پهرين مئي پورهيتن جو عالمي ڏينهن

'مختلف موضوع' فورم ۾ رياضت ٻرڙو طرفان آندل موضوعَ ‏5 آگسٽ 2012۔

  1. رياضت ٻرڙو

    رياضت ٻرڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 جون 2012
    تحريرون:
    306
    ورتل پسنديدگيون:
    879
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ماڳ:
    لاڙڪاڻو
    رياضت ٻرڙو
    سُڪي ئي نه ٿو پورهيتن جو پگھر

    پڙاڏو سو سڏُ، وَرُ وائيءَ جو جي لهين،
    هُـــئــــا اڳـهِـيـــن گــــڏ، ٻــــڌڻ ۾ ٻـه ٿِــيـــــا.
    پهرين مَئي سڄيءَ دنيا جي 80 ملڪن ۾ ”مزورن ۽ پورهيتن جي عالمي ڏينهن“ طور ملهايو ويندو آهي. انهن ملڪن ۾ پاڪستان به شامل آهي.... سنڌ جي نالي واري شاعر ۽ لاڙڪاڻي واسي مرحوم واجد جو ان حوالي سان هڪ خوبصورت شعر آهي:
    هِــي سـنــڌ ديــس آ يــا شــڪــاگــو نـئــون،
    جو سُڪي ئي نه ٿو پورهيتن جو پگھر.
    جيتوڻيڪ ان شعر ۾ سنڌ ۾ پورهيتن جي پِيڙا ڀري حياتيءَ جي تصويرڪَشي ڪئي وئي آهي، پر اسان ڏسي سگھون ٿا ته سڄي ننڍي کنڊ ۾ پورهيتن ۽ مزورن جي اهڙي ئي اُگري حالت آهي. سندن جيئڻ جنجال بڻيل آهي، پل پل سور ۽ تڪليف ۾ گذري ٿو ۽ اهي وڏن مسئلن سان منهن مقابل ٿين ٿا.... پورهيتن جي زندگي ڏاڍي ڪَٺن گذري پئي، اهو ئي سبب آهي جو سندن پگھر سُڪي ئي نه ٿو ته کين ٻِي مزوري ڪرڻي ٿِي پئي، تڏهن ئي اهي حياتيءَ جي تند کي جيئن تيئن ڪري ڳنڍيل رکي سگھن ٿا....
    منهنجي هڪ دوست، هڪ ايس ايم ايس ۾ اڄوڪي ”پورهيتن جي ڏينهن“ جي حوالي سان هڪ سهڻو شعر لکي موڪليو:
    سو جاتي هين فوٽ پاٿ پي اخبار بيچ ڪر،
    مـزدور ڪڀـي نيـنـد ڪِي گـولِي نهيـن کاتي.

    مزورن جي تحريڪ جو بنياد پهرين مئي 1886ع تي تڏهن پيو، جڏهن اتر آمريڪا جي لکين پورهيتن، ڏهاڙي ڪم جو وقت 8 ڪلاڪ مقرر ڪرائڻ لاءِ شڪاگو شهر ۾ هڙتال ڪئي. ان موقعي تي مظاهرو ڪندڙ هڪ وڏي فارم امپليمينٽ فئڪٽريءَ ۾ پکڙجي ويا، جيڪا يونين جي ڪارڪنن لاءِ بند ڪئي وئي هئي.... ان کان پوءِ 3 مئي تي مظاهرو ڪندڙن ۽ ڪجھ مخالف مزورن جي وچ ۾ چڪريءَ دوران پوليس ٻن مزورن کي گوليون هڻي ماري ڇڏيو. ٻئي ڏينهن هيمارڪيٽ چَوڪ تي هڪ احتجاجي ريليءَ دوران پوليس تي هڪ بم اڇليو ويو، جنهن جي رد عمل ۾ پوليس مظاهرو ڪندڙن تي انڌا ڌنڌ گوليون هلايون. ان دوران 8 انارڪسٽ اڳواڻ گرفتار ڪيا ويا، جن کي ڪيس هلائي موت جي سزا ڏني وئي. جڏهن ته انهن مان ٽن ڄڻن پوءِ معافي ورتي.... انهن واقعن جي ڪري اڳتي هلي مزورن طرفان بين الاقوامي سطح تي احتجاج شروع ٿي ويا ۽ 1889ع ۾ نئين سوشلسٽ پارٽيءَ جي، جيڪا ڪارل مارڪس جي 1860ع واري ڏهاڪي ۾ منظم ڪيل پهرين انٽرنيشنل جي جاءِ نشين هئي، ته ان پارٽيءَ جي ٻِي انٽرنيشنل جي پهرين ڪانگريس ٿي، جنهن ۾ مزورن کي پهرين مئي تي مزدورن جي طاقت واري اتحاد جي سالياني مظاهري طور هڙتال ڪرڻ جو سڏ ڏنو ويو....
    سڄو ڏيهُه ڏاٽا ڪري جي اُڀـا،
    لکين عيد جا، چنڊ اُڀري پون.
    ان ڏس ۾ مظاهرو ڪندڙن خاص سڌارن جو مطالبو ڪيو. مزدورن جي انهيءَ تحريڪ سبب يورپ ۾ مزدورن جو نئون طبقو ۽ انهن جون نيون سياسي پارٽيون اڀريون، جن جلد ئي مزدورن جي ڪمن جي ڪلاڪن، سندن هفتيوار موڪل ۽ ٻين حقن واري جدوجهد کي تيز ڪري ڇڏيو، جنهن کان پوءِ مجبور ٿي ڪم جا 8 ڪلاڪ مقرر ڪيا ويا ۽ مزدورن کي ٻيون به سهولتون ڏنيون ويون. (حوالو: روزاني ”ڪاوش“ حيدرآباد)
    جڏهن ته اسان وٽ پورهيتن جي حالت اڃا تائين غربت ۾ گذرندڙ آهي. ان حوالي سان نئين ٽهيءَ جي هڪ مشهور شاعر آسي زمينيءَ جو شعر آهي:
    اَٽـو، لَـٽـو ۽ اجھــو، ڳــولـيـنــدي يـارو!
    پورهيت ويچارو، سدا ساڳي حال ۾!
    پهرين مئي جو ڏينهن اڄ به انهن شڪاگو جي شهيدن جي مڃتا ۾ ملهائجي ٿو. اڄوڪي پهرين مئي تي سوين شهرن ۾ ريليون ڪڍيون وڃن ٿيون، ڪانفرنسون ۽ سيمينار منعقد ٿين ٿا، مزورن ۽ پورهيتن جا عوامي ميڙ ڪوٺايا وڃن ٿا، جتي مزورن ۽ سندن حقن جي حمايت ۾ ۽ سرمائيداريءَ جي مخالفت ۾ ويچار ونڊيا وڃن ٿا ۽ مجموعي طور مزورن جي مسئلن تي گفتگو ڪئي وڃي ٿي..... پر ان ڏينهن ملهائڻ جو خاص مقصد ڪهڙو آهي؟ هي ڏينهن ملهائڻ ڇو ضروري آهي؟ اهي ۽ اهڙا ٻيا ڪيئي سوال ضرور اسان جي ذهنن ۾ اُڀرن ٿا، ان کان سواءِ ٻار به جڏهن پهرين مئي جو ذڪر ٻُڌن ٿا ته پڇن ٿا ته پهرين مئي مزورن جو ڏينهن ڇو آهي؟
    پهرين مئي مزورن سان هڪ ٿيڻ، سندن ساٿ ۾ ساٿ ڏيڻ جو ڏينهن آهي، هي ڏينهن انهن شهيدن کي ڀيٽا آهي جن پنهنجن مزور ڀائرن سان ساٿ ڏيندي پنهنجيءَ جانِ جي به پرواهه نه ڪئي.... هي ڏينهن ان تحريڪ جي تجديد آهي ته اڄ به جيڪڏهن ڪنهن مزور سان انياءُ ٿيندو ته اهو مزور اڪيلو نه هوندو، سڀ مزور ان جي ساٿ ۾ هوندا، هي ڏينهن صنعتڪارن ۽ سرمائيدارن کي ياد ٿو ڏياري ته اوهان مزورن جي حقن تي ڌاڙو هڻي نه ٿا سگھو، نه ئي کانئن بيگر وٺي سگھو ٿا، هي ڏينهن مزور کي سجاڳ ٿو ڪري ته تنهنجو ناتو صرف پنهنجو پاڻ سان ناهي، پر ان سڄيءَ دنيا جي ڪميونٽيءَ سان آهي، جنهن کي دنيا پورهيت جي نالي سان سڃاڻي ٿي.
    سنڌ جي نالي واري شاعر استاد بخاريءَ جو هڪ خوبصورت چَوسٽو آهي:
    جن وٽ پورهيو، پيار، صداقت، سي ويڳاڻا ڇـو؟
    جـن وٽ داڻــا، چـــاڻــا، نــاڻــا، سـي سـڀ راڻــا ڇــو؟
    هر هڪ ڏينهن هزارين تاڪيا، ٺاهي ٿِي هر ”مِل“،
    انـگ اُگھــاڙا جــن نه ڍڪـــايـــا، ســي آڏاڻـــــا ڇــــو؟
    ***
    دوستو! بهار جي موسم موڪلائي چُڪي. هاڻي جهولا پنهنجو زور وٺندا پيا وڃن ۽ ماڻهو سج جي تاءُ کي بيزاريءَ منجھان سَهي رهيو آهي.... اونهاري جو سج جيءَ تي باهه جا اُلا اُڇلائڻ لڳو آهي، جنهن جي لڱ ساڙيندڙ تپش من کي مُونجھو پئي ڪري.... ان صورتحال ۾ ڇا ڪجي؟ ڪيئن گذارجي ان ڪَٺن سمي کي، جنهن ۾ بجلي پڻ بيوفا محبوبا جيان، محبوبا چئجي به يا نه، پر ڄڻ ته بيوفا محبوبا جيان هر ٻن ٽن ڪلاڪن کان پوءِ رُسي وڃي ٿي ۽ وڏي انتظار کان پوءِ اچي ٿِي، ته به پَڪ نه ٿي رهي ته ڪيترو وقت هوندي! ٻيهر ايندي به الائي نه، ڪا خبر ناهي، پر منهن ڏيڻو آهي. اڳُ به اهڙا ڏينهن سَٺا آهن، ته هيل به سهِي وڃبا! پر سوال آهي ته ڪيسين؟ ڪٿي ايئن ته نه، ته جيسين تن ۾ ساهه آهي، پيو اونهاري جو جھولن ۽ بجليءَ جي اڻهوند کي سهبو ۽ ڪڏهن آسمان کي شڪايتي نظرن سان ڏسبو، ته ڪڏهن بيٺل پکي ۽ وساميل بلب کي ميارون پيون ڏبيون.... بهرحال، ماڻهوءَ سان مسئلا هزار آهن، ڪي فطرتي، ته ڪي انساني، يعني پنهنجا پيدا ڪيل. هِڪڙا مسئلا ختم ٿين ٿا ته ٻيا ڪَر کنيو بيٺا آهن. ماڻهو پنهنجي وَس آهر پيو جاکوڙي. اوهان به اسان سان گڏ، هن اونهاري کي سَهڻ جي ڪوشش ڪجو، ڇو ته ان کان سواءِ ٻِي ڪا واٽ سُجھي نه ٿي. سج جي تاءَ کي پاڻ گھٽائي نه ٿا سگھون، جو موسمَ قدرتي آهي، ان تي اسان جو ڪو اختيار نه هلندو، البت ڪي اُپاءَ وٺي سگھون ٿا.... مثال طور، سڀ کان پهرين ته وقفي وقفي سان پاڻي پيئندا رهون ته جيئن جسم ۾ پاڻيءَ جي کوٽ نه ٿئي، ممڪن هجي ته ليمو-پاڻي ضرور پيئون، ٿڌيون شيون واپرايون، خاص طور هنداڻي جو مزو به وٺون ته فائدو به، ۽ ٻيون ڪيئي ڳالهيون....
    سائين منهنجا! اونهاري جا جھولا ۽ تتل ڏينهن سولا وڃڻا ناهن، اڃا ته انهن جي آمد ٿي آهي. جُون ۽ جولاءِ ته اڃا اڳتي آهي، تهان پوءِ آگسٽ ۽ سيپٽمبر به ساهه نپوڙي موڪلاڻي ڪندا آهن.... منهنجي دل چوي ٿي ته انهن کَل ساڙيندڙ لُڪَن، باهه جي اُلن، ڏڪارن جي انديشن ۽ پوءِ وري سانوڻ جي مينهنِ ۽ گل گلزارين جي حوالي سان سنڌ جي جيڪا عڪاسي سنڌ جي مهان ڪوي شيخ اياز ڪئي آهي، سا اوهان اڳيان پيش ڪيان، جنهن ۾ حرف حرف حقيقت سان سلهاڙيو پيو آهي.... شيخ اياز چوي ٿو:
    جِت لُڪ لڳي، جت اَڪ تَپن،
    سو ديس مسافر، منهنجو ڙي!
    جت سجّ ڦُلا ٿِي نڪري ٿو،
    ۽ آگ اُلا ٿي نڪري ٿو،
    جت ڏينهن ڪڙهائيءَ جيئن ڪَڙهن،
    سو ديس مسافر، منهنجو ڙي!
    جت ڪارِي اُسّ ڪنواٽن تي،
    ۽ ويڙهيچن جي واٽن تي،
    ٿا واريءَ جا وسڪارَ ٿِين،
    سو ديس مسافر، منهنجو ڙي!
    جت ڪيئي صدين سالن کان،
    پولارن کان، پاتالن کان،
    ٿا ڏُرت اچن، ڏهڪاوَ پون،
    سو ديس مسافر، منهنجو ڙي!
    ڪو ساوڻ نيٺ ته وَسڻو آ،
    ۽ گاهُه گسَن تي گسڻ آ،
    جت نيٺ ڪڏهن ولهار وَسن،
    سو ديس مسافر، منهنجو ڙي!
    آ آسَ اِها هڪوار وَسن،
    ۽ جَر ٿَر ويروتار وسن،
    ۽ بادل برسي بسّ نه ڪَن!
    سو ديس مسافر، منهنجو ڙي!
    ***
    دوستو! اهي ننڍڙيون ۽ مختصر ڳالهيون، جن ۾ وڏي ڏاهپ لڪل آهي، جن ۾ ٿورن لفظن ۾ گھڻو ڪجھ چيل آهي، جن جي لغوي معنى پنهنجيءَ جاءِ تي، پر اصطلاحي معنى سوچ کي نئين مٿانهينءَ تي رَسائي، ۽ مجموعي طور جيڪا ڳالهه ماڻهوءَ کي اڃا وڌيڪ بهتر ماڻهو بڻائي، جيڪا کيس عقليت پسند بڻائي ۽ انسانيت جي ويجھو ڪري.... اهڙيون ڪجھ منتخب ڳالهيون، مطالعي جي ميز تان:
    * خليل جبران چيو آهي: ”محبت هڪ نوراني لفظ آهي، جنهن کي نوراني هٿن، نوراني ڪاغذ تي لکيو آهي.“
    * حڪيم سقراط جو چوڻ آهي: ”مرد اک آ ته عورت ان جي نظر، مرد گل آهي ته عورت ان جي خوشبو.“
    * ڀڳت ڪبير جو چوڻ آهي: ”سوٽيلي ماءُ سان به برو سلوڪ نه ڪر، ڇاڪاڻ ته هوءَ تنهنجي پيءُ جي گھر واري آهي.“
    * ڪنهن چڱي ماڻهوءَ جو چوڻ آهي: ”ڪنهن ماڻهوءَ جي عظيم هجڻ جون ٻه نشانيون آهن، ته هن کي ٻارن ۽ غريبن سان ڪيترو پيار آهي.“
    * افلاطون چيو آهي ”اڪثر ڪري انسان ان ڪري نقصان ۾ ويندو آهي جو هُو ڪنهن سان به مشورو ئي نه ڪندو آهي.“
    ***
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    پورهيت جي پگهر مان سرهاڻ اچي ٿي

    خوبصورت ليک
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو