديم جو هڪ تجريدي نظم هن ريت آهي:
    بازار جي شوڪيس ۾،
    منهنجا درد رکيل آهن.
    خوشبودار هر خواب گاهه ۾،
    منهنجن غمن جا گلاب آهن.
    محبت جي فقط هڪ خوبي آهي،
    جو هن کي هر قيمت تي،
    غلامي قبول ناهي.
    اِن نظم ۾ ڪيڏي نه پيڙا سمايل آهي! بازار جي شوڪيس ۾ درد رکيل هجن ته انهن جي قيمت ته ضرور لڳندي نه. دردَ وِڪري لاءِ رکي اسان ڪيڏي نه تڪليف مان گذريا آهيون، پر ڪٿي ايئن ته ناهي ته ان مان اسان هڪ سُڪون به حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي! پر درد جون ڪيفيتون ئي ڇا، خود دردُ به ته عجيب ٿئي ٿو.... درد تڪليف ته ڏيندو ئي آهي، ماڻهوءَ کي پيڙا مان گذاريندو ته آهي ئي آهي، پر دردُ ماڻهوءَ کي سُرور به ڏيندو آهي. دردَ مان ماڻهو مزو به وٺندو آهي.... ها سائين منهنجا! درد جو سرور، درد جو مزو ڪو ڪو ماڻهو ئي وٺي سگھندو آهي، ان سور کي ڪو ڪو ماڻهو ئي محسوس ڪري سگھندو آهي ۽ ان سرور مان لطف اندوز به ٿي سگھندو آهي. اها هر ڪنهن جي ڳالهه ناهي.... اوهان سوچيندا هوندا ته ڀلا دردَ مان سرور ڪيئن ملندو؟ ڪيئن درد مان مزو ملي سگھندو؟ اها به ڪا سياڻپ جي ڳالهه چئبِي! هي ته ٿيون ٺَلهيون ڳالهيون ٺاهڻيون....
    پر، ايئن ناهي. درد واقعي به مزو ڏيندو آهي، ان مان سچ پچ به سرور ملندو آهي، جيڪڏهن اهو درد ڏيندڙ ڪو پرين پيارو هوندو آهي ته ان درد مان سُڪون ملندو آهي. جيڪڏهن درد ڏيندڙ هٿ ريشم جهڙا نرم هجن، ته ان درد جي لذت روح کي نرم بڻائي ڇڏيندي آهي. جيڪڏهن درد ڏيندڙ نيڻ خماريل هجن ته رات جا سڀ سپنا خمارن ۾ وٺجي ويندا آهن.
    ***
    خواهشن جي دنيا به ڏاڍي عجيب دنيا ٿئي ٿي! ڪڏهن ڏاڍي وڻندڙ، ته ڪڏهن ڏاڍو پريشان ڪندڙ. ڪڏهن وجود ٺاريندڙ، ته ڪڏهن نِهوڙي ڇڏيندڙ. ڪڏهن خوشين ۾ مستي ڀريندڙ، ته ڪڏهن افسوس جي جَهان ۾ رُلائي ڇڏيندڙ.... انسان چاهيندي يا نه چاهيندي به خواهشن جي دنيا ۾ ضرور ويندو رهندو آهي ۽ خوش فهمين ۾ مگن ٿي، پاڻ لاءِ الائي ڇا جو ڇا چاهيندو رهندو آهي. هُو ڪڏهن آسمان جيڏو اوچو بڻجڻ جي آرزو ڪندو آهي، ته ڪڏهن خدا جيان سڀ ڪجھ ڪري سگھندڙ سگھ جو مالڪ بڻجڻ جي خواهش ڪندو آهي!.... هُو ڪڏهن ته سڄيءَ دنيا جو مالڪ ٿيڻ چاهيندو آهي ۽ ڪڏهن پنهنجون ٽي يا پنج خواهشون پوريون ٿيڻ جو طالب رهندو آهي، ۽ ان لاءِ هزارين حيلا هلائيندو آهي. خواهش پوري ٿِي ته واهه واهه، نه ته ارمان ۾ وٺجي ويندو آهي....
    ڪي خواهشون انفرادي ٿينديون آهن، ته ڪي اجتماعي. انفرادي خواهشن ۾ ماڻهو عام طور پنهنجي لاءِ ۽ پنهنجي ٻارن لاءِ اهڙيون شيون چاهيندو آهي جيڪي هن کي سک ۽ سهولتون ڏين، مثال طور سٺو گھر يا بنگلو، نئين گاڏِي، ڀلِي نوڪري، نوڪر چاڪر، وڏن ماڻهن سان اُٿڻ ويهڻ، ناماچاري، بئنڪ بئلنس وغيره، مطلب ته سماجي اسٽيٽس، جنهن مان سندس اميري ۽ خوشحالي ظاهر ٿئي.... ۽ اجتماعي خواهشن ۾ قوم ۽ ملڪ جي بهتري، ٻوليءَ ۽ ڪلچر جي واڌ ويجھ، انسانذات سان چڱائيءَ ڀرئي روئي جو ڦهلاءُ، سهپ جو مادو پيدا ٿيڻ، تعليم ۽ صحت جو گھڻي ۾ گھڻو هجڻ، وغيره شامل آهن.
    هِندُ جي هڪ خوبصورت سنڌي شاعر ايم ڪمل جو شعر آهي:
    خواهشون ننڍڙيون ٿِي ويون،
    ٻـــــار هـــاڻــــي وڏا ٿــيــا آهــن.
    اِن شعر ۾ وري خواهش جو ٻيو رُخ پيش ڪيل آهي، پنهنجين ذاتي يا فردِي خواهشن کي ڇڏي ٻارن جي خواهشن جو ذڪر ڪيل آهي، جن کي پُورو ڪرڻو آهي. پر اهو سڀ ڪجھ ڪيڏو نه عجيب آهي! اسان خواهشن جي پٺيان ڊُڪڻ ڇو نه ٿا ڇڏيون! ڇو نه ٿا اهڙو ڪجھ ڪريون جيڪو خواهشن جي رُڃ پٺيان هلائڻ بدران حقيقت جي پيچري تي اڳتي وڌڻ لاءِ اتساهي، پوءِ ڀلي ته ان اتساهه جي سفر ۾ اسان جون خواهشون پنهنجو پاڻ پوريون ٿينديون وڃن....
    ***
    دنيا جي مشهور مفڪر، شاعر ۽ اديب خليل جبران جو چوڻ آهي: ”ياد رکڻ به ملاقات جي هڪ صورت آهي ۽ وساري ويهڻ به جدائيءَ برابر.“ الا! ڪيڏِي نه وڏي ڳالهه آهي! اسان انساني سماج ۾ رهندڙ آهيون، جنهن ۾ اسان جو واسطو هڪٻئي سان رهي ٿو. ان صورت ۾ ٻين انيڪ ڳالهين سميت اسان ڪڏهن، ڪنهن سَمي ڪنهن هڪ يا گھڻن ماڻهن سان گذاريون ٿا، ته ڪنهن وقت ڪجھ ٻين ماڻهن سان. ڪجھ ماڻهن سان اسان جا ناتا وقتي ٿين ٿا، ته ڪجھ سان گھڻ وقتي، ۽ ڪجھ ماڻهن سان وري اسان جا ناتا ڪُل وقتي هوندا آهن، جن کان اسان ڪڏهن به ڇِڄي نه سگھندا آهيون. ان صورت ۾ پنهنجن ڪهڙن عزيزن ۽ قريبن، سنگتين ۽ ساٿين، يارن ۽ دوستن، سڄڻن ۽ سُونهنِ ۽ ٻين انهن انيڪ ماڻهن کي ياد رکون ٿا ۽ ڪهڙن ڪهڙن کي وساري ويهون ٿا، جن جو اسان جي زندگيءَ ۾ ننڍو يا وڏو، ٿورو يا گھڻو ۽ اهم يا غير اهم ڪردار آهي، پوءِ ان ياد رکڻ يا وساري ويهڻ جو ڪارڻ جائز هجي يا مڙئي سِڙئي. اهو هڪ اهم سوال آهي.... ٻيو ته ڪنهن ماڻهوءَ کي ياد رکڻ جا به ڪيئي طريقا ۽ اندازَ آهن. مثال طور جڏهن، ڪٿي ڪا ڪچهري ٿيندي هجي ته ان ماڻهوءَ جو ذڪر ڪيون، سندس چڱاين جي ڳالهه ڪيون ۽ سندس ڪنهن اهڙيءَ ڳالهه بابت ڳالهايون جيڪا ڏاڍي وڻندڙ هجي.... ڪڏهن اڪيلا هجون ته ان ماڻهوءَ جي سارَ کي هڪ پيار وانگر پنهنجي من ۾ محسوس ڪيون ۽ سندس وجود جي سرهاڻ سان واسجي وڃون.... اهڙي ياد ويلَ ان ماڻهوءِ کي هڪ ايس ايم ايس ڪري ڇڏيون، ته کيس احساس ٿئي ته هُو اسان کي اُن وقت ياد آهي، اسان کان وسريو ناهي.... جيڪڏهن اهو ماڻهو اسان کان ڪاوڙيل آهي، اسان سان نه ٿو ڳالهائي ٻولائي، ته ان کان پڇون ته ڇو اسان کان ناراض آهين، نيٺ اسان کان ڪهڙي خطا ٿي آهي، اسان ڪهڙي غلطي ڪئي آهي، جو سزاوار ٿيا آهيون....
    ***
    دوستو! اثرائتين ڳالهين، قولن، جملن، گفتن يا چَوِڻين ۽ پهاڪن، خاص طرح گهر جي وڏڙن جي ڳالهين ۾ وڏي ڏاهپ لڪل هوندي آهي. يقين ڪيو، ته اسان کي ڪو به اندازو نه هوندو آهي ته ڪنهن وقت ڪا به ڳالهه دل ۽ دماغ تي اهڙو پائدار، ڏُور رس ۽ ڪارگر اثر ڪري ويندي آهي، جنهن جي اسان کي ڪا به ڪَٿ نه هوندي آهي، پر اها ڳالهه اڳلي جي زندگيءَ ۽ سوچن کي نئون موڙ ڏئي ويندي آهي.... اهڙيون ڪجھ اثرائتون ڳالهيون اوهان اڳيان پيش ڪيان ٿو، جيڪي ڪتابن مان ڪوريون اٿم:
    * ”معاشري جي مڙني برائين جي پاڙ شخصي ملڪيت آهي.“
    * ”غير ضروري بحث، ڪنهن به دوست کي جدا ڪري سگھي ٿو.“
    * ”ڪرسي ۽ دولت ناڪافي آهي. انسان ان مان ڍاپندو ئي ناهي.“
    * ”سفر جي مفاصلي جو دارومدار مسافر جي حوصلي تي هوندو آهي.“
    * افلاطون چيو آهي ”اڪثر ڪري انسان ان ڪري نقصان ۾ ويندو آهي جو هُو ڪنهن سان به مشورو ئي نه ڪندو آهي.“
    ڳالهيون ڳچ آهن، پر هن ڀيري صرف اهي ئِي.
    ***
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    سچيون ڳالهيون ڪيل ۔۔۔۔۔ دوستن، پيارن ۽ عزيزن لاء ٽائيم ناهي پر فيسبوڪ تي سڄو ڏينهن ويٺو آهيان۔

    سوچيندو آهيان ته مصروفيتون ته آهن پر انهن مصروف گهڙين مان گهر وارن لاء، دوستن لاء، چاهيندڙن لاء، ڏسندڙن لاء، وقت ڪڍي سگهان ٿو پر پوء به سڀ ڪري نه ٿو سگهان، الائي ڇو۔ اها وقت جي ستم ظريفي آهي الائي منهنجي نالائقي آهي۔
     
  3. رياضت ٻرڙو

    رياضت ٻرڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 جون 2012
    تحريرون:
    306
    ورتل پسنديدگيون:
    879
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ماڳ:
    لاڙڪاڻو
    اسان پاڻ کي وقت جي قيد ۾ ڏئي چُڪا آهيون۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو